Posts

اقامتِ دین جي جدوجهد جا مرحلا

Image
ﷲ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو : شَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّیْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّ الَّذِیْۤ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ وَ مَا وَصَّیْنَا بِهٖۤ اِبْرٰهِیْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِیْسٰۤى اَنْ اَقِیْمُوا الدِّیْنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوْا فِیْهِ١ؕ كَبُرَ عَلَى الْمُشْرِكِیْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَیْهِ١ؕ اَللّٰهُ یَجْتَبِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَهْدِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یُّنِیْبُ   ان توهان لاءِ دين جو اُهو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم ان نوح کي ڏنو هيو ۽ جنهن جي وحي اسان تو ڏانهن ڪئي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسٰى ۽ عيسٰى کي ڪيو هيو ته توهان دين کي قائم ڪيو ۽ فرقن ۾ نه ورهائجو. مشرڪن مٿان اها ڳالهه ڳري آهي جنهن ڏانهن تون انهن کي سڏين ٿو. ﷲ جنهن کي چاهي ٿو پاڻ ڏانهن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان کي پاڻ ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽي ٿو. (سورة الشُّوۡرٰی، آيت نمبر: 13) ان ئي آيت کي  نظم جي صورت ۾ سنڌ جي  توحيد پرست ۽ انقلابي مزاحمتي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح رحمہ ﷲ هن ريت چيو آهي : ڌڻيءَ اوهان لئہ  دِين ڪيو ،  قائـِم  برقرار،  جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير...

آئون توهان کي پنجن ڳالهين جو حڪم ڏيان ٿو (حضرت محمد ﷺ)

Image
محمد رسول ﷲ ﷺ سنڌيڪار :علي سنڌي (هي مسند احمد شريف ۽ جامع ترمذي شريف جي هڪ حديث مان کنيل نبوي ﷺ فرمان آهي،جنهن کي ترتيب ڏئي مضمون جي شڪل ۾ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. هن حديث شريف جي اهميت اها آهي ته ان ۾ اقامت دين ۽ خلافت جي قيام جي جدوجهد جا مرحلا بيان ڪيا ويا آهن. سڀ کان پهريان حضرت يحيي عليه السلام جا پنج ڪلمات يا حڪم آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهون انفرادي طور پاڻ کي نظام اسلامي جي جدوجهد جو اهل بڻائي سگهي ٿو. ان کان پوءِ رسول ﷲ ﷺ جن وڌيڪ پنج ڪلمات يا حڪم ڏين ٿا، جيڪي اصل ۾ اجتماعي جدوجهد لاءِ مسلمانن کي منظم ڪرڻ جا طريقه ڪار ۽ مرحلا آهن. هي حديث نبوي ﷺ جيتري امت لاءِ اهم آهي، اوتري ئي اڄ جي دور ۾ اجنبي بڻجي چڪي آهي. وقت جي تقاضا آهي ته مسلمان ان حديث شريف کي سمجهن ۽ ان جي روشني ۾ غلبہءِ اسلام جي جدوجهد کي اڳتي وڌائن.) ﷲ تعاليٰ حضرت يحييٰ بن زڪريا عليهما السلام کي پنجن ڳالهين جو حڪم ڪيو ته هو پاڻ به انهن تي عمل ڪري ۽ بني اسرائيل کي به انهن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. پر اهي ڳالهيون ٻڌائڻ ۾ هن کان دير ٿيڻ لڳي. تنهن تي حضرت عيسٰي عليه السلام کين چيو ته "اوهان کي ﷲ پاڪ پنجن...

