فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ
فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙي جي مزار ۽ حياتيءَ جو مختصر تعارف
سنڌ جو ڪو به ڳوٺ ڪيترو به ننڍڙو ڇو نه هجي، پر اهو پنهنجي اندر ۾ وسيع تاريخ سمائي ويٺو آهي. بس ضرورت ان تي تحقيق، جستجو ۽ ان کي منظم طريقي سان مرتب ڪرڻ جي هوندي آهي. اهڙو ئي هڪ بظاهر ننڍڙو پر تاريخي ڳوٺ آهي "وسايو جانوري".
هي ڳوٺ يو سي منگواڻي، تعلقي ميهڙ (ضلعي دادو) ۾ واقع آهي. هتي جانوري قبيلي جا مهراڻي ۽ شهراڻي پاڙا آباد آهن. هن ڳوٺ جي تر ۾ جيڪا شهرت آهي، سا فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار جي ڪري آهي، جتي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي.
فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار جي اڏاوت
جيئن ته هي منهنجو ناناڻو ڳوٺ آهي، تنهنڪري منهنجي ننڍپڻ جو هن ڳوٺ سان گهرو تعلق رهيو آهي. شروعات ۾ ھيءَ مزار ڪچي سرن ۽ گاري جي ٺهيل هئي، جنهن کي گهڻو بعد ۾ پڪو بڻايو ويو. مزار جي اندر ٻه تاريخي شخصيتون دفن آهن:
- دولهه فقير دريا خان ڪلهوڙو (پاڻ)
- فقير مصري خان جانوري (سندن خاص مريد)
![]() |
| فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جي مزار |
دولهه فقير جي زندگيءَ جا تاريخي ماخذ
دولهه فقير دريا خان ڪلهوڙو جي زندگيءَ جو داستان اڪثر زباني روايتن (Oral Tradition) مان ملي ٿو. هن بابت سڀ کان پهريان حڪيم محمد صادق طالب عباسي پنهنجي ڪتاب "تحفہ خيرپور ناٿن شاھ" ۾ لکيو، جنهن جو ماخذ پڻ زباني روايتون هيون. مقامي ماڻهن ۾ مرحوم ميانداد خان جانوري ۽ مولوي رجب جانوري کان مون سندس متعلق روايتون هٿ ڪيون آهن.
دولهه فقير جي سوانح حيات: مجاز کان حقيقت تائين
فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو جو اصل تعلق ضلعي ۽ تعلقي نوشهرو فيروز سان هو. هو هڪ ﷲ لوڪ فقير ۽ بزرگ ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي سفر جي شروعات مجازي عشق مان ڪئي ۽ عشقِ حقيقي جي اعليٰ منزلن تائين پهتو. هو هڪ بهترين صوفي شاعر پڻ هو، جنهن جي ڪلام جو بنيادي پيغام عشق ۽ فنا في ﷲ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي وانگر هن به پنهنجي حياتيءَ جا شروعاتي لمحا سير سفر ۾ گذاريا. گھمندي ڦرندي هو خيرپور ناٿن شاھ ۾ آيو، جتي سندس ملاقات فقير مصري خان جانوري سان ٿي. مصري خان سندس روحاني منزلت مان متاثر ٿي کيس پنهنجي ڳوٺ (منگواڻي لڳ) وٺي آيو. ان کان پوءِ هو آخري وقت تائين هن ڳوٺ ۾ رهيو. ڪافي وقت تائين هي ڳوٺ سندس نالي سان سڏجڻ لڳو، پر هاڻي ان کي "ڳوٺ وسايو جانوري" چيو ويندو آهي.
