عثمانيه سلطنت جا عظيم سائنسدان: هڪ تاريخي جائزو ۽ سائنسي ڪارناما
مغربي پروپيگنڊا جي ڪري ماڻهن ۾ عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته عثمانيه سلطنت سميت ٻيون اسلامي رياستون رڳو جنگين ۽ سياسي سازشن ۾ مصروف رهنديون هيون. انهن سائنسي ترقي ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. پر جيڪڏهن تاريخ جو چڱي طرح مطالعو ڪيو ويندو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته انهن اسلامي سلطنتن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي تي به وڏو ڪم ڪيو ويو هو. عثماني خليفا ۽ سلطان سائنسدانن جي باقاعده همت افزائي ڪندا هئا.
اچو ته هاڻي انهن اهم شخصيتن جو تعارف پڙهون، جن کي سلطنتِ عثمانيه جي تاريخ جا مکيه سائنسدان هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.
#1 علي قوشجي (1403-1474ع):
هن جو سڄو نالو علاء الدين علي بن محمد قوشجي هو. پر هن کي علي قوشجي (Ali Kuscu يا Ali Qushji) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هو در اصل تيموري سلطنت جي حاڪم الغ بيگ (1394-1439ع) جو درٻاري عالم ۽ سائنسدان هو. الغ بيگ پاڻ به رياضي ۽ فلڪيات (Astronomy) جو ماهر هو. علي قوشجي فلڪيات، رياضي ۽ طبيعيات (Physic) جو ماهر هو. 1472ع ۾ سلطان محمد فاتح جي دعوت تي قسطنطنيه آيو. جتي هن محمد فاتح جي منظوري کان پوءِ "صحن سمن مدرسو" (Sahn Seman Medrassa) نامي هڪ سائنسي اسڪول جو بنياد رکيو. جتي Astronomy, Mathematics, Physic, Optics, Medicine, Chemistry ۽ ٻيا سائنسي مضمون پڙهايا ويندا هئا. ان درسگاه جي ذريعي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي عثمانيه سلطنت ۾ قدم رکيو هو.
تنهن کانسواءِ علي قوشجي پهريون ڀيرو سائنسي تجربات جي بنياد تي ثابت ڪيو ته زمين پنهنجي دائري ۾ گول ڦري رهي آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه هن کان اڳ ٻين به ڪئي هئي. پر انهن Natural Philosophy جي آڌار تي اها ڳالهه ڪئي هئي. Emperial evidence جي آڌار تي پهريون ڀيرو علي قوشجي ان سائنسي حقيقت کي ثابت ڪيو. ان کانسواءِ هن ناصر الدين طوسي جي ڏنل نظامِ شمسي جي ماڊل جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ سڌارو ڪندين عطارد سيّاري (Planet Mercury) کي پنهنجي صحيح جڳھ تي رکيو.
#2 تقي الدين (1526-1586ع):
تقي الدين محمد بن معروف الشامي سنہ 1526ع ۾ شام ۾ ڄائو. هن Astronomy, Engineering science, Mathematics, Mechanics, Optics ۽ Natural Philosophy جهڙن علمن تي ڪم ڪيو. چون ٿا ته نڪولس ڪاپرنيڪس ۽ ٽائيڪو براهي کائنس واقف هئا. ٻئي سندس همعصر يورپي سائنسدان هئا. هنن سندس ڪيل سائنسي ڪم کي اڳتي وڌايو هو. گهڻو ڪري هنن تقي الدين کان روشني حاصل ڪئي هئي.