اسلامي سنڌ جي سورمي - راڻي لاڏي رحمۃ ﷲ عليها

Image
سنڌ کي باب الاسلام بنائڻ ۾ صرف عرب مجاهدن جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي سنڌي موحد مسلمانن به انهي ڀلاري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انهن غازي محمد بن قاسم ثقفي رحه جي لشڪر ۾ شامل ٿي، راجا ڏاهر ۽ سندس فوج سان مقابلو ڪيو. ڪن پنهنجي علمي صلاحيتن کي الله جي راهه ۾ صرف ڪيو ته ڪن وري پنهنجي اثر رسوخ سان سنڌي عوام جي دلين ۾ اسلامي لشڪر جي حمايت پيدا ڪئي. ​انهن ڀلارن مڙسن سان گڏ موحد عورتن پڻ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ئي هڪ انقلابي، اسلام پسند ۽ موحده سنڌي ناري "راڻي لاڏي" هئي، جنهن سنڌ جي تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. ​راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي ۽ شاهي پسمنظر ​راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي بابت تاريخي رڪارڊ ۾ وڌيڪ تفصيل نٿا ملن. البته، هوءَ سنڌ جي آخري برهمڻ حڪمران راجا ڏاهر جي پهرين گهر واري ۽ سنڌ جي راڻي هئي. سندس تعلق شاهي گهراڻي سان هو ۽ راجا ڏاهر مان کيس اولاد پڻ هو، جنهن مان هڪ جو نالو "راجا گوپي" هو. ​گرفتاري، حسن سلوڪ ۽ اسلام جو قبول ڪرڻ ​10 رمضان 93 هجري ۾ راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ، راڻي لاڏي مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ هڪ قيدياڻي هئي، پر محمد بن قاسم ساڻس نهايت...

فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم ثقفي رحمہ ﷲ

Image
          عماد الدين محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم  بن ابي عقيل ثقفي رحمہ ﷲ 17 شعبان 66ھ بمطابق 684ع ۾ دمشق ۾ ڄائو. سندس پيءُ قاسم بن محمد اموي شاهي خاندان جو ممتاز امير هو. محمد بن قاسم اڃان صغير هو ته سندس پيءَ وفات ڪئي ۽ والده جي سايي هيٺ تربيت وٺڻ لڳو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس ذهانت جو نمونو پکڙجڻ لڳو. سندس ڪٽنب وٽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ايتري دولت ڪانه هئي تنهنڪري دمشق جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جي نگراني هيٺ فاتحِ سنڌ جنگ جا هنر سکڻ لڳو. سندس ذهانت جي فوجي عملدار تعريف ڪرڻ لڳا.          خلیفہءِ وقت وليد بن عبدالملڪ جڏهن فوجي ڇاوڻي ۾ فوجن جو معائنو ڪرڻ ايندو هو تڏهن محمد بن قاسم کي پاڻ سان ويهاري ساڻس محبت ڀريون ڳالهيون ڪندو هو. 14 ورهين جي عمر ۾ فوجي قابليت ڪري کيس اعليٰ عهدو مليو. هو خوبصورت نوجوان هو. سندس اکيون وڏيون، پيشاني ڪشادي، بازو گول، ڪرايون ويڪريون، گلابي رنگ، هيبتناڪ آواز ۽ بدن پورو پنو هوس. سڀ کان اهم ڳالهه ته قدرت کيس جيڪا دل ۽ جگر عطا ڪيو هو، سو فولاد هو. سندس بلند خيالن ۽ مستحڪم ارادن مان سندس لياقت ۽ بهادري جو جوهر ٽپڪندو هو. جيتوڻيڪ فوجي سپاهي هو. مگر ...

محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف ۾ فرق

Image
جيئن ته محمد بن قاسم، عراق جي والي حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ ناٺي هو ۽ سندس حڪم تي ئي سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئائين. انهيءَ ڪري ڪن کي اها غلط فهمي ٿئي ٿي ته هو به حجاج وانگر ئي سنگدل ۽ ظالم هوندو. حجاج ئي اهو شخص هو، جنهن قدم قدم تي بن قاسم جي رهنمائي ڪئي ۽ سڄي لشڪر جو زبردست انتظام ڪيائين. حجاج بنيادي طور هڪ ظالم ۽ جابر حاڪم هو. هن مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ قتل عام ڪرايو. ڪيترن ئي صحابہ ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين کي شهيد ڪيو. ڪوفي شريف ۾ اچڻ شرط ئي قتل و غارت جي بازار گرم ڪيائين. هن جي قهر کان تقريبًا 20 لک مسلمان قتل ٿيا. 80 هزارن کان به مٿي قيدي، سندس قيدخانن ۾ موجود هئا جن کي هن بيگناھ قيد ڪيو هو. سڀني مورخن کيس ننديو آهي. صحابہ کرام و سلف صالحين کيس هميشه ننديندا رهيا هئا. اسلامي دنيا ۾ هن جهڙو سفاڪ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو. البته صحابہ و تابعین سڳورن ساڻس بغاوت يا جنگ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. جنهن جو هڪ سبب رسول الله ﷺ طرفان اڳواٽ کين روڪي ڇڏڻ هو. صحيح بخاري جي ڪتاب الفتن ۾ حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته "جيڪو ماڻهو پنهنجي حاڪم کان ڪجهه...

