فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم ثقفي رحمہ ﷲ
عماد الدين محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي عقيل ثقفي رحمہ ﷲ 17 شعبان 66ھ بمطابق 684ع ۾ دمشق ۾ ڄائو. سندس پيءُ قاسم بن محمد اموي شاهي خاندان جو ممتاز امير هو. محمد بن قاسم اڃان صغير هو ته سندس پيءَ وفات ڪئي ۽ والده جي سايي هيٺ تربيت وٺڻ لڳو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس ذهانت جو نمونو پکڙجڻ لڳو. سندس ڪٽنب وٽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ايتري دولت ڪانه هئي تنهنڪري دمشق جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جي نگراني هيٺ فاتحِ سنڌ جنگ جا هنر سکڻ لڳو. سندس ذهانت جي فوجي عملدار تعريف ڪرڻ لڳا.
خلیفہءِ وقت وليد بن عبدالملڪ جڏهن فوجي ڇاوڻي ۾ فوجن جو معائنو ڪرڻ ايندو هو تڏهن محمد بن قاسم کي پاڻ سان ويهاري ساڻس محبت ڀريون ڳالهيون ڪندو هو. 14 ورهين جي عمر ۾ فوجي قابليت ڪري کيس اعليٰ عهدو مليو. هو خوبصورت نوجوان هو. سندس اکيون وڏيون، پيشاني ڪشادي، بازو گول، ڪرايون ويڪريون، گلابي رنگ، هيبتناڪ آواز ۽ بدن پورو پنو هوس. سڀ کان اهم ڳالهه ته قدرت کيس جيڪا دل ۽ جگر عطا ڪيو هو، سو فولاد هو. سندس بلند خيالن ۽ مستحڪم ارادن مان سندس لياقت ۽ بهادري جو جوهر ٽپڪندو هو. جيتوڻيڪ فوجي سپاهي هو. مگر نهايت خليق، حليم الطبع، شيرين زبان ۽ ٻاجهارو هو. ننڍي وڏي سان ميٺاج ۽ محبت سان ڳالهائيندو هو. ننڍا وڏا سندس اوصاف حميده جي تعريف ڪندا هئا. فوج ۾ وڏي عمر وارا عملدار، جيڪي سندس ماتحت ڪم ڪندا هئا، تن سان عزت ۽ مروت سان پيش ايندو هو. مٿين خوبين ڪري هر دلعزيز هو.
فارس جي ولايت :
محمد بن قاسم، سترهن ورهين جي عمر ۾ سنہ 83ھ بمطابق 700ع ۾ فارس جي تخت گاهه شيراز جو گورنر مقرر ٿيو. نهايت برجستائي، عدل ۽ انصاف سان حڪومت جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. پگهار مان جيڪي بچندو هيس، سو اسلامي تبليغ تي خرچ ڪندو هو. فرصت جي وقت عوام اڳيان تقريرون ڪندو هو جن کي ماڻهو شوق سان ٻڌندا هئا. سندس اخلاق مندي ۽ ايماني قوت کي ڏسي وڏا وڏا علماءِ ڪرام، مشائخِ عظام ۽ مجتهد سندس تعريف ڪندا هئا. (جنت السنڌ، ص: 98)
فضائل:
غازي محمد بن قاسم رحمه ﷲ جو تعلق قبيله بني ثقيف سان هو. جيڪي نبي ﷺ جي دور ۾ طائف ۾ رهندا هئا. نبي اڪرم ﷺ جن نبوت جي ڇهين سال طائف ويا ۽ اتان جي ٽن سردارن کي اسلام جي دعوت ڏني. پر انهن ان کي قبول نه ڪيو. بلڪ نبي ڪريم ﷺ جن مٿان بدترين تشدد ڪيائون ۽ مٿن پٿرن جا مينهن وسائيندين کين شهر کان ٻاهر ڪڍيائون. ايتريقدر جو نبي ڪريم ﷺ جن رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا. تڏهن حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ جبلن جو ملائڪ آيو ۽ کانئن اهل طائف مٿان عذاب نازل ڪرڻ جي اجازت گهريائين، پر رحمت للعالمين ﷺ جن کيس منع ڪندين فرمايو
بَلْ أَرْجُو أَنْ يُخْرِجَ اللَّهُ مِنْ أَصْلَابِهِمْ مَنْ يَعْبُدُ اللَّهَ وَحْدَهُ لَا يُشْرِكُ بِهِ شَيْئًا
ترجمو : "مونکي اميد آهي ته ﷲ پاڪ انهن جي نسل مان اهڙا ماڻهون پيدا ڪندو، جيڪي صرف هڪ ﷲ جي عبادت ڪندا ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪندا." ( صحيح بخاري، حديث نمبر :3231)
آخرڪار سنه 8 هجري ۾ طائف فتح ٿيو ۽ بني ثقيف قبيلو مسلمان ٿي ويو. جنهن کان پوءِ سندن نسل مان ڪيئي اهل ايمان پيدا ٿيا. غازي محمد بن قاسم رح به انهن مان هئا. ايئن سمجهو ته پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن جي ان بشارت جا مصداق آهن.
