Posts

مشهور تحریر

اسلامي سنڌ جي سورمي - راڻي لاڏي رحمۃ ﷲ عليها

Image
سنڌ کي باب الاسلام بنائڻ ۾ صرف عرب مجاهدن جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي سنڌي موحد مسلمانن به انهي ڀلاري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انهن غازي محمد بن قاسم ثقفي رحه جي لشڪر ۾ شامل ٿي، راجا ڏاهر ۽ سندس فوج سان مقابلو ڪيو. ڪن پنهنجي علمي صلاحيتن کي الله جي راهه ۾ صرف ڪيو ته ڪن وري پنهنجي اثر رسوخ سان سنڌي عوام جي دلين ۾ اسلامي لشڪر جي حمايت پيدا ڪئي. ​انهن ڀلارن مڙسن سان گڏ موحد عورتن پڻ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ئي هڪ انقلابي، اسلام پسند ۽ موحده سنڌي ناري "راڻي لاڏي" هئي، جنهن سنڌ جي تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. ​راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي ۽ شاهي پسمنظر ​راڻي لاڏي جي شروعاتي زندگي بابت تاريخي رڪارڊ ۾ وڌيڪ تفصيل نٿا ملن. البته، هوءَ سنڌ جي آخري برهمڻ حڪمران راجا ڏاهر جي پهرين گهر واري ۽ سنڌ جي راڻي هئي. سندس تعلق شاهي گهراڻي سان هو ۽ راجا ڏاهر مان کيس اولاد پڻ هو، جنهن مان هڪ جو نالو "راجا گوپي" هو. ​گرفتاري، حسن سلوڪ ۽ اسلام جو قبول ڪرڻ ​10 رمضان 93 هجري ۾ راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ، راڻي لاڏي مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ هڪ قيدياڻي هئي، پر محمد بن قاسم ساڻس نهايت...

ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي عزاداري" تي تبصرو

Image
ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي عزاداري" جو تنقيدي جائزو: هڪ تاريخي مطالعو ​پاران: علي سنڌي ​مقامي تاريخ (Microhistory) جي ميدان ۾ اهڙا ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا، جن ۾ ڪنهن به مخصوص ڳوٺ، شهر يا علائقي جي جاگرافي، ثقافت، تمدن ۽ مذهبي روايتن کي تفصيل سان محفوظ ڪيو وڃي. اهڙا ڪتاب مستقبل لاءِ هڪ قيمتي تاريخي اثاثو ثابت ٿين ٿا. فقير مقبول حسين گاڏهي (ويٺل ڳوٺ بگ، دائرہ حسن فقير گاڏهي) جو تازو لکيل ڪتاب " تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري " به اهڙي ئي هڪ اهم ڪوشش آهي. حيدرآباد جي سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل هي ڪتاب، تعلقي جي عزاداري ۽ ان سان جڙيل تشيع مڪتب جي ريتن رسمن تي هڪ تفصيلي دستاويز آهي. تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري ​تعلقي جي عزاداري جو انسائيڪلوپيڊيا ​هي ڪتاب رڳو عزاداري جي موضوع تائين محدود ناهي، پر اهو تعلقي جي تشيع مڪتب جي رسمن، عبادتن، عقيدن ۽ نفسيات کي به سمجهڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. ڪتاب جا اهم پهلو هي آهن: ​تاريخي پس منظر:  ڪتاب ۾ تعلقي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداري جي شروعات، ارتقا ۽ موجوده صورتحال تي روشني وڌي وئي آهي. ​سماجي ۽ مذهبي پهلو:  محرم جا ڏهه ڏ...

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ

Image
 فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙي جي مزار ۽ حياتيءَ جو مختصر تعارف ​سنڌ جو ڪو به ڳوٺ ڪيترو به ننڍڙو ڇو نه هجي، پر اهو پنهنجي اندر ۾ وسيع تاريخ سمائي ويٺو آهي. بس ضرورت ان تي تحقيق، جستجو ۽ ان کي منظم طريقي سان مرتب ڪرڻ جي هوندي آهي. اهڙو ئي هڪ بظاهر ننڍڙو پر تاريخي ڳوٺ آهي " وسايو جانوري ".  ​هي ڳوٺ يو سي منگواڻي، تعلقي ميهڙ (ضلعي دادو ) ۾ واقع آهي. هتي جانوري قبيلي جا مهراڻي ۽ شهراڻي پاڙا آباد آهن. هن ڳوٺ جي تر ۾ جيڪا شهرت آهي، سا فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار جي ڪري آهي، جتي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي.  ​فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار جي اڏاوت  ​جيئن ته هي منهنجو ناناڻو ڳوٺ آهي، تنهنڪري منهنجي ننڍپڻ جو هن ڳوٺ سان گهرو تعلق رهيو آهي. شروعات ۾ ھيءَ مزار ڪچي سرن ۽ گاري جي ٺهيل هئي، جنهن کي گهڻو بعد ۾ پڪو بڻايو ويو. مزار جي اندر ٻه تاريخي شخصيتون دفن آهن: ​دولهه فقير دريا خان ڪلهوڙو (پاڻ) ​فقير مصري خان جانوري (سندن خاص مريد)  فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار  ​دولهه فقير جي زندگيءَ جا تاريخي ماخذ ​دولهه فقير دريا خان ڪلهوڙو جي زندگيءَ جو داستان اڪثر زبا...

