راجا ڏاهر جو پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ
راجا ڏاهر ۽ راجڪماري ماين:
راجڪماري ماين راجا ڏاهر جي اها ڀيڻ هئي، جنهن سان هن رسمي شادي ڪئي هئي.
قصو هن ريت آهي ته راجا چچ پنهنجي ڌيءَ راجڪماري ماين جو سڱ راجا رمل کي ڏنو هو. جيڪو رمل نالي هڪڙي رياست جو راجا هو. چچ جي مرڻ کان پوء چندر حڪومت ڪئي. چندر کان پوء سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اتر سنڌ تي راجا ڏاهر حڪومت ڪرڻ لڳو. جڏهن ته ڏکڻ سنڌ تي راجا چندر جو پٽ راج حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هن جي حڪومت هڪ سال کان وڌيڪ نه رهي. سندس وفات کان پوء ڏکڻ سنڌ جو بادشاه راجا ڏاهر جو وڏو ڀاءُ راجا ڏهرسينہ بنجي ويو. راجڪماري ماين به راجا ڏهرسينه سان رهيل هئي.
راجڪماري ماين جي شادي جون تياريون:
راجا ڏهرسينہ هاڻي سوچيو ته ڇو نه راجڪماري ماين جي شادي ڪرائي وڃي. انهي مقصد لاء
هن راجڪماري ماين کي راجا ڏاهر وٽ اروڙ موڪليو. ڇو ته اهو هنن جو اباڻو شهر هو ۽ راجا ڏاهر کي چيائين ته سندس شادي جو انتظام ڪري. راجا ڏاهر به پنهنجي ڀيڻ جي شادين جي تيارين ۾ لڳي ويو. هندو رواج مطابق جوتشين کان راڻي ماين جو زائچو ڪڍيو ويو. جوتشين حساب ڪتاب ڪرڻ کان پوء راجا ڏاهر کي هي بري خبر ٻڌائي ته "راڻي ماين جو مڙس سنڌ جي حڪومت اوهان کان کسيندو."
اهو ٻڌي راجا ڏاهر جو سڪون ڦٽي ويو. هو پريشان رهڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪجي... ؟
وزير ٻڌيمان جي صلاح:
آخرڪار راجا ڏاهر پنهنجي خاص وزير ۽ صلاحڪار پرڌان منتري شري ٻُڌِيمان کان صلاح ورتي. جيڪو نالي جو ته ٻُڌيمان (عقلمند) هو، پر هن ۾ ٻُڌي (عقل) ڪا نه هئي. هن کيس چيو ته "هو پنهنجي ڀيڻ سان رسمي شادي ڪري ڇڏي. ان سان هڪ پاسي سندس حڪومت هن جي هٿ ۾ ئي رهندي ته ٻئي طرف ان سان سندس اقتدار مضبوط ٿيندو."
ان تي ڏاهر حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ هي چئي انڪار ڪرڻ لڳو ته اهو سراسر غلط آهي.بلڪ ان سان اسان جي خاندان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿيندي. تنهن تي وزير ٻڌيمان کيس سمجهائيندي چيو ته " بادشاه سلامت! ماڻهو عارضي طور ضرور ڳالهيون هلائيندا، پر اڳتي هلي سڀني کان اها ڳالھ وسري ويندي. ڪوبه ان کي ياد ڪو نه ڪندو." پرڌان منتري شري ٻڌيمان مهاراج جن راجا ڏاهر کي پنهنجي ڳالھ پريڪٽيڪلي پروف ڏيڻ خاطر هڪڙي گهيٽي کي به عجيب و غريب انداز ۾ سينگاري شهر ۾ ٽي ڏينهن گهمايو. جنهن تي ماڻهو پهريون دفعو حيران ٿي ويا. ٻئي ڏينهن تي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳا. ٽئين ڏينهن ڪنهن به ان تي ڌيان ڪونه ڏنو. ان کان بعد وزير چيس ته اوهان سان به ان گهيٽي واري پر ٿيندي ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوء اوهان جو اهو عمل ڪنهن کي به ياد ڪونه هوندو.
ٻين وزيرن سان صلاح:
تنهن کان پوء راجا ڏاهر درٻار لڳائي ۽ ٻين وزيرن مشيرن سان ان معاملي تي صلاح مشورو وٺن لڳو. وقت جي مصلحتن کي ڏسندي. انهي تي سڀني پرڌان منتري ٻڌيمان جي صلاح تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني.
ڀيڻ ڀاءَ جي شادي:
انهي کان پوءِ راجڪماري ماين سان شادي جون رسمون ادا ڪيون ويون. البته ازدواجي تعلقات کان راجا ڏاهر هميشه پري رهيو ۽ کيس پنهنجي ڀيڻ سمجهندو رهيو. البته درٻار ۾ هوءَ راجا ڏاهر جي ٻين زالن سان گڏ راڻي وانگر ويهندي هئي.
