اقامتِ دین جي جدوجهد جا مرحلا
ﷲ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو :
شَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّیْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّ الَّذِیْۤ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ وَ مَا وَصَّیْنَا بِهٖۤ اِبْرٰهِیْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِیْسٰۤى اَنْ اَقِیْمُوا الدِّیْنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوْا فِیْهِ١ؕ كَبُرَ عَلَى الْمُشْرِكِیْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَیْهِ١ؕ اَللّٰهُ یَجْتَبِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَهْدِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یُّنِیْبُ
ان توهان لاءِ دين جو اُهو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم ان نوح کي ڏنو هيو ۽ جنهن جي وحي اسان تو ڏانهن ڪئي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسٰى ۽ عيسٰى کي ڪيو هيو ته توهان دين کي قائم ڪيو ۽ فرقن ۾ نه ورهائجو. مشرڪن مٿان اها ڳالهه ڳري آهي جنهن ڏانهن تون انهن کي سڏين ٿو. ﷲ جنهن کي چاهي ٿو پاڻ ڏانهن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان کي پاڻ ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽي ٿو.
(سورة الشُّوۡرٰی، آيت نمبر: 13)
ان ئي آيت کي نظم جي صورت ۾ سنڌ جي توحيد پرست ۽ انقلابي مزاحمتي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح رحمہ ﷲ هن ريت چيو آهي :
ڌڻيءَ اوهان لئہ دِين ڪيو ، قائـِم برقرار،
جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار،
۽ جو توڏي ڪيوسون وِير! وَحي، پڻ جيڪا پاڪ پَچار،
عيسٰى، موسٰى ۽ اِبراهِيم کي، آڇِيسُون اِظهار،
ته قائم ڪريو دِين کي، ۽ نه ٿِيو تِنهن ۾ ڌار.
(نور القرآن)
هن آيت ۾ ﷲ پاڪ پنجن اولو العزم رسولن جا نالا کڻي انهن جي بعثت جو مقصد بيان ڪيو آهي. ﷲ پاڪ انهن رسولن کي هن عظيم مقصد لاءِ موڪليو هو، ته اوهان ﷲ جي نظام (دين) کي دنيا تي قائم ڪيو ۽ انسانذات کي ﷲ جي توحيد جي جهنڊي هيٺ متحد ڪيو. جيڪڏهن اسان انهن پيغمبرن جي حياتين کي پڙهنداسين ته خبر پوندي ته انهن پنهنجي سموري زندگي ان عظيم مقصد لاءِ ارپي ڇڏي. جاهليت ۽ ظلم سان ڀريل نظام خلاف هنن ڀرپور نموني بغاوت ڪئي ۽ اهل باطل کان مڪمل طور برات جو اعلان ڪيو. مٿين آيت ۾ ساڳيو حڪم رسول ﷲ ﷺ جن جي معرفت اسان کي به ڏنو ويو آهي. اقامتِ دين يا قيامِ خلافت هڪ اهم ترين فرض آهي. جيڪو اسان مٿان لاڳو ٿئي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته اقامتِ دين جي جدوجهد ڪهڙي طريقه ڪار (Process) سان ڪئي ويندي؟ ۽ ان جدوجهد ۾ ڪهڙا مرحلا پيش ايندا؟ ﷲ پاڪ اسان جي لاءِ اهو طريقه ڪار به مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان راھ ۾ ڪهڙا ڪهڙا مرحلا پيش ايندا. ان جي به وضاحت فرمائي آهي. جيڪو اسان کي رسول ﷲ ﷺ جن توڻي ٻين نبي سڳورن جي سيرتن مان ملي ويندو. تنهن کان سواءِ ﷲ جي رسول ﷺ جن جي زباني به اسان کي ان جي واضح تعليم ڏني وئي آهي. ان مقصد لاءِ مسند احمد ۽ جامع ترمذي ۾ هڪ حديث بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رسول ﷲ ﷺ جن پنج احڪامات ڏين ٿا. رسول ﷲ ﷺ جن جي ان جامع خطبي ۽ فرمان کي مون مضمون جي شڪل ۾ هن بلاگ تي پڻ رکيو آهي. جنهن کي اوهان هن لنڪ کي ڪلڪ ڪري اتان پڙهي سگهو ٿا. اچو ته ان حديث جي روشنيءَ ۾ اسان اقامتِ دين جي جدوجهد جي مرحليوار طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
(1) انفرادي تربيت و دعوت :
اقامتِ دين جي جدوجهد جي پهرين ۽ بنيادي واٽ پنهنجي جسم ۽ روح مٿان خلافت جو نظام نافذ ڪرڻ آهي. پنهنجي جسم مٿان خلافت جي نفاذ خاطر خمس ڪلمات واري حديث ۾ اسان کي حضرت يحييٰ عليه السلام جي زباني پنجن ڳالهين جو حڪم ٿيل آهي. اهي پنج ڳالهيون هي آهن :
1 :- هڪ ﷲ جي عبادت ڪريو ۽ شرڪ کان بچو.
