محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف ۾ فرق



جيئن ته محمد بن قاسم، عراق جي والي حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ ناٺي هو ۽ سندس حڪم تي ئي سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي هئائين. انهيءَ ڪري ڪن کي اها غلط فهمي ٿئي ٿي ته هو به حجاج وانگر ئي سنگدل ۽ ظالم هوندو. حجاج ئي اهو شخص هو، جنهن قدم قدم تي بن قاسم جي رهنمائي ڪئي ۽ سڄي لشڪر جو زبردست انتظام ڪيائين. حجاج بنيادي طور هڪ ظالم ۽ جابر حاڪم هو. هن مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ قتل عام ڪرايو. ڪيترن ئي صحابہ ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين کي شهيد ڪيو. ڪوفي شريف ۾ اچڻ شرط ئي قتل و غارت جي بازار گرم ڪيائين. هن جي قهر کان تقريبًا 20 لک مسلمان قتل ٿيا. 80 هزارن کان به مٿي قيدي، سندس قيدخانن ۾ موجود هئا جن کي هن بيگناھ قيد ڪيو هو. سڀني مورخن کيس ننديو آهي. صحابہ کرام و سلف صالحين کيس هميشه ننديندا رهيا هئا. اسلامي دنيا ۾ هن جهڙو سفاڪ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو. البته صحابہ و تابعین سڳورن ساڻس بغاوت يا جنگ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. جنهن جو هڪ سبب رسول الله ﷺ طرفان اڳواٽ کين روڪي ڇڏڻ هو. صحيح بخاري جي ڪتاب الفتن ۾ حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان روايت آهي ته نبي
ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته

"جيڪو ماڻهو پنهنجي حاڪم کان ڪجهه بڇڙائي معلوم ڪري ته (بغاوت بدران) صبر ڪري، ڇوته جيڪو شخص بادشاهه جي اطاعت کان گراٺ به ٻاهر نڪتو ۽ مري ويو ته جاهليت جي موت مئو."