ڏهرسينہ سان لڙائي:
نيٺ اها خبر برهمڻ آباد پهتي، جيڪو ڏکڻ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو ۽ راجا ڏاهر جو وڏو ڀاءُ ڏهرسينه جتي حڪومت ڪندو. راجا ڏهرسينه کي جيئن اها خبر پئي ته ڏاڍو شرمسار ٿيو. پنھنجي ڀاءُ جي اهڙي غليظ ۽ ڪريل حرڪت تي ڏمرجي ويو ۽ وڏو لشڪر گڏ ڪري اروڙ مٿان ڪاه ڪري ڏنائين. اروڙ پهچي راجا ڏاهر ڏي خط لکيائين. جنهن ۾ هن لکيو:
"تو هي ڪهڙو عمل ڪيو آهي. ڇا تونکي خبر به آهي ته تنهنجي انهيءَ غليظ حرڪت جي ڪري اسان ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه بچيا آهيون. هاڻي ڪير اسان جي عزت ڪندو؟ ڪير هوندو، جيڪو اسان جو احترام ڪندو؟"
ان تي راجا ڏاهر جوابي خط موڪليو، جنهن ۾ هن لکيو:
"مون جيڪو به ڪيو آهي سو پنهنجي خانداني وقار ۽ حڪمراني کي بچائڻ لاءِ ڪيو آهي. هونئن به ماين اسان جي سڳي ڀيڻ ڪونهي. هوءَ هڪ جتياڻيءَ جي ڌيءُ آهي. "
انهن ڳالهين تي ڏهرسينه اڃان به وڌيڪ ڏمرجي پيو. پر راجا ڏاهر کيس ڳالھ ٻولهه ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ کيس اروڙ قلعي ۾ گهرايو. جتي ٻنهي ڀائرن جي ڳالھ ٻولھ ٿي. پر ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو. هاڻي ڏهرسينه کيس پنهنجي خيمي ۾ اچي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پر ڏاهر کي شڪ ٿيڻ لڳو ته شايد هو مونکي اڪيلو گهرائي ڦاسائڻ ٿو چاهي. انڪري ان ڳالهه کي ٽالڻ لاءِ پهريان ته راضي ٿيو ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ٻئي ڄڻا ٻاهر وڃي رهيا هئا. راجا ڏاهر پنهنجي ڀاءُ کي اڳيان اڳيان وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ پويان ٿي هلڻ لڳو. جڏهن ڏهرسينه قلعي جي دروازي کان ٻاهر نڪتو ته راجا ڏاهر جي سپاهين قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڏاهر پاڻ هن سان ٻاهر ڪونه ويو.
ڏهرسينه جو موت:
جڏهن ڏهرسينه ٻاهر نڪري آيو ته هو بيمار ٿي پيو ۽ قلعي جي ٻاهران پنهنجي خيمي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. راجا ڏهرسينه جي انهي اچانڪ موت هڪ سوال اٿاري ٿي ته ڪٿي ان ۾ ڏاهر جو هٿ ته ڪونه هو. جيتوڻيڪ چچ نامو ان کي طبعي موت قرار ڏئي ٿو. پر هي به ممڪن آهي ته راجا ڏاهر ئي ڳالھ ٻولھ دوران کيس ڪوئي زهر دوکي سان کارائي سندس انت آڻي ڇڏيو هجي. (و الله اعلم)
بهرحال ان کان پوءِ ڏهرسينه جي بغاوت جو نه صرف خاتمو آيو. پر راجا ڏاهر هاڻي ڏکڻ سنڌ تي به قبضو ڪري ورتو ۽ سڄي سنڌ جو اڪيلو مالڪ ٿي ويو.
راجا رمل سان جنگ:
ڏهرسينه کان پوءِ راجڪماري ماين جو مڱيندو راجا رمل ڏاهر جي انهي نيچ حرڪت تي غضبناڪ ٿيندي مٿس چڙهائي ڪري ڏني. انهي وقت راجا ڏاهر وٽ محمد بن حارث علافي نالي عرب سردار پنهنجي سموري قبيلي سميت سندس پناه ۾ آيو هو. راجا ڏاهر انهن علافي عربن جي مدد سان راجا رمل سان جنگ ڪئي ۽ کيس شڪست ڏنائين.
ڇا راجا ڏاهر جو پنهنجي ڀيڻ سان شادي جو واقعو ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو آهي؟
قومپرست حضرات انهي قصي کي تسليم نه ٿا ڪن. هنن جو چوڻ آهي ته عربن راجا ڏاهر جي شخصيت کي بدنام ڪرڻ لاءِ اهو ڪوڙ گهڙيو آهي. جڏهن ته تاريخي شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو واقعو سچ آهي. پهرين ڳالهه ته عربن کي راجا ڏاهر جي شخصيت کي بدنام ڪرڻ لاءِ هروڀرو ايڏو وڏو بهتان هڻڻ جي ڪهڙي گهرج هئي؟ عربن هن کان پهريان يزدگرد، جرجير ۽ قيصر روم جهڙن طاقتور حڪمرانن کي شڪست ڏني هئي. جيڪي ڏاهر کان سو ڀيرا وڌيڪ طاقتور هئا. پر عربن انهن طرف اهڙي قسم جي ڪابه روايت منسوب نه ڪئي هئي. راجا ڏاهر جي وقت ۾ اسپين جي راجا راڊرڪ سان جنگ هلي رهي هئي. پر راڊرڪ تي به اهڙي قسم جو بهتان نه لڳايو ويو. بلڪ مسلمان ۽ عرب فاتحن ڪنهن به مخالف مٿان ڀيڻ، ماءُ يا ڌيءَ سان شادي ڪرڻ جو ڪو به بهتان ڪنهن جي به مٿان نه هنيو هو ته پوءِ راجا ڏاهر مٿان اهڙو وڏو بهتان لڳائڻ جو وٽن ڪهڙو سبب هو؟ عرب جيڪڏهن راجا ڏاهر کي ظالم، قاتل برھمڻ ۽ غاصب ئي چون ها ته اهو به کيس بدنام ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. ظاهر آهي ته راجا ڏاهر جا اهڙا ڪرتوت هوندا. تڏهن هنن اها ڳالھ ڪئي.