2 :- نماز پڙهو.
3 :- روزا رکو.
4 :- صدقہ ڏيو.
5 :- ﷲ جو ڪثرت سان ذڪر ڪريو.
اقامتِ دين جي حوالي سان پنهنجي ذات مٿان خلافت قائم ڪرڻ جي پهرين منزل اها آهي ته انسان ۾ اندر توحيد ۽ شرڪ جو شعور پيدا ٿي وڃي. جنهن کان پوءِ هو توحيد تي مضبوطي سان ڄمي بيهي ۽ شرڪ کان تمام گهڻو پري ٿي وڃي. توحيد جي هر هڪ قسم ۽ جزي کي پنهنجي اندر ۾ سمائي ڇڏي ۽ شرڪ جي گند کي پاڻ مان صاف ڪري پنهنجي اندر کي اجاري. ڀٽائي چواڻي:
اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
جڏهن اوهان ۾ توحيد جو شعور ۽ شرڪ کان برأت جو جذبو پيدا ٿي ويو ته هاڻي اوهان کي نماز، روزن، صدقہ و خيرات ۽ ذڪر و اذڪار ۽ قرآن پاڪ جي مطالعي جي ذريعي پنهنجي اصلاح ڪرڻي آهي. پاڻ ۾ اندر ابراهيمي جذبو پيدا ڪيو. مضبوط ٿيو. رب جي وحدانيت ڏانهن ماڻهن کي دعوت ڏيندا رهو. جيڪي به تيار ٿين، اوهان جو ساٿ ڏين، انهن جي به خمس ڪلماتِ يحييٰ جي ذريعي تربيت ڪريو.
(2) جماعت:
انفرادي دعوت ۽ تربيت کان بعد جيئن ئي اوهان سان گڏ ڪجهه ٻيا ماڻهون شريڪ ٿي ويا ته هاڻي تمام گهڻو ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ٽچ ۾ رکندين جماعت جي شڪل اختيار ڪري وڃو. ان حوالي سان اوهان پنهنجو هڪ دوستاڻو سرڪل قائم ڪريو. هڪ ٻئي سان گڏجي سنگت ۽ دوستي وارو خوشگوار ماحول پيدا ڪيو. اهلِ باطل کان ڪٽجي وڃو. ان جي بدران صادقين سان گڏجو. قرآن ۾ ارشاد آهي :
وَ کُوۡنُوۡا مَعَ الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۹﴾
"سچارن سان گڏجو."
(سورۃ التوبه، آيت نمبر: 119)
هڪٻئي جي وچ ۾ گهرائي قائم ڪريو. گڏجي پنهنجي ديني، اخلاقي ۽ شعوري تربيت ڪندا رهو. هڪٻئي سان رابطو ڪرڻ ۽ جماعت جي صورت اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. جيئن ئي اوهان پنهنجي نظرياتي سنگت کان پري رهڻ لڳندا ته آهستي آهستي اوهان جي جدوجهد ۾ نرمي ايندي ويندي. اوهان پنهنجي مقصد کان هٽڻ لڳندا. انڪري ڪيئن به ڪري ڪجهه نه ڪجهه وقت سنگت کي ڏيندا رهو. رابطو جاري رکندا اچو. دنياداري جا ڪم به ٿيندا رهندا. پر اگر اوهان کان دين هليو ويو ته دنيا به اوهان جي بيڪار ۽ بي مقصد بڻجي ويندي.