محمد اسحاق ڀٽي صاحب پنهنجي ڪتاب "برصغير ۾ اسلام ڪي اولين نقوش" ۾ محمد بن قاسم جي سيرت لکندين چئي ٿو :
"قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم تابعي هو. پاڻ پنهنجي شهر بصره ۾ رهندڙ حضرت انس بن مالڪ ۽ ٻين صحابي سڳورن رضوان ﷲ عليهم اجمعين کان ضرور استفادو ڪيو هوندو. (برصغير ۾ اسلام ڪي اولين نقوش، ص:139)
غازي محمد بن قاسم رح جو هڪ ٻئي صحابيءِ رسول ﷺ حضرت براءِ بن عازب رضي ﷲ عنه کان به اڻ سڌي طرح فيض وٺڻ ثابت آهي. جيئن سنن ترمذي جي هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ پنهنجي آزاد ڪرده غلام يونس بن عبيد کي براء بن عازب رضي ﷲ عنه وٽ نبي ڪريم ﷺ جن جي جهنڊي جي باري ۾ دريافت ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. (سنن ترمذي، حديث نمبر :1680)
غازي محمد بن قاسم رح جي هڪ فضيلت اها به آهي ته پاڻ "فاتح سنڌ" آهن. سنڌ ۽ هند تي چڙهائي ڪرڻ جي بشارت نبي ڪريم ﷺ جن ڏيندين فرمايو آهي :
((یَکُونُ فِی ہٰذِہِ الْأُمَّۃِ بَعْثٌ إِلَی السِّنْدِ وَالْہِنْدِ۔))
ترجمو : "هن امت جو هڪ لشڪر سنڌ ۽ هندوستان ڏانهن چڙهائي ڪرڻ لاءِ ويندو. "
حديث جو راوي حضرت ابو هريره رضي ﷲ عنه ان تي تبصرو ڪندين فرمائي ٿو:
"فَإِنْ أَنَا أَدْرَکْتُہُ فَاسْتُشْہِدْتُ فَذٰلِکَ، وَإِنْ أَنَا فَذَکَرَ کَلِمَۃً رَجَعْتُ وَأَنَا أَبُو ہُرَیْرَۃَ الْمُحَرَّرُ قَدْ أَعْتَقَنِی مِنَ النَّارِ۔"
ترجمو :" جيڪڏهن آئون ان ۾ شريڪ ٿيس ۽ شهيد ٿي ويس ته پوءِ تمام بهتر. پر جيڪڏهن فاتح ٿي واپس آيس ته پوءِ مان جهنم جي باھ کان آزاد ابوهريره هوندس."
