ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ
علي سنڌي سنڌ جي تاريخ رڳو وڏن شهرن تائين محدود ناهي، پر هتان جي ننڍڙن ڳوٺن ۽ وسندين ۾ به تاريخ جا ڪيئي انمول خزانا دفن آهن. اهڙو ئي هڪ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ راوت خان لغاري آهي. هي ڳوٺ يونين ڪائونسل ٿلهو (ديهه جکرو) ۾ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي اتر ۾ تقريبًا 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن جي اتر کان نارو واھ وهي ٿو، جيڪو ماضيءَ ۾ علائقائي واپار جو مکيه ذريعو هو. ڏکڻ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ واقع آهي، جنهن کي " راوت لغاري ڍنڍ " چيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان هن خطي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ڳوٺ راوت خان لغاري جي تاريخي ڍنڍ جو خوبصورت منظر ڳوٺ جو بنياد ۽ نالي جو پسمنظر: هن ڳوٺ جو بنياد ڪيئن پيو ۽ راوت خان ڪير هو؟ ان حوالي سان سنڌ جي نامياري محقق عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ڪتاب " سنڌ جا ماڳ اماڳ" (صفحو: 62-63) ۾ لکي ٿو ته: "راوت فقير لغاري ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ميانوال تحريڪ سان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پاڻ کي فقير سڏايو جنهنڪري جيڪي به ماڻهون هن جي ويجهو هئا، سي به فقير سڏجڻ لڳا.... راوت فقير لغاري غالبًا 1700ع کان اڳ ميان دين محمد ڪلهو...