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

Image
علي سنڌي ​سنڌ جي تاريخ رڳو وڏن شهرن تائين محدود ناهي، پر هتان جي ننڍڙن ڳوٺن ۽ وسندين ۾ به تاريخ جا ڪيئي انمول خزانا دفن آهن. اهڙو ئي هڪ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ راوت خان لغاري آهي. هي ڳوٺ يونين ڪائونسل ٿلهو (ديهه جکرو) ۾ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي اتر ۾ تقريبًا 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن جي اتر کان نارو واھ وهي ٿو، جيڪو ماضيءَ ۾ علائقائي واپار جو مکيه ذريعو هو. ڏکڻ ۾ هڪ وڏي  ڍنڍ واقع آهي، جنهن کي " راوت لغاري ڍنڍ " چيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ  جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان هن خطي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.  ڳوٺ راوت خان لغاري جي تاريخي ڍنڍ جو خوبصورت منظر  ​ڳوٺ جو بنياد ۽ نالي جو پسمنظر: ​هن ڳوٺ جو بنياد ڪيئن پيو ۽ راوت خان ڪير هو؟ ان حوالي سان سنڌ جي نامياري محقق عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ڪتاب " سنڌ جا ماڳ اماڳ" (صفحو: 62-63) ۾ لکي ٿو ته: ​"راوت فقير لغاري ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ميانوال تحريڪ سان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پاڻ کي فقير سڏايو جنهنڪري جيڪي به ماڻهون هن جي ويجهو هئا، سي به فقير سڏجڻ لڳا.... راوت فقير لغاري غالبًا 1700ع کان اڳ ميان دين محمد ڪلهو...

توحيد جو انقلابي پهلو: ڇا اسان حقيقي توحيد کان واقف آهيون؟

Image
تحرير: علي سنڌي توحيد اسلام جو سڀ کان بنيادي ۽ اهم ترين اصول آهي. سڄي اسلام جي عمارت ان هڪ ئي ڳالھ تي بيٺل آهي ته ﷲ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. هو پنهنجي ذات، صفات، ربوبيت ۽ الوهيت ۾ اڪيلو آهي ۽ هن جو ڪو به شريڪ ناهي. ان ئي مضبوط بنياد تي اسلام جا تمام ايمانيات، رڪن، احڪام ۽ عقيدا قائم آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄوڪي دور ۾ مسلمانن اسلام جي ان اهم ترين بنياد کي بالڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان ﷲ کي ڇڏي، غيرﷲ جي ڪنهن نه ڪنهن نموني پرستش ڪرڻ لڳو آهي. توحيد جو انقلابي پهلو: ڇا اسان حقيقي توحيد کان واقف آهيون؟ معاشري ۾ شرڪ جا مختلف روپ: موجوده دور ۾ اسان جي معاشري اندر توحيد جي بنياد کي ڪنڊائتو ڪري هيٺيان منفي رويان اختيار ڪيا ويا آهن:   دعائن ۾ شريڪ ڪرڻ: ﷲ تعاليٰ کي ڇڏي ٻين اڳيان ٻاڏائڻ.   نذر و نياز جو شرڪ: نذر، نياز، خير ۽ خيراتن ۾ ﷲ سان گڏ غيرن کي شريڪ ڪرڻ.   غلط توڪل:  ﷲ جي بدران رسولن، نبين، ولين، نجومين، جادوگرن ۽ ڪاهنن تي تڪيو ڪرڻ.   غيبي خوف: ﷲ جي ذات بدران غيبي طاقتن، جنن ۽ ڀوتن وغيره جو خوف دل ۾ رکڻ.   تڪبر ۽ ڏيکاءُ: عبادتون ...