(مسند احمد, حديث نمبر :11969)
جيتوڻيڪ اها حديث ضعيف آهي. پر ان جي تائيد ڪيترين ئي صحيح حديثن مان ٿئي ٿي. جيئن نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي :
عِصَابَتَانِ مِنْ أُمَّتِي أَحْرَزَهُمَا اللَّهُ مِنْ النَّارِ عِصَابَةٌ تَغْزُو الْهِنْدَ وَعِصَابَةٌ تَكُونُ مَعَ عِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ عَلَيْهِمَا السَّلَام (سنن ترمذي : 3177, مسند احمد : 12475)
يعني: " منهنجي امت جي ٻن گروهن کي ﷲ جهنم جي باھ کان آجو ڪيو آهي. انهن مان هڪ گروه اهو آهي ، جيڪو (سنڌ ۽) هندوستان تي حملو ڪندو ۽ ٻيون اهو گروه اهو آهي، جيڪو حضرت عيسي عليه السلام سان گڏجي جهاد ڪندو."
فتحِ سنڌ :
بديل ۽ عبدﷲ بن نبهان جي شهادتن کان پوءِ حجاج بن يوسف کي محمد بن قاسم ئي سنڌ جي مهم لاءِ موزون لڳو ۽ هن کيس سنڌ طرف روانو ڪيو. 93ھ / 712ع ۾ بن قاسم سنڌ جي بندرگاه ديبل کي فتح ڪيو. ديبل کان بعد نيرون ڪوٽ، سيسم، سيوستان ۽ جيور فتح ڪندو، سنڌ جي تختگاهه راوڙ کي فتح ڪيائين ۽ راجا ڏاهر کي قتل ڪري سنڌ تي "خلافت اسلامیہ" جي ڪنٽرول جو اعلان ڪيائين. ان کان بعد اروڙ، ڪڇ ملتان سميت باقي سنڌ کي پڻ فتح ڪيائين. انهن دوران کيس اڪثر جاين تي مزاحمت ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه پئي. جنهن جو سبب عوام طرفان برھمڻ راجا ڏاهر جي ظلمن کان بيزار ٿي وڃڻ هو. ديبل کي فتح ڪرڻ بعد بن قاسم اتان جي جنگجو سپاهين کي قتل يا قيد ڪري ورتو. البته شهر واسين کي امان ڏئي ڇڏيائين. هتان جي ڪجهه ماڻهن سندس دعوت تي اسلام پڻ قبول ڪيو، جن ۾ هڪ مشهور پنڊت پڻ هو، جنهن جو بعد ۾ " مولائ اسلام ديبلي " نالو رکيو ويو. پر تاريخ دان کي ان کي "مولانا اسلامي جي لقب سان ياد ڪندا آهن. نيرون ڪوٽ جو راجا ٻڌ ڌرم جو پيروڪار هو ۽ مسلمانن ڏانهن اڳ ۾ ئي خط و ڪتابت وسيلي اطاعت جو يقين ڏياريو هو. هن جي ڪري نيرون ڪوٽ تي به آساني سان مجاهد قابض ٿيا ۽ رعايا کي جزيي عيوض امان ڏني وئي. جيور واسين وڙهڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان امن پسند آهيون. اهڙي طرح بغير لڙائي جي هي قلعو به هٿ اچي ويو ۽ مقامي ماڻهن کي امان ڏني وئي. سيوستان واسين پهريان مزاحمت ڪئي، پر هتان جي هڪ ڏاهي جي چوڻ تي انهن مسلمانن جي اطاعت قبول ڪري ورتي. ان دوران محمد بن قاسم عوام مٿان ڪنهن به طرح جو ظلم نه ڪيو. مقامي ماڻهن کي امان ڏيندو ويو. جيڪڏهن جنگجو سپاهين کي قتل ڪيائين ته ظاهر آهي جنگين ۾ مخالف فوجين کي قتل ڪيو ويندو ۽ شهرن جي فتحن کان بعد اتان جي راجائن جو شاهي خزانو به فاتح