خمس ڪلماتِ يحيي عليه السلام کان پوءِ ان حديث ۾ نبي ڪريم ﷺ جن به اضافي پنجن ڳالهين جو حڪم هنن لفظن ۾ ڏئي ٿو :
((اَنَا آمُرُکُمْ بِخَمْسٍ، اَللّٰہُ اَمَرَنِیْ بِھِنِّ بِالْجَمَاعَۃِ، وَبِالسَّمْعِ وَالطَّاعَۃِ، وَالْھِجْرَۃِ، وَالْجِھَادِ فِیْ سِبِیْلِ اللّٰہِ))
"آئون توهان کي پنجن ڳالهين جو حڪم ڪيان ٿو. ﷲ مونکي انهن جو حڪم ڏنو آهي. (1) جماعت (2) سمع (امير جي ٻڌڻ), (3) اطاعت (4) هجرت (5) جهاد في سبيل ﷲ"
رسول ﷲ ﷺ جن مٿيان حڪم ڏيڻ کان پوءِ جماعت جي وضاحت هن ريت ڪيائون :
((فَاِنَّہُ مَنْ خَرَجَ مِنَ الْجَمَاعَۃِ قِیْدَ شِبْرٍ فَقَدْ خَلَعَ رِبْقَۃَ الْاِسْلَامِ مِنْ عُنُقِہِ، اِلٰی اَنْ یَّرْجِعَ، وَمَنْ دَعَا بِدَعْوَی الْجَاھِلِیَّۃِ فَھُوَ مِنْ جُثَائِ جَھَنَّمَ۔))
"جيڪو به شخص جماعت کان هڪ بالشت جيترو به ٻاهر نڪتو، ان واپس پلٽڻ تائين پنهنجي گردن مان اسلام جو معاهدو لاهي ڇڏيو ۽ جنهن به شخص جاهليت جي پڪار پڪاري، اهو جهنم جي جماعت مان هوندو."
هتي ياد رهي ته جماعت مان هڪ مراد "مسلم امت" به آهي. انڪري نبي ڪريم ﷺ جن جي منهج مطابق جماعت ۽ گروه اهڙو هجڻ گهرجي، جيڪو ٻين ڪلمہ گو مسلمانن کان الڳ هرگز نه هجڻ کپي. جماعت صرف اهل شرڪ ۽ اهل باطل کان برات جو اعلان ڪندڙ هجي. مسلمانن کي هو پنهنجي جماعت جو حصو سمجهندڙ هجن.
ياد رهي ته جماعت جو تعلق ڪنهن به فرقي، مسلڪ يا مڪتبہ فڪر سان نه هجڻ کپي. جماعت اسلام جي اصولي افڪار تي مشتمل هجي. ان ۾ هر فرقي جي ان فرد لاءِ مڪمل طور دروازا کليل هجڻ کپن، جيڪي اسلام جي اصولي عقائد ۽ احڪامن تي مضبوطي سان ڪاربند آهن. فروعيات جي بنياد تي انهن سان ڪنهن به قسم جي تفريق نه هجڻ کپي. اڄ جي اڪثر جماعتن ۽ تنظيمن ۾ اهو ئي وڏو عيب آهي ته هنن جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن فرقي يا مسلڪ سان آهي. اهو ئي سبب آهي جو نبي ڪريم ﷺ جن به آخر ۾ تاڪيد فرمايائون :
((فَادْعُوْا الْمُسْلِمِیْنَ بِمَا سَمَّاھُمُ اللّٰہُ الْمُسْلِمِیْنَ الْمُؤْمِنِیْنَ عِبَادَ اللّٰہِ عَزَّوَجَلَّ۔))
"پوءِ مسلمانن کي انهن نالن سان پڪاريو، جيڪي ﷲ انهن تي رکيا آهن يعني مسلمان، مومن يا ﷲ جو ٻانهو."