فقير جي حياتيءَ جا ڪي روحاني واقعا
مقامي زباني روايتن ۾ سندس روحاني منزلت جي دليل طور ڪيترائي واقعا بيان ڪيا وڃن ٿا:
- ذڪرِ مصطفيٰ ﷺ جي طاقت: چون ٿا ته هڪ ڀيري ڳوٺ راوت خان لغاري جي هڪ مسجد ۾ عصر جي نماز کان پوءِ ڳالهه نڪتي ته رسول ﷲ ﷺ جي ذڪر سان ساوا پن جهومڻ لڳندا آهن. ان تي فقير دريا خان فرمايو: "ذڪرِ مصطفيٰ ﷺ ۾ ته سڪل ڪاٺيون به رقص ڪنديون آهن." جنهن کان پوءِ جماعت جيئن ئي لا الٰه الا ﷲ جو ورد شروع ڪيو ته فقير جي لٺ سڌي ٿي بيهي رهي، ڄڻ ﷲ جي وحدانيت جي شاهدي ڏئي رهي هجي.
- کير پيئڻ تي ملامت: حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ رڳو کير پيئندو هو. هڪ دفعو کير پيئڻ تي پاڻ تي ملامت ڪندي سرائڪي ۾ چيائين:
- وڏيري شير محمد جو واقعو: روايت آهي ته وڏيرو شير محمد خان جانوري ڪنهن ڳالهه تان فقير تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس منگواڻي شهر جي چونڪ تي برو ڀلو چيائين. فقير جي بددعا سان وڏيرو ذهني توازن وڃائي ويٺو. بعد ۾ جڏهن سندس عزيزن معافي گهري ته فقير نه صرف معاف ڪيو پر اهڙي دعا ڪئي جو وڏيرو صحيح ٿيڻ سان گڏ صاحبِ ولايت بڻجي ويو.
فقير مصري خان جانوري جو تعارف
دولھ فقير جي زندگيءَ سان فقير مصري خان جانوري جو گهيرو لاڳاپو آهي. هو ڳوٺ جي زميندارن مان هڪ هو ۽ وڏيري شير محمد خان جانوري جو ڀيڻوئي هو. هو دولھ دريا خان جو سچو معتقد هو. دولهه سائين کي سندس زمين تي دفن ڪيو ويو ۽ بعد ۾ مصري فقير کي به سندس ڀر ۾ دفنايو ويو. کيس اولاد نه هجڻ ڪري سڄي ملڪيت سندس ڀاڻج فقير نيڪ محمد خان جانوري کي ملي، جنهن جو اولاد اڄ به مزار جو گادي نشين آهي.
![]() |
| فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو ۽ فقير مصري خان جانوري جون قبرون |
دولهه فقير ڪهڙي دور جو هو؟
ڪجهه ماڻهو ذات ڪلهوڙا هجڻ ۽ 'فقير' جو لقب هجڻ ڪري غلط فهمي ۾ هن کي ميانوال تحريڪ جو تسلسل سمجهن ٿا، پر تاريخي طور اها ڳالهه درست ناهي.
سندس دور جو اندازو لڳائڻ لاءِ اسان کي فقير مصري خان جي شجري کي ڏسڻو پوندو:
- مصري فقير جو وارث سندس ڀاڻج نيڪ محمد خان ٿيو.
- سندس پڙپوٽو مرحوم حاجي ميانداد هو، جيڪو تقريبن 60 کان 65 سالن جي عمر ۾ سنه 2023ع ۾ وفات ڪري ويو.
- ان حساب سان، مصري فقير ۽ دولهه دريا خان جو دور 1890ع کان 1900ع (انگريزن جو دور) وڃي بيهي ٿو، نه ڪي ڪلهوڙا دور.
دولهه فقير ڪلهوڙو جي چيل "ڪافي"
بزرگ جي شاعري جو هڪ خوبصورت نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سرتيون ڏيو نه صلاح، ڀينر ڏيو نه صلاح،
باب بنديءَ جي جيڪا بڻي آ بڻي.
اڳيان گڏيم گيڙو ڪپڙين، نور ڀري هن نگاه،
اسر اٿڻ جي تنکي گهڻي آ گهڻي.
ماءُ دعا ڪر دل سان مونکي، آهي نانگن ساڻ نڪاح،
مٽي تن جي مونکي وڻي آ وڻي.
دانهن "دريا خان" ڏيندس ڪنهن کي، ٻڌندم پاڻ ﷲ،
ننگ اٿس نيٺ ڌڻي آ ڌڻي.


Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.