اسلامي سنڌ جي سورمي - راڻي لاڏي رحمۃ ﷲ عليها
سنڌ کي باب الاسلام بنائڻ ۾ صرف عرب مجاهدن جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي سنڌي موحد مسلمانن به انهي ڀلاري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انهن غازي محمد بن قاسم ثقفي رحه جي لشڪر ۾ شامل ٿي، راجا ڏاهر ۽ سندس فوج سان مقابلو ڪيو. ڪن پنهنجي علمي صلاحيتن کي الله جي راهه ۾ صرف ڪيو ته ڪن وري پنهنجي اثر رسوخ سان سنڌي عوام جي دلين ۾ اسلامي لشڪر جي حمايت پيدا ڪئي.
انهن ڀلارن مڙسن سان گڏ موحد عورتن پڻ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ئي هڪ انقلابي، اسلام پسند ۽ موحده سنڌي ناري "راڻي لاڏي" هئي، جنهن سنڌ جي تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو.
راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي ۽ شاهي پسمنظر
راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي بابت تاريخي رڪارڊ ۾ وڌيڪ تفصيل نٿا ملن. البته، هوءَ سنڌ جي آخري برهمڻ حڪمران راجا ڏاهر جي پهرين گهر واري ۽ سنڌ جي راڻي هئي. سندس تعلق شاهي گهراڻي سان هو ۽ راجا ڏاهر مان کيس اولاد پڻ هو، جنهن مان هڪ جو نالو "راجا گوپي" هو.
گرفتاري، حسن سلوڪ ۽ اسلام جو قبول ڪرڻ
10 رمضان 93 هجري ۾ راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ، راڻي لاڏي مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ هڪ قيدياڻي هئي، پر محمد بن قاسم ساڻس نهايت ئي اخلاق، عزت ۽ تهذيب سان پيش آيو.
اسلام جو حسن سلوڪ:
جڏهن راڻي لاڏي کي معلوم ٿيو ته مجاهدين جي هن مهذباڻي ۽ شريفانه رويي جو اصل سبب اسلامي تعليمات آهن، ته هوءَ اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿي وئي.
ابن قاسم سان شادي:
ان کان پوءِ محمد بن قاسم خليفي جي اجازت سان ساڻس نڪاح ڪيو ۽ کيس ٻيهر سنڌ جي راڻي جو درجو ڏنو. جيتوڻيڪ هوءَ عمر ۾ محمد بن قاسم کان ڪافي وڏي هئي ۽ سندس اولاد پڻ محمد بن قاسم کان وڏي عمر جو هو، پر هي نڪاح سياسي ۽ اخلاقي حوالي سان هڪ وڏو انقلابي قدم هو.
اروڙ جي فتح ۾ راڻي لاڏي جو تاريخي ڪردار
محمد بن قاسم جڏهن سنڌ جي گادي جي هند اروڙ (Aror) تي چڙهائي ڪئي، ته اتي راجا ڏاهر جو پٽ (جيڪو راڻي لاڏي جي بطن مان هو) قلعو بند ڪري ويٺل هو. راجا گوپي شهر واسين کان پنهنجي پيءُ جي موت جي خبر لڪائي رکي هئي ۽ هي افواهه ڦهلائي هئي ته راجا ڏاهر هندستان جي ٻين راجائن کان فوجي امداد وٺڻ ويو آهي. انهي ڪري ڪفار جو لشڪر سڄي جوش سان وڙهي رهيو هو.
اهڙي نازڪ وقت ۾ راڻي لاڏي پنهنجي پٽ جي خلاف وڃي حق جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
هوءَ اٺ تي سوار ٿي اروڙ جي قلعي جي ويجهو وئي. قلعي جي محافظن کيس سڃاڻي ورتو ۽ مٿان گڏ ٿي ويا.
شهر واسين کي خطاب:
راڻي لاڏي وڏي آواز ۾ چيو: "اي اروڙ واسيو! توهان جو راجا ڏاهر مارجي چڪو آهي ۽ سندس سسي دمشق موڪلي وئي آهي. هاڻي ڪو به آسرو نه رکو ۽ شهر مسلمانن حوالي ڪريو."