ان کان سواءِ راجا ڏاهر جي انهي واقعي جي ڪري پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه سان لڙائي ٿي هئي. انهي کان پوءِ ماين جي مڱيندي راجا رمل سان جنگ ٿي آهي. ٻن ھيڏين وڏين جنگين برپا ٿيڻ کان پوءِ به انهي واقعي کي ڪوڙو چوڻ جي گنجائش ئي نه ٿي بچي.
سائين جي ايم سيد جو دليل:
سائين جي ايم سيد مٿئين واقعي جي ترديد ۾ پنهنجي پمفليٽ " سنڌ جا سورما" ۾ لکيو آهي :
"هندو برھمڻ ڀيڻ ته ڇڏيو پر سوٽ سان شادي ڪرڻ به ناجائز ڄاڻن ٿا. تنهنڪري ڀيڻ سان شادي جو بهتان سراسر غلط آهي. "
ڇنڊڇاڻ : مٿئين دليل ۾ اهڙو ڪو وزن ڪونهي، جو قومپرست حضرات جي ايم سيد جو مٿيون دليل هر جاءِ تي پيش ڪندا رهندا آهن. چچ نامي ۾ صاف صاف لکيل آهي ته هن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڀيڻ سان صرف رسمي شادي ڪئي هئي. جڏهن ته هو آخر تائين ماين کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو رهيو آهي. چچ نامي جو ليکڪ پاڻ چوي ٿو ته هن اهو ڪم پنهنجي ڌرم ۽ خانداني روايتن جي ابتڙ ڪيو هو. ان جي ڪري سندس ئي خاندان جي وچ ۾ ٻه خوني جنگيون برپا ٿيون آهن. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙو غيرعقلي ۽ غير منطقي رد ڪهڙي اعتبار سان اسان جا لبرل ۽ قومپرست دوست هر جاءِ تي پيش ڪندا رهندا آهن.
ٻيو دليل هن هي ڏنو آهي:
"ان لاءِ دليل هي ڏنو وڃي ٿو ته هڪ ننڍڙي راجا کي سڱ نه ڏئي، پاڻ وٽ ڀيڻ کي وهاري ڇڏيائين. اها ڳالهه هر ڪنهن کي معلوم آهي ته هندن ۾ ذات پات جا فرق هئا. ان ڪري جيڪڏهن هن ڪنهن ڪمذات يا گهٽ درجي واري ماڻهو کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي ته ان لاءِ ايئن چوڻ ته هن ڀيڻ سان شادي ڪرڻ خاطر ايئن ڪيو هو. سراسر بدديانتي آهي. "
ڇنڊڇاڻ: جي ايم سيد صاحب لڳي ٿو چچ نامي جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس انهيءَ ننڍڙي ڪتاب" سنڌ جا سورما " ۾ انيڪ غلط بيانيون ٿيل آهن. ايتريقدر جو دودي سومري جي باري ۾ لکڻ دوران به هو ان جي ماخذ طور چچ نامو کي پيش ڪري ٿو. حالانڪ چچ نامي ۾ سومرن جي دور جو ڪو به ذڪر ڪونهي. اسان مٿي اوهان جي خدمت ۾ چچ نامي جي روشني ۾ سڄو قصو تفصيل سان پيش ڪري چڪا آهيون. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اوهان بخوبي سمجهي ويا هوندا ته ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو سبب ننڍي راجا کي سڱ ڏيڻ کان لهرائڻ نه هو، بلڪ نجومين جي اها پيشنگوئي هئي ته "ماين جو مڙس ڏاهر کان سندس اقتدار کسيندو." لڳي ٿو سائين جي ايم سيد ٻڌل ڳالھ جي بنياد تي راجا ڏاهر جو دفاع ڪري رهيو هو. افسوس ته سائينجن ڳالھ کي چڱي طرح ٻڌي ۽ سمجهي به نه سگهيا هئا. ڳالھ هڪڙي هئي، جي ايم سيد ٻين ڳالھ ڪري ان تي تبصرا شروع ڪري ڏنا هئا.
حوالا:
1 :- چچ نامو (سنڌي ترجمو)
2 :- سنڌ جا سورما (جي ايم سيد)

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.