جو ٿيندو آهي. (واضح رهي ته ان خزاني ۽ دولت ۾ مقامي راجائن جا غلام ۽ لونڊيون به شامل آهن). بن قاسم به ان اصول تحت شاهي خزانو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان ۾ ڪنهن به طرح جي زيادتي ناهي. جڏهن محمد بن قاسم راوڙ جي قلعي کي گهيرو ڪيون ويٺو هو ته کيس اطلاع مليو ته سيوستان وارن ٻيهر بغاوت ڪري ڏني آهي. جنهن ڪري ڪجهه لشڪر اوڏانهن موڪليائين. لشڪر کي شهرواسين چيو ته اسان جو بغاوت سان ڪوبه تعلق نه آهي، هي سڀ ڪم ٻاهرين ڌر جا آهن. جنهن تي شهرين کي ٻيهر امان ڏنائون ۽ سندن مدد سان سيوستان ٻيهر حاصل ڪري ورتائون. بن قاسم جي رحمدلي ۽ درگذري جو ان کان وڏو ڪهڙو مثال هوندو، جو بغاوت ڪرڻ باوجود شهر واسين کي ٻيهر امان ڏنائين. راوڙ کي فتح ڪرڻ بعد اتان جو شاهي خزانو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ راجا ڏاهر جي عيال کي قيد ڪري خليفي ڏانهن موڪليائين، ڇاڪاڻ ته انهن جو تعلق جنگ ڪندڙن ۽ انهن جي حامين مان هو. اروڙ ۽ ملتان ۾ به بن قاسم ساڳي ڪار ڪئي. يعني شهرين ۽ واپارين کي امان ڏنائين. البته جنگجوئن کي قتل ۽ قيد ڪيائين. ملتان جي پنڊتن کيس پاڻ اچي ٻڌايو ته هتان جي مندر جي هيٺان وڏي پئماني تي سون ۽ چاندي لڪائي وئي آهي. جنهن کي ابن قاسم ڪڍرائي دارالخلافه موڪليو.
بن قاسم جي عمر بابت غلط فهمي :
عام طور مشهور آهي ته غازي محمد بن قاسم جي عمر سنڌ کي فتح ڪرڻ مهل 17 سال هئي. پر محمد اسحاق ڀٽي صاحب ان کي رد ڪندين لکي ٿو :
"ابن قتيبه عيون الاخبار ۾، يعقوب حموي معجم البلدان ۾، بلاذري فتوح البلدان ۾ ۽ ٻين مستند مورخن پنهنجي تصنيفن ۾ لکيو آهي ته کيس 83 هجري ۾ شيراز ۽ فارس جي گورنري ملي هئي ۽ اتي هن ڪردن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو هو. فتح سنڌ جو واقعو ان جي ڏهن سالن کان پوءِ 93 هجري ۾ پيش آيو آهي. جيڪڏهن 93ھ ۾ سندس عمر 17 سال مڃبي ته پوءِ 83ھ ۾ فارس جي ولايت ملڻ مهل سندس عمر ست سال وڃي بيهي ٿي. جيڪو قطعي غلط آهي. اصل ۾ ايئن آهي جو جڏهن پاڻ 17 سالن جي عمر ۾ فارس جي ولايت لاءِ روانو ٿيو، ته اتي شاعرن سندس بهادري ۽ شجاعت کي ڳايو. تڏهن ڪن ماڻهن سمجهيو ته فتحِ سنڌ جي وقت ۾ سندس عمر 17 سال هئي. حالانڪه ايئن ناهي. بلڪ سنڌ جي فتح جي وقت ۾ هو 27 کان 28 سالن جو هو. (برصغير ۾ اسلام ڪي اولين نقوش، ص: 138)سنڌ جو نامور محقق ۽ تاريخ نويس رحيم داد خان مولائي شيدائي به پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ سندس پيدائش جو سال 66ھ لکيو آهي. جنهن مطابق به سندس عمر فتح سنڌ واري وقت ۾ 27 سال بيهي ٿي.