ان مان واضح ٿئي ٿو ته اسان سڀ بنيادي طور مسلمان آهيون ۽ جماعت جي ذمري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جو اهو ارشاد فرمائڻ دلالت ڪري ٿو ته جماعت فرقن ۽ مسلڪن کان مٿاهين هجڻ کپي. فروعيات ۾ نرم ۽ اصولن ۾ مضبوط هجڻ کپي.
(3) سمع و اطاعت:
خمس ڪلماتِ محمد ﷺ ۾ سمع ۽ اطاعت کي ٻن الڳ الڳ احڪامن طور پيش ڪيا ويا آهن. پر قرآن و سنت ۾ عام طور سڀني هنڌن تي سمع و اطاعت کي گڏ گڏ پيش ڪيو ويو آهي. در اصل جماعت ۾ اچڻ کان پوءِ اقامت دين جو ٽيون مرحلو جماعت کي منظم ڪرڻ جو هوندو آهي. نبي ڪريم ﷺ جن سڀ کان پهريان انفرادي طور دعوت ڏني. جيڪي گڏ ٿيا، انهن سان گڏ جماعت بڻائي. آهستي آهستي انهن جي دلين ۾ پنهنجي محبت ۽ عقيدت پيدا ڪئي. اطيعوا ﷲ و اطيعو الرسول جو حڪم ڏنائون. صحابه رضه به نبي ڪريم ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪري ورتي ۽ سندن ماتحت منظم ٿيڻ لڳا.
رسول ﷲ ﷺ جن وفات ڪري ويا ته صحابه رضه نبي ڪريم ﷺ جن جي خلفاء جي هٿ هيٺ بيعت ڪندين منظم ٿيا. اڄ خلافت ڪونهي. انڪري اقامتِ دين جي جدوجهد ڪرڻ وارا ان جدوجهد لاءِ پاڻ مان هڪ نيڪ، صالح، مضبوط، لائق ۽ اعتماد واري شخص جي هٿ تي بيعت ڪندين ان کي امير مقرر ڪندا. "بيعت" هڪ مسنون طريقو آهي، جيڪو سنت مان ثابت آهي. اهو ئي طريقو قابل عمل ٿي سگهي ٿو. اسان جي جماعت جڏهن هڪ شخص جي هٿ تي بيعت ڪندين ان کي پنهنجو امير ۽ ليڊر چونڊي وٺندي ته ان کان پوءِ ان جي ماتحت رهندين تحريڪ کي منظم نموني اڳتي وڌائيندا. امير جي سمع و اطاعت في المعروف ڪئي ويندي. ان وقت جماعت جا افراد پنهنجي امير ۽ امام کي قوم جي محسن ۽ عظيم ليڊر طور ماڻهن جي آڏو متعارف ڪرائيندا. ان کي نجات دهنده طور پيش ڪندا. ماڻهن کي ان جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ ۽ تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڀاريو ويندو. هاڻي اقامتِ دين جا جيڪي به مرحلا پيش ايندا، ان ۾ ان امير جي نگراني هيٺ ڪم سر انجام ڏنا ويندا.
واضح رهي ته اقامتِ دين جي تحريڪ نهايت طويل ۽ ڪٺن آهي. ممڪن آهي ايتري وقت ۾ اوهان جو مقرر ڪيل امير وفات ڪري وڃي يا شهيد ٿي وڃي. هي راه خطرن سان ڀريل آهي. هي واٽ قدم قدم تي قربانيون گهري ٿي. قدم قدم تي رڪاوٽون اينديون. وک وک تي مصيبتون ۽ آزمائشون اينديون. انڪري تمام ضروري آهي ته هڪ امير ۽ ليڊر جي وڃائجي وڃڻ کان پوءِ ستت ئي ٻيون اهڙي ئي نوعيت جو لائق ۽ بهترين ليڊر ميدان تي آندو وڃي. جيڪو اختلافن کي دفع ڪري، جماعت کي منظم ۽ پختو رکندو اچي ۽ منهج کي نه صرف برقرار رکي، پر ان کي شدت سان اڳتي وڌائيندڙ هجي. ڪو به غدار ۽ نالائق امارت جي لائق هرگز ناهي. اهڙي ماڻهون جي اچڻ سان تحريڪون ڪمزور ٿي وينديون آهن. جماعتون پنهنجا حقيقي مقصد وساري ويهنديون آهن ۽ تنظيمون راه هدايت جو ذريعو بڻجڻ بدران مخبري، تفريق ۽ مفاد پرستن جي ڪاروبار جو ذريعو ٿي وينديون آهن. اها ڳالھ طئي آهي ته نالائق ۽ غدار اڳواڻي جي ڪري اسلامي تحريڪ ختم نه ٿيندي آهي. البته جماعت منتشر ٿي ويندي آهي، نتيجي ۾ اهل حق کي نئين سر منظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي ۽ وکون ڪجهه پوئتي هليون وينديون آهن. مگر ايترو ضرور آهي ته جڏهن به ﷲ جو حڪم پهچندو ته ڪمزور ترين ۽ منتشر ترين گروه به رب جي مدد سان خلافت قائم ڪري سگهي ٿو. انڪري جدوجهد جاري رکندا هلو. ان کان هر حال ۾ پوئتي نه ٿيو.