راجا ڏاهر جو پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ

Image
راجا ڏاهر ۽ راجڪماري ماين: راجڪماري ماين راجا ڏاهر جي اها ڀيڻ هئي، جنهن سان هن رسمي شادي ڪئي هئي. قصو هن ريت آهي ته راجا چچ پنهنجي ڌيءَ راجڪماري ماين جو سڱ راجا رمل کي ڏنو هو. جيڪو رمل نالي هڪڙي رياست جو راجا هو. چچ جي مرڻ کان پوء چندر حڪومت ڪئي. چندر کان پوء سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اتر سنڌ تي راجا ڏاهر حڪومت ڪرڻ لڳو. جڏهن ته ڏکڻ سنڌ تي راجا چندر جو پٽ راج حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هن جي حڪومت هڪ سال کان وڌيڪ نه رهي. سندس وفات کان پوء ڏکڻ سنڌ جو بادشاه راجا ڏاهر جو وڏو ڀاءُ راجا ڏهرسينہ بنجي ويو. راجڪماري ماين به راجا ڏهرسينه سان رهيل هئي. راجڪماري ماين جي شادي جون تياريون: راجا ڏهرسينہ هاڻي سوچيو ته ڇو نه راجڪماري ماين جي شادي ڪرائي وڃي. انهي مقصد لاء  هن راجڪماري ماين کي راجا ڏاهر وٽ اروڙ موڪليو. ڇو ته اهو هنن جو اباڻو شهر هو ۽ راجا ڏاهر کي چيائين ته سندس شادي جو انتظام ڪري. راجا ڏاهر به پنهنجي ڀيڻ جي شادين جي تيارين ۾ لڳي ويو. هندو رواج مطابق جوتشين کان راڻي ماين جو زائچو ڪڍيو ويو. جوتشين حساب ڪتاب ڪرڻ کان پوء راجا ڏاهر کي هي بري خبر ٻڌائي ته "راڻي ماين جو مڙس سنڌ جي حڪومت اوهان کا...

انقلابِ نبوي ﷺ جي ٻين انقلابن سان ڀيٽ

Image
    ڊاڪٽر اسرار احمد /سنڌيڪار : علي سنڌي محمد رسول ﷲ ﷺ جن جي اصل عظمت، جنهن کي اسان انسان هجڻ جي حيثيت ۾ سمجهي سگهون ٿا. جنهن جو ڌاڪو پاڻ ﷺ جن سڄي دنيا کان مڃائي ورتو آهي ۽ جنهن جو انڪشاف پوري عالمِ انسانيت تي ظاهر ٿي چڪو آهي، سو هي آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن دنيا جو سڀ کان عظيم، سڀ کان ڳنڀير ۽ همہ گير ترين انقلاب برپا ڪيو هو. اهو انقلاب پاڻ سڀ کان ٿوري وقت ۾ برپا ڪيو هئائون. ان کان به وڌيڪ نمايان ڳالھ اها آهي ته انهيءَ انقلابي تحريڪ جي شروعات کان خاتمي تائين جيڪي به مرحلا پيش آيا، تن مان هر هڪ مرحلي جي اڳواڻيءَ جو ذمو بہ پاڻ پنهنجي سر تي کنيائون. ان اعتبار سان ڀيٽ ڪيون ته انساني تاريخ جا ٻه انقلاب مشهور آهن. هڪ انقلابِ فرانس آهي. دنيا مان بادشاهت جي خاتمي ۽ جمهوري دور جي شروعات ان انقلاب کان ٿي آهي. ان انقلاب کي اڄ تقريبًا سوا ٻه سو ورهيه گذري چڪا آهن. ٻيون روس جو بالشويڪ انقلاب آهي، جيڪو 1917ع ۾ برپا ٿيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ستر سالن جي اندر ان انقلاب جي موت اچي وئي. پر بقول شاعر جي "کھنڈر بتا رہے ہیں عمارت عظیم تھی۔" هي انقلاب وڏي جوش ۽ جذبي سان برپا ٿيو هو ۽ وڏي جوش ۽ جذبي...