ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي عزاداري" تي تبصرو

ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي عزاداري" جو تنقيدي جائزو: هڪ تاريخي مطالعو

​پاران: علي سنڌي

​مقامي تاريخ (Microhistory) جي ميدان ۾ اهڙا ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا، جن ۾ ڪنهن به مخصوص ڳوٺ، شهر يا علائقي جي جاگرافي، ثقافت، تمدن ۽ مذهبي روايتن کي تفصيل سان محفوظ ڪيو وڃي. اهڙا ڪتاب مستقبل لاءِ هڪ قيمتي تاريخي اثاثو ثابت ٿين ٿا. فقير مقبول حسين گاڏهي (ويٺل ڳوٺ بگ، دائرہ حسن فقير گاڏهي) جو تازو لکيل ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري" به اهڙي ئي هڪ اهم ڪوشش آهي. حيدرآباد جي سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل هي ڪتاب، تعلقي جي عزاداري ۽ ان سان جڙيل تشيع مڪتب جي ريتن رسمن تي هڪ تفصيلي دستاويز آهي.

ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري"
تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري


​تعلقي جي عزاداري جو انسائيڪلوپيڊيا

​هي ڪتاب رڳو عزاداري جي موضوع تائين محدود ناهي، پر اهو تعلقي جي تشيع مڪتب جي رسمن، عبادتن، عقيدن ۽ نفسيات کي به سمجهڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. ڪتاب جا اهم پهلو هي آهن:

​تاريخي پس منظر: 

ڪتاب ۾ تعلقي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداري جي شروعات، ارتقا ۽ موجوده صورتحال تي روشني وڌي وئي آهي.

​سماجي ۽ مذهبي پهلو: 

محرم جا ڏهه ڏينهن، نياز، سبيلن جو اهتمام ۽ عزاداري جا مختلف روٽس تفصيل سان بيان ڪيل آهن.

​ادبي حصو: 

تعلقي جي نوحہ خوانن، مرثيہ نگارن ۽ اوسارا چوندڙ سگهڙ شاعرن جو تذڪرو شامل ڪيو ويو آهي.

​ماتمي رسوم: 

ڪتاب ۾ مختلف علائقن ۾ رائج ماتم جي قسمن، جهڙوڪ زنجيرن، گرزن، باهه ۽ هٿ جي ماتم بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي.

​شيعه-سني تعلقات جي تعلقي ۾ صورتحال

​ڪتاب جي ڪجهه جهلڪين ۾ تعلقي ۾ موجود مختلف مذهبي گروهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به ڏيکاريو ويو آهي. ليکڪ ٻڌايو آهي ته ڪيئن شيعه، سني، هندو ۽ ٻيا مڪتبِ فڪر هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي سني به عزاداري ۾ حصو وٺن ٿا. سنين، هندن ۽ ٻين غير شيعه مذهبن پاران نياز ۽ سبيل جو اهتمام ڪرڻ جا به احوال لکيا ويا آهي. ان سان گڏ، تاريخي حوالي سان 1952ع جي 'ماڏي واري مناظري' تي روشني وجهندي، ان واقعي جا سماجي اثرات ۽ ڪجهه علائقن جي مڪتبِ فڪر جي تبديليءَ تي به بحث ڪيو ويو آهي.

​علمي ۽ تدريسي حلقن جو ذڪر

​ڪتاب ۾ خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ موجود شيعه مدرسن ۽ علماء دين جو به ذڪر آهي. هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مختلف تعلقي سان واسطو رکندڙ ڪهڙا ديني عالم آهن ۽ هنن ڪٿان تعليم حاصل ڪئي آهي. ايران جي درسگاهن مان علم حاصل ڪندڙن جو خاص تذڪرو ڪيو ويو آهي، جن ۾ علامه محمد باقر مجلسي صاحب جو به ذڪر آهي. 

​ڪتاب جو تنقيدي جائزو: اختلافي نڪتا

​جتي هي ڪتاب مقامي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان اهم آهي، اتي تاريخي تحقيق جي اصولن مطابق ڪجهه پهلو مبحث طلب آهن:

​1. تاريخي مبالغه آرائي:

عزاداري کي قديم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترن ئي مقامي بزرگن، جهڙوڪ ميان نصير محمد ڪلهوڙو، فقير حسن گاڏهي، سيد ناٿن شاھ لڪياري ثاني ۽ سيد علي مرتضٰي شاه (علڻ شاھ) کي شيعه مڪتب مان ظاهر ڪيو ويو آهي. مصنف صفحي 48 تي لکي ٿو ته

"ميان آدم شاه کان وٺي ميان نصير محمد تائين سڀئي شيعه اثنا عشري هئا."

  • جڏهن ته تاريخي دستاويزن، جهڙوڪ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وصيت نامي "منشور الوصيت و دستور الحڪومت" مان ثابت ٿئي ٿو ته ميان نصير محمد سميت سمورا ميانوال اڳواڻ، فقير ۽ ڪارڪن توڻي ڪلهوڙا حڪمران اهل سنت فقہ حنفي مڪتبه مهدويه سان تعلق رکندڙ هئا.
  • سيد ناٿن شاھ ثاني لڪياري ۽ سيد علڻ شاھ بابت ته سندس پونئيرن جون ئي شاهديون آهن ته هو سڀ اهل سنت هئا، هنن جا پونئير گهڻو بعد ۾ شيعه مڪتب اختيار ڪيو آهي.
  • سيد علڻ شاھ جي مقبري ۾ موجود ڪتبو به سندس سني هجڻ جي شاهدي ڏئي ٿو. 

​2. زباني روايتن تي حد کان وڌيڪ انحصار:

اڄ جي دور ۾ جڏهن تاريخ جي پرک جا سائنسي اصول موجود آهن، ته رڳو زباني روايتن تي انحصار ڪرڻ ڪافي ناهي. تاريخي ماخذن ۽ لکت واري رڪارڊ مان تصديق ڪرڻ سان هي ڪتاب وڌيڪ معتبر بڻجي ها.

انهن علمي اختلافن جي باوجود، فقير صاحب جي جاکوڙ کي رد نٿو ڪري سگهجي. ڳوٺ ڳوٺ وڃي مواد گڏ ڪرڻ هڪ عظيم ڪارنامو آهي، جيڪو خطي جي ثقافتي تاريخ کي زنده رکندو.

فقير سائينءَ طرفان راقم کي پنهنجو ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري" تحفہ طور ڏيندي
فقير سائينءَ طرفان راقم کي پنهنجو ڪتاب "تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي عزاداري" تحفہ طور ڏيندي


Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