ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟
ڇا اڄ جا مسلمان خلافت جي نظام لاءِ تيار ناهن؟ هڪ فڪري بحث خلافت بابت عوامي ۽ مذهبي حلقن جو موقف "خلافت جي ڳالھ نه ڪيو، ڇو ته ماڻهو خلافت لاءِ تيار ناهن. مان مڃان ٿو ته خلافت برحق آهي. خلافت ئي اسلام جو سياسي نظام آهي. هائو ادا! مان اهو به تسليم ڪيان ٿو ته خلافت جي دور ۾ مسلمانن وٽ عزت وقار، شان، شوڪت، آجپو، خوشحالي، ترقي ۽ طاقت هئي. پر اڄ جي دور ۾ خلافت جي ڳالھ ڪرڻ اجايو آهي." " اڄوڪا ماڻهو صحابه جهڙا ناهن رهيا. اڄوڪا ماڻهو ٻه وکون کڻي پاڙي جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ نه ٿا اچن. اڄوڪا مسلمان قرآن و سنت کان پري آهن. اوهان ٻڌايو ته ڪيترن کي ڏاڙهي رکيل آهي؟ اهي ماڻهو خلافت کي آخر ڪيئن قبول ڪندا؟ ڀلا توهان جو خلافت خلافت پيا ڪيو...! اوهان پنهنجي جسم مٿان خلافت نافذ ڪئي آهي؟ اڄ جيڪڏهن خلافت قائم ٿي وئي ته ان کي ماڻهو تسليم ئي ڪو نه ڪندا. تنهنڪري مان چوان ٿو ته ٻيلي! ڏاها ٿيو. خلافت خلافت جي پرچار ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي ڇهن فوٽن جي جسم مٿان خلافت لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيو. " جڏهن به اوهان خلافت جي ڳالھ ڪئي هوندي ته مٿيون ۽ ان جهڙيون ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون توهان کي رڳو عام ماڻهن جي واتان ...