داغ جنين جي ديد ۾ (ڪتاب جو تعارف)
علي سنڌي عديل مهر هڪ بهترين ڪالم نگار، نقاد، اديب ۽ لکاري آهي. سندس لکڻيون ڪمال هونديون آهن. ڪالم لاجواب هوندا آهن. تنقيد اهڙي ڪندو آهي، جو چڱن ڀلن جا هوش خطا ٿي ويندا آهن. سندس قلم هميشه سچ جو ساٿي ۽ حق جو ترجمان رهيو آهي. حق لکڻ کان هو ڪيٻائيندو ناهي. ميارون ڏيندڙن جي ميارن کان لهرائيندو ناهي. دوستن جي دشمن بڻجي وڃڻ جي پرواه به بنھ نه ڪندو آهي. هڪ پاسي هو سچو مسلمان آهي ته ٻئي پاسي هو غيرتمند ۽ محب وطن سنڌي آهي. هن جي هڪ هٿ ۾ اسلام ۽ ٻئي هٿ ۾ سنڌيت هوندي آهي. اسلام ۽ سنڌ جي نمائندگي هڪ ئي وقت بخوبي ڪندو آهي. آئون سوشل ميڊيا تي باقاعده سندس لکڻيون پڙهندو رهندو آهيان. هڪ پاسي ملحدن، سيڪيولرن، لبرلرن ۽ لادين قومپرستن جي آڏو اسلام جو صحيح موقف پيش ڪندو آهي ته ٻئي پاسي غدارن ۽ سنڌ دشمنن جي اڳيان بي باڪي سان سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهندو آهي. تازو ئي هڪ ڪتاب به لکيو اٿائين. ڪتاب جو نالو آهي "داغ جنين جي ديد ۾". ڪتاب ۾ امر جليل طرفان خدا جي شان ۾ ڪيل گستاخي جو جواب ڏنو ويو آهي. امر جليل 2017ع ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي. ڪهاڻي جو عنوان هو "خدا گم ٿي ويو آهي" (...