اسلامي سنڌ جي سورمي - راڻي لاڏي رحمۃ ﷲ عليها
سنڌ کي باب الاسلام بنائڻ ۾ صرف عرب مجاهدن جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي سنڌي موحد مسلمانن به انهي ڀلاري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انهن غازي محمد بن قاسم ثقفي رحه جي لشڪر ۾ شامل ٿي، راجا ڏاهر ۽ سندس فوج سان مقابلو ڪيو. ڪن پنهنجي علمي صلاحيتن کي الله جي راهه ۾ صرف ڪيو ته ڪن وري پنهنجي اثر رسوخ سان سنڌي عوام جي دلين ۾ اسلامي لشڪر جي حمايت پيدا ڪئي. انهن ڀلارن مڙسن سان گڏ موحد عورتن پڻ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ئي هڪ انقلابي، اسلام پسند ۽ موحده سنڌي ناري "راڻي لاڏي" هئي، جنهن سنڌ جي تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي ۽ شاهي پسمنظر راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي بابت تاريخي رڪارڊ ۾ وڌيڪ تفصيل نٿا ملن. البته، هوءَ سنڌ جي آخري برهمڻ حڪمران راجا ڏاهر جي پهرين گهر واري ۽ سنڌ جي راڻي هئي. سندس تعلق شاهي گهراڻي سان هو ۽ راجا ڏاهر مان کيس اولاد پڻ هو، جنهن مان هڪ جو نالو "راجا گوپي" هو. گرفتاري، حسن سلوڪ ۽ اسلام جو قبول ڪرڻ 10 رمضان 93 هجري ۾ راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ، راڻي لاڏي مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ هڪ قيدياڻي هئي، پر محمد بن قاسم ساڻس نهايت...