(4) هجرت:
اقامتِ دين جي راھ ۾ چوٿين منزل جيڪا اچڻي آهي، سان هجرت آهي. جڏهن اوهان منظم تحريڪ هلائڻ شروع ڪيو ٿا ته اهل باطل اوهان جو جيئڻ جنجال ڪري رکندا. اوهان کي طرح طرح جون تڪليفون اينديون. ڪڏهن قيد ڪيو ويندو ته ڪڏهن مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڪڏهن وري بدترين نفسياتي توڻي جسماني اذيتون ڏنيون وينديون. هن راه ۾ ممڪن آهي ته اوهان جا ويجها ترين عزيز به اوهان جا مخالف ٿي اڀرن. ايتريقدر جو اوهان کي ڪا به جاءِ پناھ نه ملندي. تڏهن هجرت جو مرحلو پيش ايندو. هجرت جو مرحلو هيٺين ٻن صورتن مان ڪنهن هڪ صورت ۾ پيش اچي سگهي ٿو :
1 :- اوهان جي تحريڪ اوهان جي ملڪ ۽ علائقي ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ۽ اوهان اتي انقلاب آڻيندين اسلامي رياست قائم ڪري وٺو ٿا. ان صورت ۾ اوهان هجرت نه ڪندا. بلڪ هاڻي هجرت اهي ماڻهون ڪندا، جيڪي اوهان جي انقلابي اسلامي رياست کان ٻاهر رهي رهيا آهن. اهي دار الحرب کان دار الاسلام ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ڪندا ۽ اسلامي رياست ۾ اچي ان کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان مهل اوهان هجرت بدران "نصرت" ڪندا ۽ مهاجرن جي هر لحاظ کان مدد ڪندين انهن جي ڀرپور نموني آجيان ڪندا. اهڙي طرح اوهان "انصار" جو درجو ماڻيندا. سيرت النبي ﷺ ۾ ان جو مثال مديني جا اوس ۽ خزرج قبيلا هئا. جن هجرت نه ڪئي هئي، بلڪ انهن مڪي کان مديني ايندڙن جي مدد ڪئي هئي. اهڙي طرح انهن "انصار" جو درجو ماڻيو. ان جو ٻيون مثال حضرت يوسف عليه السلام جي مصر ۾ توحيدي رياست قائم ڪرڻ جي جدوجهد جو آهي. جڏهن مصر ۾ انقلاب آيو، ته حضرت يوسف عليه السلام مصر مان هجرت نه ڪئي.