اهڙي طرح ساڳي باب ۾ حضرت عباده بن صامت رضي الله عنه کان مروي هڪ حديث ۾ آهي ته رسول الله ﷺ جن پنهنجن سڀني صحابن رضوان الله عليهم اجمعين کان بيعت ورتي، جنهن ۾ هي شرط پڻ هو ته هر حال ۾ امير جي اطاعت ڪندا، جيستائين کائنس کليو ڪفر نه ٿا ڏسن.
حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه وٽ هڪ دفعي ماڻهو حجاج بن يوسف جي ظلمن جي شڪايت ڪرڻ آيا ته پاڻ کين چيائون ته
" صبر ڪيو. ڇوته اوهان تي جيڪو به دور ايندو، ان کان پوءِ وارو وڌيڪ بڇڙو هوندو. اها ڳالهه مون اوهان جي نبي ﷺ کان ٻڌي آهي." (صحيح بخاري، ڪتاب الفتن)
ان کانسواءِ هڪ سبب هي پڻ هو ته هن کان اڳ ۾ اسلامي سلطنت ۾ ڊگهي عرصي تائين جنگ ۽ بغاوتون جاري هيون. جنهن ڪري مسلم امت جي مرڪزيت ڪمزور ٿي چڪي هئي. 63ھ ۾ يزيد بن معاويه جي موت کان بعد سندس پٽ معاويه ثاني خلافت وٺڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري بني اميه ۾ اقتدار ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا. ٻئي پاسي مڪي شريف ۾ حضرت عبدالله بن زبير رضي الله عنه پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو ۽ اسلامي سلطنت ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي. آخرڪار خليفي عبدالملڪ بن مروان جي وقت ۾ حجاج بن يوسف ترقي ڪئي ۽ ان ئي سڀني بغاوتن کي ڪچلي اسلامي سلطنت کي هڪ ڀيرو ٻيهر متحد ڪري امن امان قائم ڪيو. صحابي سڳورا رضه حجاج ۽ وليد سان بغاوت ڪري مسلمانن ۾ ٻيهر خونريزي ڪرڻ نه پيا گهرن. ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان امت جي مرڪزيت ٻيهر ڪمزور ٿي وڃي ها. اسلامي سلطنت کي ڇيهو رسي ها، جنهن جو فائدو رومي سلطنت ۽ ٻيون ڪافر قوتون وٺن ها ۽ اسلامي حڪومت جو خاتمو اچي وڃي ها. انهيءَ ڪري هنن سندس سمورا ظلم ۽ ستم صبر سان سٺان.
محمد بن قاسم حجاج جهڙو هرگز نه هو. تاريخ مان کائنس ڪنهن به قسم جو ظلم ۽ سفاڪيت ثابت ناهي. هن به حجاج خلاف انهي ڪري ڪابه بغاوت نه ڪئي ۽ ان بدران سرحدن طرف جہاد کي ترجيح ڏني. سنڌ جي جهاد مان سندس عدل، انصاف، رحمدلي، فياضي ۽ رعيت پروري جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن سنڌ جا جيڪي به علائقا فتح ڪيا، اتي ڪنهن به عام شهري کي قتل نه ڪيائين. پر ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجن دشمنن کي به معاف ڪندو هو. مقامي ماڻهن کي عهدا ڏنائين، عوام سان سهڻو سلوڪ ڪيائين. سيستان جي ماڻهن جڏهن ٻيهر بغاوت ڪئي ۽ اسلامي لشڪر اوڏانهن پهتو ته شهرين ٻيهر امان ورتي. مسلمانن به کين ڏئي ڇڏي. اهڙن انيڪ واقعن مان حجاج ۽ بن قاسم ۾ فرق واضح ٿي وڃي ٿو. حجاج بن يوسف کي بن قاسم جا اهي گڻ پسند ڪونه هئا. پر جيئن ته ان وقت محمد بن قاسم کان وڌيڪ باصلاحيت ڪوبه ڪونه هو ۽ سنڌ جي مهم لاءِ اهو ئي موزون هو، ٻيو ته بن قاسم حجاج جو مائٽ پڻ هو انهيءَ ڪري هو سندس اها روش سهندو رهندو هو. البته جنگ دوران ڪيئي ڀيرا حجاج سندس اهڙي روش مان بيزار ٿي لکي
موڪليائينس ته
"مونکي توهان جي روش پسند ناهي ۽ تنهنجي حڪومت جي ڪري مان پريشان آهيان. ڇاڪاڻ ته تون امان ڏيڻ جو وڏو شوقين آهين... تنهنجي سڄي توجه دشمنن کي امان ڏيڻ ۽ فياضي ڪرڻ ۾ پوري ٿي رهي آهي... جي ايئن ئي فياضي ڪندو رهي ۽ جنگ ۾ فريب جو خيال به نه آندائين ته پوءِ جنگ جو خرچ ڪڍڻ لاءِ مونکي ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. " (چچ نامو، ص: 163)
هن خط مان به واضح ٿي وڃي ٿو ته محمد بن قاسم حجاج جهڙو نه هو. هو صرف" اولي الامر " جي نيڪ ڪمن ۾ اطاعت ڪندو هو، جڏهن ته ظالماڻي روش سان سندس ڪو به واسطو ڪونه هو. عام طور مستشرقين به محمد بن قاسم خلاف هميشه حجاج بن يوسف ۽ وليد بن عبدالملڪ جهڙن ظالمن جو سپھ سالار هجڻ جو دليل ڏيندا آهن. هنن کي بن قاسم جي ذات مان ڪوبه نقص نه ٿو ملي.

اهڙي طرح وليد بن عبدالملڪ جي باري ۾ مشهور آهي ته هو هڪ ظالم حڪمران هو. پر ڏٺو وڃي ته هو عوام جي حق ۾ بهترين ۽ عادل حڪمران هو. جنهن عوامي سهولتن لاءِ سڄي سلطنت ۾ مسافر خانن، اسپتالن ۽ درسگاهن جو ڄار وڇائي ڇڏيو هو. معذورن، بيمارن، ضعيفن، ٻارن، شاگردن ۽ عالمن لاءِ وظيفا ۽ پينشن مقرر ڪيون هئائين. حجاج بن يوسف کانسواءِ ٻيا سندس سمورا گورنر ۽ حاڪم نيڪ ۽ عادل هئا، جن ۾ مديني جو گورنر حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمہ ﷲ ۽ مصر ۽ آفريڪا جو گورنر موسي بن نصير شامل هئا.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