ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ
علي سنڌي
سنڌ جي تاريخ رڳو وڏن شهرن تائين محدود ناهي، پر هتان جي ننڍڙن ڳوٺن ۽ وسندين ۾ به تاريخ جا ڪيئي انمول خزانا دفن آهن. اهڙو ئي هڪ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ راوت خان لغاري آهي. هي ڳوٺ يونين ڪائونسل ٿلهو (ديهه جکرو) ۾ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي اتر ۾ تقريبًا 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن جي اتر کان نارو واھ وهي ٿو، جيڪو ماضيءَ ۾ علائقائي واپار جو مکيه ذريعو هو. ڏکڻ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ واقع آهي، جنهن کي "راوت لغاري ڍنڍ" چيو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان هن خطي ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.
![]() |
ڳوٺ جو بنياد ۽ نالي جو پسمنظر:
هن ڳوٺ جو بنياد ڪيئن پيو ۽ راوت خان ڪير هو؟ ان حوالي سان سنڌ جي نامياري محقق عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ڪتاب "سنڌ جا ماڳ اماڳ" (صفحو: 62-63) ۾ لکي ٿو ته:
"راوت فقير لغاري ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ميانوال تحريڪ سان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پاڻ کي فقير سڏايو جنهنڪري جيڪي به ماڻهون هن جي ويجهو هئا، سي به فقير سڏجڻ لڳا.... راوت فقير لغاري غالبًا 1700ع کان اڳ ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو جنهن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو سو هاڻي سندس نالي سان سڏجڻ لڳي ٿو.... راوت فقير لغاري جو قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڳوٺ حاجي خان لغاري کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر-اولھ ۾ ڊرگهه بالا روڊ سان واقع آهي."
مقامي روايتون ۽ شجرو
مقامي زميندار ۽ سياسي اڳواڻ رئيس زبير خان لغاري جي روايت موجب، فقير راوت خان لغاري ڊيرا غازي خان کان قلات ۽ بعد ۾ سنڌ جي ڪاڇي ۾ داخل ٿيو. هو هڪ بااثر سياسي شخصيت هو. هن ڳوٺ ۾ سندس ٻه پٽ حيدر (جنهن جو اولاد حيدراڻي) ۽ سڄڻ (جنهن جو اولاد سڄڻائي) آباد ٿيا. ڪي چون ٿا ته اهي ٻئي سندس ڀاڻج هئا. هتي راوت فقير جو دائرو به هو، جتي پپر جو هڪ وڏو وڻ موجود هو، جيڪو ويجهر ۾ سڪي سڙي ويو ته ماڻهن سندس بچيل ٿڙ به ڪٽي کپائي ڇڏيو هو. اها دائري واري زمين هتان جي پراڻي جامع مسجد جي سامهون آهي. هن وقت اهو خالي پلاٽ جي صورت ۾ پيو آهي. "
![]() |
| دائري فقير وارو پلاٽ، جتي راوت فقير لغاري جو دائرو هوندو هو. |
ڳوٺ راوت خان لغاري - انگريز دور حڪومت ۾:
انگريزن جي سرڪاري رڪارڊن جهڙوڪ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ (1899ع) ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو گزيٽيئر (1911ع) ۾ هن وسنديءَ جو ذڪر هڪ خوشحال شهر طور ملي ٿو. 1881ع جي شڪارپور جي نقشي ۾ پڻ هي ڳوٺ واضح ڏيکاريو ويو آهي.
هي ان وقت جي "تعلقي ڪڪڙ" جو هڪ سرسبز ۽ باغن سان ڀريل شهر هو. هتي مسلمان اڪثريت ۾ هئا، جڏهن ته هندو برادري واپار ۽ زمينداري سان لاڳاپيل هئي. شهر ۾ مسجدون، مندر ۽ وڏيون بازارون آباد هيون. نارو واھ تي ٻيڙين جو پتڻ (ننڍو بندرگاھ) هوندو هو، جتان سڄي سنڌ سان واپار ۽ آمدرفت ٿيندي هئي. هتي هڪ سنڌي پرائمري اسڪول به موجود هو.
![]() |
| ڳوٺ راوت خان لغاري جي هڪ پراڻي بازار، جيڪا هاڻي گهٽيءَ ۾ تبديل ٿي وئي آهي |
شهر جي علمي، ادبي ۽ سياسي اهميت:
خيرپور ناٿن شاھ جو هڪ وڏو شاعر، عالم ۽ فارسي نويس ماستر اعظم خان اعظم (1825-1915ع) هو. هن کي جيڏانهن به ڊيوٽي لاءِ موڪليو ويندو هو ته هو فارسي بيتن جي صورت ۾ درخواستون لکي پنهنجي بدلي راوت لغاري شهر ڏانهن ڪرائيندو هو. هن کي ڳوٺ قاضي عارف موڪليو ويو ته هن پنهنجي عملدار کي هيٺيون بيت لکي موڪليو:
ای سروری کبیر عنایت نمائی من
وی آمر امیر بدردی دوائی من
در بورڑی یا راوتخانم در آوری
کان ھردو طالب اندیسی آشنائی من
ترجمو: "اي وڏا آفيسر! منهنجي مٿان هڪ عنايت ڪر. اي فرمانروا! منهنجي درد جي دوا ڪر. مونکي ٻورڙي يا راوت لغاري ڳوٺ ڏانهن بدلي ڪر. ڇو ته اتي منهنجي ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ گهڻي آهي."