2 :- ٻين صورت اها ٿيندي، جيڪا نبي ڪريم ﷺ جن ۽ سندن مڪي مهاجرن سان پيش آئي. غالب گمان آهي ته اوهان جي علائقي ۾ اوهان کپي حمايت ۽ مدد ملي نه سگهي ۽ اوهان جي لاءِ حالتون ناسازگار ٿي پون. ان صورت ۾ ايئن ٿيندو، جو اوهان کي ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ هجرت ڪرڻي پوندي، جيڪو جاگرافي، سياسي، عسڪري ۽ معاشرتي لحاظ کان اوهان جي لاءِ سازگار هجي. تڏهن اوهان سڀ آهستي آهستي ان پاسي هجرت جو سلسلو شروع ڪندا ۽ اتي پنهنجو مرڪز قائم ڪندا. جنهن جو انتظام شريعت مطابق ڪندا. اتي پاڻ کي ھر لحاظ کان مضبوط ۽ مستحڪم ڪندا وڃو. پنهنجي قوت ۾ اضافو آڻيو. نبي ڪريم ﷺ جن ۽ سندن صحابه ايئن ڪيو. اهڙي ريت حضرت يوسف عليه السلام طرفان مصر ۾ جڏهن توحيدي رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويو ته سندس پيءُ حضرت يعقوب عليه السلام ۽ سندس سمورا ڀائر هجرت ڪري مصر آيا. حضرت موسٰي عليه السلام جي قيادت ۾ بني اسرائيل وري مصر مان هجرت ڪري فلسطين آيا ۽ اتي پنهنجي توحيدي اسرائيلي رياست جو قيام ڪيائون.
عام طور اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته هجرت هميشه دار السلام ڏانهن ئي ڪئي ويندي آهي. پر اها ڳالهه ضروري ناهي. اڪثر ﷲ جا نبي ۽ رسول دار الحرب کان ئي ڪنهن ٻئي دار الحرب ڏانهن هجرت ڪندا هئا. جڏهن دنيا تي ڪو به دار الاسلام ناهي ته ان صورت ۾ هجرت ان علائقي ڏانهن ڪئي ويندي، جتي اوهان کي دار الاسلام جي قيام لاءِ سازگار ماحول ميسر ٿي سگهي. حضرت محمد ﷺ جي هجرت به يثرب ڏانهن ان مقصد خاطر هئي. اهڙي ريت حضرت موسٰي عليه السلام ۽ بني اسرائيل به ان مقصد خاطر فلسطين ڏانهن هجرت ڪئي. جڏهن ته ان مهل مديني ۽ فلسطين ۾ ڪا به اسلامي رياست پهريان موجود نه هئي.
(5) جهاد في سبيل ﷲ:
واضح رهي ته هجرت به آساني سان نه ٿيندي. ان راھ ۾ اهل ڪفر ۽ سندس ڇاڙتا اوهان جي راھ ۾ هر قسم جي رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا. انڪري هجرت جو عمل آزمائشن سان ڀريل ۽ مهم جويانه هوندو. عين اهڙي طرح اوهان کي دار الهجرت ۾ به سڪون سان ويهڻ نه ڏنو ويندو. اتي اوهان کي ڪيئي چيلنجز سامهون ايندا. نبي ڪريم ﷺ جن کي مديني شريف ۾ هيٺين چيلنجز سان منهن ڏيڻو پيو هو :
1 :- مهاجرن ۽ انصارن جي وچ ۾ ڀائيچارو ۽ مضبوط رشتو ۽ سنٻنڌ قائم ڪرڻ.
2 :- مڪي مان آيل مهاجرن جي رهائش، اجهي، کاڌي ۽ پيتي جو بندوبست ڪرڻ
3 :- مديني ۾ موجود يهودي ۽ منافق انقلاب نبوي ﷺ سان قطعي سهمت نه هئا. انڪري هو مسلسل سازشون ڪري رهيا هئا.
4 :- مڪي جا قريش نبي ڪريم ﷺ ۽ سندن صحابه خلاف مسلسل سازشون ڪري رهيا هئا. هنن مديني جي اردگرد حملا ۽ لٽ مار جو سلسلو شروع ڪري ڏنو هو.