سنڌ جو انتظام :
محمد بن قاسم کي حجاج بن يوسف سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. سنڌ جي فتح ٿي وڃڻ کان بعد هن هتان جو انتظام مقامي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنو. سندس وزير ۽ صلاحڪار "سيساگر" نامي هندو هو، جيڪو راجا ڏاهر جو پڻ وزير رهي چڪو هو. نيرون ڪوٽ جو حاڪم "ٻجهيراءِ" نامي ٻڌڌرم جو پيروڪار هو. ديبل شهر جو خزانچي ۽ مقامي گورنر جو صلاحڪار ۽ رهنما مقامي نومسلم "مولائ اسلام ديبلي رح" کي ڪيائين. ان کان سواءِ هو مقامي ماڻهن ۽ عربن جي وچ ۾ ترجمان پڻ هو. موڪا بن وسايو ڪوهستان جو والي مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته سندس ڀاءُ راسل بن وسايو کي پنهنجي فوج جي اهم جرنيلن ۾ شامل ڪيائين. جنهن برھمڻ آباد جي معرڪي ۾ راجا ڏاهر جي پٽ راجا جيسينه کي شڪست ڏيندين برھمڻ آباد تي اسلام جو پرچم لهرايو. جزيو ۽ ٽيڪس وصولي جي لاءِ هن برهمڻن کي مقرر ڪيو. عوام سان سٺو سلوڪ ڪيائين. برابري، مساوات ۽ رواداري قائم ڪيائين. مسلمانن جا فيصلا قرآن و سنت جي روشني ۾ ٿيندا هئا. جڏهن ته هندن ۾ ٻين غيرمسلم ذمين کي پنهنجي مذهب ۽ طريقي مطابق فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجا مقدما وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. بن قاسم ڪنهن کي به مسلمان ٿيڻ تي مجبور نه ڪيو بلڪ کين پنهنجن مذهبن تي هلڻ جي آزادي ڏنائين. هندن جا مندر ۽ عبادتگاهون محفوظ هيون. مختلف جاين تي مسجدون تعمير ڪيون ويون ۽ اتي استاد مقرر ڪيا ويا ته جيئن هو مقامي ماڻهن کي ديني تعليم ڏئي سگهن. سندس حسن سلوڪ ڪري سنڌي عوام سندس فدائي ٿي ويو. هو سڀني جي دلين ۾ سمائجي ويو ۽ فتوح البلدان چواڻي ڪن سندس مجسما ٺاهي ورتا.
گرفتاري ۽ وفات :
سموري سنڌ جو انتظام درست ڪرڻ بعد هن قنوج تي ڪاه ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون، پر اوتري ۾ خليفي وليد بن عبدالملڪ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ خليفو ٿيو. هن محمد بن قاسم کي صرف انڪري گرفتار ڪري قيد ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو حجاج بن يوسف جو مائٽ هو ۽ حجاج سليمان جو مخالف هو. جنهن وقت کيس گرفتار ڪيو وڃي پيو ان وقت سنڌ واسي روئي رهيا هئا. سنڌ جي برهمڻ ۽ راجپوت سردارن کيس چيو ته اوهان حڪم ڪريو ته سڄي سنڌ اوهان سان گڏجي انهي ظلم خلاف وڙهندي ۽ توهان کي ڪوبه گرفتار ڪري نه سگهندو . جيڪڏهن بن قاسم هڪ اشارو ڏئي ها ته سڄي سنڌ سندس اشاري تي اٿي پوي ها، پر بن قاسم امت ۾ انتشار ۽ نااتفاقي ڦهلائڻ جو حامي نه هو. کيس قيد خاني ۾ سخت تشدد ڪري 95ھ ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس شهادت تي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمہ ﷲ وقت جي خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي سخت مذمت ڪئي. هو ٻه سال سنڌ ۾ رهيو. ان دوران پنهنجي انصاف، رحمدلي، فياضي،رواداري، خلوص ۽ اعليٰ انتظامي صلاحيتن بدولت سنڌين جي دلين ۾ گهر ڪري ويو. سندس وقت ۾ ڪڏهن به ڪا بغاوت نه ٿي هئي.

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.