هن جي هڪ ڀيري گوزو شهر ڏانهن ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي ته هن ان دور جي تعلقي مختيارڪار ديوان پريتم داس ڏانهن به فارسي بيت جي صورت ۾ درخواست موڪلي:
بخدمت سر آمد ھمہ راجگان
کہ کسریٰ برش باشد از بند گان
ھمین قریہ گردیرد چون انڊمان
سزا وار خونی بود این مکان
بر امید رحمت توقع کنم
ز گوزہ براوت دھی مسکنم
ترجمو:
"بخدمت جنابِ اعلي!
توهان اهي عظيم حڪمران آهيو، جنهن جي غلامي ڪسري جهڙا شهنشاه به ڪندا آهن.
جنهن شهر ۾ توهان مونکي ڊيوٽي تي لڳايو آهي اهو ته انڊمان ٻيٽ جهڙو آهي، جتي وڏن قاتل ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي.
مان توهان ڏانهن رحم و ڪرم جي اميد سان هي درخواست موڪليان ٿو ته
مهرباني ڪري مونکي گوزو شهر مان ڪڍي راوت خان لغاري شهر ڏانهن بدلي ڪيو وڃي. "
ماستر اعظم خان اعظم کي راوت لغاري ڳوٺ سان ايترو ته انس ۽ لڳاءُ هو جو سندس وفات به هتي ئي ٿي هئي ۽ هن کي دفنايو به هتان جي حاجي رحمت ﷲ واري تاريخي قبرستان ۾ هو. (تحفه خيرپور ناٿن شاھ، حڪيم محمد صادق طالب عباسي، ص:33-34) هتي هن وٽ مولوي الاهي بخش ايري تعليم حاصل ڪئي، جيڪو آزادي جي تحريڪ جو وڏو اڳواڻ ۽ خلافت تحريڪ جو سرواڻ هو. خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ تي پهريون ڪتاب لکڻ وارو حڪيم محمد صادق طالب عباسي جي پيدائش به هن ڳوٺ ۾ ٿي هئي. سياسي اڳواڻ حاجي ظفر علي خان لغاري جي وڏن جو اصل تعلق به هن ڳوٺ سان هو. هتان جي ٻين علمي ادبي شخصيتن ۾ حڪيم شفيح محمد عباسي، حاجي حسين بخش لغاري، حڪيم لطف ﷲ لغاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
زوال:
جيڪو پهريان تعلقي جي مکيه شهرن مان هڪ هو، اڄ اهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ان جا ڪيئي سبب آهن. هڪ اهم سبب ته 1947ع وارو ورهاڱو هو، جنهن ۾ هتان هندو واپاري لڏي ڀارت هليا ويا. ٻيون اهم سبب نارو واھ کان واپاري ٻيڙن جو سفر ختم ٿيڻ آهي. هن ڳوٺ کي ڪو به اهم واپاري لنڪ روڊ نه آهي. ان کانسواءِ آمدورفت جا ذريعا وڌي وڃڻ ڪري خيرپور ناٿن شاھ ۽ ميهڙ جهڙا وڏا شهر ويجهو ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ماڻهون راوت ڳوٺ جي بازارن مان سامان خريد ڪرڻ بدران وڏن شهرن مان خريداري ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. انڪري مقامي ڳوٺ جا واپاري ۽ دڪاندار به وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا، نتيجي طور اڄ هتان جون بازارون ويران ٿي چڪيون آهن. جتي ڪنهن وقت ذهين ماڻهون پنهنجون بدليون ڪرائيندا هئا اڄ اتان کان تعليم يافته ۽ ذهين ماڻهون بهتر مستقبل لاءِ لڏي وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح هن شهر جي ذري گهٽ اڌ کن آبادي هتان لڏي وئي آهي.
![]() |
![]() |
| انگريز دور ۾ تعمير ڪيل موري |
![]() |
ڇا توهان کي هن ڳوٺ جي باري ۾ ڪا وڌيڪ معلومات آهي؟ جي ها ته ڪمينٽ باڪس ۾ اسان سان شيئر ڪيو.
%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1)%20(1).jpg)

.jpg)



Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.