جذباتي منظر:
شهرين جا حوصلا ٽوڙڻ لاءِ هوءَ زارو قطار روئي رهي هئي ته جيئن کين پڪ ٿئي، پر ان وقت شهرين مٿس پٿراءُ ڪيو ۽ چيو ته "هيءَ عورت ڪوڙ ٿي هڻي ۽ مسلمانن سان ملي وئي آهي."
نيٺ محمد بن قاسم کيس زخمي حالت ۾ اتان ٻاهر ڪڍيو. بعد ۾ جڏهن هندستان مان ڪا مدد نه پهتي، ته شهرين هڪ نجومي کان پڇيو جنهن راجا ڏاهر جي موت جي تصديق ڪئي. اهو ٻڌي راجا گوپي رات جي اندهاري ۾ فرار ٿي ويو ۽ شهر مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو.
![]() |
| راڻي لاڏي - سنڌ جي اسلامي سورمي |
اروڙ جي رهواسين پاران سخت مزاحمت ۽ سرڪشي کان پوءِ، محمد بن قاسم شهر ۾ قتل عام جو حڪم ڏنو. جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان دشمن جو رعب ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا سخت فيصلا تاريخ ۾ مليا آهن، جيئن رسول الله ﷺ جن فرمايو ته "جنگ فريب (حڪمت عملي) آهي" ۽ مشهور جنگي ماهر سن زو (San Tzu) پنهنجي ڪتاب The Art of War ۾ به ان جو ذڪر ڪيو آهي. تاريخ ۾ نبي ڪريم ﷺ جن به بنو قريظه جي مسلسل عهد شڪني تي سخت سزا ڏني هئي.
پر ان موقعي تي راڻي لاڏي اڳتي وڌي محمد بن قاسم کي هڪ عظيم صلاح ڏني:
"حضور! هن شهر جي اڪثريت واپارين ۽ هنر مندن جي آهي. انهن کي قتل ڪرڻ بدران معافي ڏني وڃي ته جيئن هو ملڪ جي ترقي ۽ معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن."
غازي محمد بن قاسم کي اها حڪمت عملي پسند آئي ۽ هن قتل عام جو حڪم واپس وٺي سڄي شهر کي امان ڏئي ڇڏي.
سنڌ ۾ اسلامي راڄ ۽ راءِ عامه هموار ڪرڻ
شهر جي فتح کان پوءِ، راڻي لاڏي پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪيو. هن شهر جي معزز ۽ بااثر شخصيتن سان ڳالهائي کين محمد بن قاسم جو مطيع ۽ حامي بنايو.
جيڪو عوام ڪجهه وقت اڳ سخت خلاف هو، تنهن راڻي لاڏي جي ڪوششن سان اسلامي حڪومت جو شاندار استقبال ڪيو ۽ جشن ملهايو. اهڙي طرح اروڙ کي اسلامي سنڌ جو پهريون گادي جو هنڌ بنايو ويو.
راڻي لاڏي: اسلامي سنڌ جي عظيم سورمي
مهاراڻي لاڏي پنهنجي مٽن مائٽن، سڄي خاندان ۽ پنهنجي پٽ جي خلاف وڃي حق ۽ الله جي راهه جي مجاهدن جو ساٿ ڏنو. هڪ اهڙي قوم، ٻولي ۽ ڪلچر جو ساٿ ڏيڻ جنهن کان هوءَ اڳ ۾ واقف به نه هئي، ڪو معمولي ڪم ناهي. هوءَ يقيناً اسلامي سنڌ جي هڪ عظيم سورمي آهي.
سندس آخري زندگي بابت تاريخ خاموش آهي، پر عرب مورخن سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت هن عظيم راڻي کان ڪيتريون ئي روايتون پڻ حاصل ڪيون آهن. الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ مٿس رحمتون نازل ڪري. آمين!


Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.