![]() |
| عثمانيه سلطنت جا سائنسدان پنهنجي سائنسي تجربن ۾ مصروف |
سنہ 1577ع ۾ تقي الدين قسطنطنيه شهر ۾ هڪ فلڪياتي تجربيگاھ قائم ڪئي. جتي هو ٻين عثماني فلڪي دانن سان گڏجي فلڪياتي جسمن جو مشاهدو ڪندو هو. هن هڪ فلڪي گهڙيال (Astronomical Clock) ايجاد ڪيو ھو. ان جي ذريعي هو سج، چنڊ، ستارن، شهاب ثاقبن، سيارن ۽ ٻين فلڪي جسمن جي رفتار ۽ حرڪتن جو حساب ڪندو هو. 1577ع ۾ زمين جي ويجهو هڪ تمام وڏو پڇڙ تارو (comet) گذريو هو. ان جي باري ۾ تقي الدين خبر ڏني هئي ۽ سندس رفتار پڻ معلوم ڪئي هئائين.
#3 ابراهيم آفندي :
هن سائنس ۾ پنهنجي طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي هئي. پر هن يورپي سائنسدانن جي تحقيقي ڪمن کي عربي ۽ ترڪي زبانن ۾ ترجمو ڪيو.
#4 پيري رئيس (1465-1553ع):
هو عثمانيه خلافت جو امير البحر، کوجي، جاگرافيدان ۽ Cartographer هو. هن ميڊيٽيرينين سمنڊ جو نقشو تيار ڪيو هو. جنهن ۾ هن ان سمنڊ سان ملندڙ اهم بندرگاهن، شهرن، جاين، سمنڊ جي پکيڙ ۽ ٻين شين جي نشاندهي ڪئي هئي. اهو نقشو ان وقت جو صحيح ترين نقشو مڃيو ويندو هو. تنهن کان پوءِ هن سڄي دنيا جو هڪ نقشو به تيار ڪيو. جنهن کي به بهترين موٽ حاصل ٿي. اهي ٻئي نقشا توڻي جاگرافي ۽ نيويگيشن متعلق سندس ٻين معلومات "ڪتابِ بحريہ" ۾ آهي. اهو ڪتاب هن 1513ع ۾ لکيو هو.
#5 موسٰي هامون:
هي هڪ يهودي فزيشن ۽ ميڊيڪل سائنسدان هو. جنهن عبراني، مصري، اسلامي ۽ يورپي طب تي تحقيق ڪئي هئي.
#6 عمر بي (Omer b. Sinan el-izniki) :
عمر بي ڪيميائي طب (Chemical Medicine) جو بنياد رکندڙ آهي. هن جا ڪتاب "قنوز حياتِ انسان" ۽ " قانونِ طب و فلسفہ" ميڊيڪل سائنس ۾ سَنَد سمجهيا ويندا هئا. هن مختلف بيمارين جي خاتمي ۽ دوائون تيار ڪرڻ لاءِ تمباڪو جي پن جو استعمال پڻ سمجهايو هو.
#7ڪمال الدين آفندي :
ڪمالدين آفندي (Cemaluddin Effendi) علم طب يا ميڊيڪل سائنس جو پروفيسر هو. هن پنهنجي شاگردن سان گڏجي سنہ 1873ع ۾ ميڊيڪل سائنس جي لغت (Dictionary) تيار ڪئي هئي.
#8 شرف الدين صابونجي اوغلي (1385- 1468ع):
هو عثمانيه خلافت جو سڀ کان وڏو سرجن هو. هن جراحت (Surgery) جا جديد طريقا متعارف ڪرايا هئا. جن کي هن پنهنجي ڪتاب "شاهي جراحت" ۾ پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جتي هن سرجري جي باري ۾ ٻڌايو آهي. اتي ئي هن عورتن کي ميڊيڪل سائنس جي تعليم ڏيڻ تي پڻ زور ڀريو آهي. هو عورتن کي طبي علم سکڻ ۽ طبيبہ (ڊاڪٽر) ٿيڻ تي اڀاري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته عورتن جي دل ۾ مرد جي نسبت وڌيڪ محبت، همدردي ۽ انسانيت هوندي آهي. انڪري هڪ عورت بهترين ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿي.
#OttomanScientists #IslamicHistory #ScienceInIslam #AliQushji #PiriReis #HistoryOfScience #SindhiBlogger #AliSindhi

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.