اهڙي حالتن ۾ نبي ڪريم ﷺ جن ۽ سندن صحابه ﷲ تي توڪل رکندين ثابت قدمي ۽ استقلال سان انهن جو مقابلو ڪيو. ڪفار، يهود ۽ منافقين جي سازشن جي ڪري آخرڪار جهاد جو حڪم نازل ٿيو. بدر، احد، خندق، خيبر، حنين ۽ طائف جا معرڪا پيش آيا. حضرت موسٰي عليه السلام ۽ اسرائيلين ڪنعانين سان مسلسل جنگيون ڪيون. اسان تي به هجرت کان پوءِ جهاد جو مرحلو ايندو. ڪفار ۽ صليبي سامراج اسان کي سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو. اسان تي مسلسل حملا ڪيا ويندا. نت نيون سازشون رچايون وينديون. اسان جي مرڪز کي ٽوڙڻ ۽ تباھ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. سموريون باطل قوتون ان مشن لاءِ منظم به ٿي سگهن ٿيون. جيئن غزوه خندق ۾ عرب جا سمورا قبيلا گڏجي مديني تي حملہ آور ٿيا هئا. تڏهن اوهان جو به فرض آهي ته جهاد جي ميدان ۾ ڀرپور حصو وٺو. حملن ۾ هميشه اڳرايون ڪيو. مسلسل دشمن کي پسپا ڪندا رهو. ثابت قدم رهو. ڪٿي به لوڏا نه کائو. شيهي جي ديوار جيان ڄمي بيهو.
خلافت جو واعدو :
مٿيان پنج ئي ڏاڪا جڏهن اوهان چڙهي ويندا ته اوهان ﷲ پاڪ جي هن واعدي جا مصداق ٿي ويندا :
وَعَدَ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡکُمۡ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسۡتَخۡلِفَنَّہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ کَمَا اسۡتَخۡلَفَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ۪ وَ لَیُمَکِّنَنَّ لَہُمۡ دِیۡنَہُمُ الَّذِی ارۡتَضٰی لَہُمۡ وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ خَوۡفِہِمۡ اَمۡنًا ؕ یَعۡبُدُوۡنَنِیۡ لَا یُشۡرِکُوۡنَ بِیۡ شَیۡئًا ؕ وَ مَنۡ کَفَرَ بَعۡدَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۵۵﴾
ترجمو : ﷲ توهان مان انهن ماڻهن سان واعدو ڪيو آهي، جن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن، ته انهن کي زمين ۾ ايئن خليفو بڻائيندو، جيئن انهن کان اڳ وارن کي خليفو بڻايو هئائين. ۽ انهن لاءِ سندن ان دين کي مستحڪم ڪندو، جيڪو هن انهن لاءِ پسند ڪيو هو. ۽ انهن جي خوف کي امن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. هو منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪندا. ۽ جن ان کان پوءِ به ناشڪري ڪئي، ته پوءِ اهي ئي ماڻهون فاسق آهن.
(سورۃ النور، آيت نمبر 55)
اقامتِ دين جي واٽ قربانيون گهري ٿي. ان راھ تي هلڻ جيترو ڏکيو آهي، اوترو ئي اوهان جي ڪاميابي جي ضامن آهي. جيڪڏهن اوهان ان راھ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ان کي ڏسي ورتو ته اوهان جي لاءِ ٻه خوشيون هونديون. هڪ فتح جي، ٻين جنت جي. پر جيڪڏهن اوهان ان راھ ۾ پنهنجي زندگي صرف ڪندين وفات ڪري ويا ته جنت جا مستحق ٿي ويندا. ان راھ ۾ اوهان قتل ٿي ويا ته اوهان کي شهادت جو عظيم مرتبو عنايت ٿي ويندو. يعني ان راھ ۾ اوهان جي لاءِ فائدا ئي فائدا آهن. رڳو اوهان کي ئي نه. بلڪ اوهان جي ايندڙ نسل کي به ان مان فائدا ملندا. اوهان جي قوم ۽ ملڪ کي ان مان فائدا پوندا. اوهان جي ان راھ ۾ وڌايل هڪڙي وک خلافت جي قيام کي اڃان به ويجهو ڪري وٺندي. اوهان جي قوم ۽ ايندڙ پيڙهي به ان مان فيض وٺندي. اوهان جو جيڪو نسل ان مان فيضياب ٿيندو، اهو اوهان جي لاءِ دعائون ڪندو رهندو. اوهان جو قائم ڪيل اهو نظام اوهان جي لاءِ صدقہ جاريه بڻجي ويندو. اوهان جا درجات بلند ٿيندا ويندا. رب وٽ اوهان مقبول ٿي ويندا ۽ آخرت جي دائمي عذاب کان نه صرف بچي ويندا. بلڪ جنت جا وارث بڻجي ويندا.





Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.