عثمانيه سلطنت جا عظيم سائنسدان: هڪ تاريخي جائزو ۽ سائنسي ڪارناما

Image
 مغربي پروپيگنڊا جي ڪري ماڻهن ۾ عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته عثمانيه سلطنت سميت ٻيون اسلامي رياستون رڳو جنگين ۽ سياسي سازشن ۾ مصروف رهنديون هيون. انهن سائنسي ترقي ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. پر جيڪڏهن تاريخ جو چڱي طرح مطالعو ڪيو ويندو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته انهن اسلامي سلطنتن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تي به وڏو ڪم ڪيو ويو هو. عثماني خليفا ۽ سلطان سائنسدانن جي باقاعده همت افزائي ڪندا هئا. اچو ته هاڻي انهن اهم شخصيتن جو تعارف پڙهون، جن کي سلطنتِ عثمانيه جي تاريخ جا مکيه سائنسدان هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.  #1 علي قوشجي (1403-1474ع): هن جو سڄو نالو علاء الدين علي بن محمد قوشجي هو. پر هن کي علي قوشجي (Ali Kuscu يا Ali Qushji) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هو در اصل تيموري سلطنت جي حاڪم الغ بيگ (1394-1439ع)  جو درٻاري عالم ۽ سائنسدان هو. الغ بيگ پاڻ به رياضي ۽ فلڪيات (Astronomy) جو ماهر هو. علي قوشجي فلڪيات، رياضي ۽ طبيعيات (Physic) جو ماهر هو. 1472ع ۾ سلطان محمد فاتح جي دعوت تي قسطنطنيه آيو. جتي هن محمد فاتح جي منظوري کان پوءِ  "صحن سمن مدرسو" (Sahn Seman Medrassa) نامي هڪ سائنس...

مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جو پورهيت طبقو: حق يا منافقي؟

Image
اڄوڪو ڏينهن يعني پهرين مئي جو ڏهاڙو، سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. هن ڏهاڙي تي اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پر جنهن پورهيت طبقي جي لاءِ اها عام موڪل ڪئي وئي آهي، اهو اڄ به مزدوري تي آهي. هو چاهيندي به موڪل نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته جيڪڏهن هو موڪل ڪندو ته هن جا ٻچا بک ۾ گذاريندا.  سرمائيدارن جي منافقي ۽ هارين جو استحصال: ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالھ آھي ته اڄ پورهيتن جو ڏينهن، جيڪو طبقو ڌام ڌوم سان ملهائي رهيو آهي، تنهن ۾ اڪثريت انهن فيڪٽري مالڪن، سرمايه دارن، جاگيردارن ۽ سياستدانن جي آهي، جيڪي پاڻ پورهيتن جو استحصال ڪرڻ ۾ ملوث آهن. تازو ئي ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي ۽ هارين کان ڪڻڪ جي خريداري جو سلسلو جاري آهي. هاري به پورهيت هوندو آهي. انهيءَ پورهيت کي وياج ۽ مهانگي اگهه تي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون ڏئي هنن جو استحصال ڪندڙ طبقو اڄ تمام سستي اگهه ۾ کانئن ڪڻڪ خريد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف بلند آواز سان مزدورن جي حقن ۾ تقريرون ڪري رهيو آهي. حڪمران طبقو ۽ شڪاگو واقعي جو پسمنظر: اهو حڪمران طبقو به هن وقت پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي نظر اچي ٿو، جنهن هن وقت ت...

خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ

Image
 خيرپور ناٿن شاھ  جي تاريخ تي نه هئڻ برابر ڪم ڪيو ويو آهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته هي شهر ماضيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي ڪا به سياسي ۽ معاشي اهميت نه رهي آهي. هن شهر انگريزن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. پهريان هي هڪ تمام ننڍڙو شهر هو، جنهن جي حيثيت ميونسپالٽي کان وڌيڪ نه هئي. تعلقي جي حيثيت به هن کي 1955ع ۾ ملي آهي.  ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته  سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي ؟ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪم حڪيم محمد صادق طالب عباسي مرحوم ڪيو هو. جنهن شهر جي تاريخ جي مشهور شاعرن جي تذڪري تي مشتمل ڪتاب "تحفہ خيرپور ناٿن شاھ" لکي شهر واسين مٿان هڪ عظيم احسان ڪيو هو. هيءُ ڪتاب 1959ع ۾ قاضي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس دادو طرفان ڇپايو ويو. ان وقت پاڪستان جي قيام کي 12 سال گذري چڪا هئا. خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ  هن ڪتاب ۾ خيرپور ناٿن شاھ جي ڪل 33 شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. جن جو سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو ۾ پڻ ڪلام موجود هو. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ان وقت ت...