توحيد جو انقلابي پهلو: ڇا اسان حقيقي توحيد کان واقف آهيون؟

تحرير: علي سنڌي

توحيد اسلام جو سڀ کان بنيادي ۽ اهم ترين اصول آهي. سڄي اسلام جي عمارت ان هڪ ئي ڳالھ تي بيٺل آهي ته ﷲ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. هو پنهنجي ذات، صفات، ربوبيت ۽ الوهيت ۾ اڪيلو آهي ۽ هن جو ڪو به شريڪ ناهي. ان ئي مضبوط بنياد تي اسلام جا تمام ايمانيات، رڪن، احڪام ۽ عقيدا قائم آهن.

پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄوڪي دور ۾ مسلمانن اسلام جي ان اهم ترين بنياد کي بالڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان ﷲ کي ڇڏي، غيرﷲ جي ڪنهن نه ڪنهن نموني پرستش ڪرڻ لڳو آهي.

تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪجهه نوجوان توحيد حاڪميت جي لاءِ روڊن تي نڪتا آهن.
توحيد جو انقلابي پهلو: ڇا اسان حقيقي توحيد کان واقف آهيون؟

معاشري ۾ شرڪ جا مختلف روپ:

موجوده دور ۾ اسان جي معاشري اندر توحيد جي بنياد کي ڪنڊائتو ڪري هيٺيان منفي رويان اختيار ڪيا ويا آهن:

 دعائن ۾ شريڪ ڪرڻ: ﷲ تعاليٰ کي ڇڏي ٻين اڳيان ٻاڏائڻ.

 نذر و نياز جو شرڪ: نذر، نياز، خير ۽ خيراتن ۾ ﷲ سان گڏ غيرن کي شريڪ ڪرڻ.

 غلط توڪل: ﷲ جي بدران رسولن، نبين، ولين، نجومين، جادوگرن ۽ ڪاهنن تي تڪيو ڪرڻ.

 غيبي خوف: ﷲ جي ذات بدران غيبي طاقتن، جنن ۽ ڀوتن وغيره جو خوف دل ۾ رکڻ.

 تڪبر ۽ ڏيکاءُ: عبادتون صرف ﷲ لاءِ ڪرڻ بدران ڏيکاءُ ۽ نمائش لاءِ ڪرڻ، جڏهن ته تڪبر ۽ وڏائي صرف ﷲ جي ذات کي ئي جڳائي ٿي.

اهو پهلو جيڪو اڪابر به بيان نٿا ڪن!

پر... پر.... پر..... توحيد رڳو هتي ختم ناهي ٿيندي. توحيد جو هڪ اهڙو انقلابي پهلو به آهي، جيڪو اسان وٽ وڏا وڏا توحيد جا اڪابر ۽ دعويدار به بيان ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. اها توحيد نه ديوبندي بيان ڪن ٿا، ۽ نه وري اهل حديث ٿا ٻڌائن. اها توحيد ڪو سچو موحد، همت ۽ جرئت وارو انسان ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

اها آخر ڪهڙي توحيد آهي؟ ان جو نالو آهي "توحيد في الحڪم" يا "توحيد حاڪميت".

توحيد حاڪميت اسان کي ٻڌائي ٿي ته هن ڪل ڪائنات ۽ ساري مخلوقات جو واحد بادشاھ، شهنشاه، حڪمران، فرمانروا، قانونساز ۽ سلطان صرف ۽ صرف ﷲ تعاليٰ آهي. ان جي حڪم، فرمانروائي ۽ قانونسازي ۾ ڪو به شريڪ ناهي.

قرآن پاڪ جي روشنيءَ ۾ توحيد حاڪميت جا دليل:

ان توحيد جي متعلق سڄو قرآن پاڪ دليلن سان ڀريو پيو آهي. اچو ته ڪجهه اهم آيتن تي نظر وجهون:

إِنِ الْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ

ترجمو : حاڪميت صرف ﷲ جي آهي. 

(سورت يوسف، ايت:40)

وَّلَا يُشْرِكُ فِىْ حُكْمِهٓ ٖ اَحَدًا

ترجمو:هو (ﷲ) پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن به هڪ کي شريڪ نه ٿو ڪري. 

(سورت الڪهف, آيت:26)

أَمْ لَهُمْ شُرَكَاءُ شَرَعُوا لَهُم مِّنَ الدِّينِ مَا لَمْ يَأْذَن بِهِ اللَّهُ

ترجمو:ڇا هنن ﷲ جا اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن جيڪي هنن جي لاءِ اهڙا قانون ٺاهن ٿا جن جو حڪم ﷲ نه ڏنو آهي..؟

(سورت الشوري، آيت 26)

ان کان علاوه، خاص ڪري سورت النساء جي آيت نمبر 53 کان 60 تائين جو سڄو مضمون توحيد حاڪميت کي تمام تفصيل سان بيان ڪري ٿو.


توحيد حاڪميت تي ايمان آڻڻ جو فائدو ۽ سياست:

توحيد حاڪميت تي ايمان آڻڻ جو سڀ کان پهريون فائدو اهو ٿيندو آهي ته انسانن جي  حاڪميت جو خاتمو اچي وڃي ٿو. هاڻي انسان ڌرتيءَ تي ﷲ جو خليفو ۽ نائب ٿي ڪري، ان جي نازل ڪيل احڪامن جي روشنيءَ ۾ حڪومت هلائيندو.

ان جي مثال ائين آهي جيئن ڪنهن بادشاهه پاران پنهنجي سلطنت جي ڪنهن صوبي مٿان مقرر ڪيل گورنر يا وائسراءِ هوندو آهي. اهو گورنر پنهنجي مرضيءَ سان قانون ناهي ٺاهيندو، بلڪ رياست جي حقيقي سربراهه جا فرمان لاڳو ڪندو آهي.

رسول ﷲ ﷺ جي سياسي حيثيت:

جڏهن رسول ﷲ ﷺ جن مديني ۾ اسلامي رياست جو بنياد وڌو ۽ پاڻ رياست جا سربراهه مقرر ٿيا، ته پاڻ پنهنجي هر رياستي فرمان، مسودي يا خط ۾ "محمد رسول ﷲ" جو لقب لکندا هئا. هڪ رياستي سربراهه جي حيثيت ۾ پاڻ پنهنجي لاءِ ڪو به دنياوي شاهي لقب استعمال نه ڪيائون.

 جڏهن ڪنهن شخص رسول ﷲ ﷺ جن کان پڇيو ته: "يا رسول ﷲ! ڇا توهان بادشاهه آهيو؟"

ته پاڻ فرمايائون: "نه! بلڪ مان ﷲ جو رسول آهيان."

جيڪي ماڻهو چون ٿا ته "دين ۾ سياست ناهي" ۽ رسول ﷲ ﷺ جن رياستي سربراهه جي حيثيت ۾ (نعوذ باللّٰه) سيڪيولر هئا، انهن لاءِ هي هڪ وڏو تماچو آهي. رياستي سربراهه جي حيثيت ۾ به پاڻ "رسول ﷲ" جو خطاب ئي پسند ڪيائون ۽ واضح ڪيو ته نبي جو ڪم رڳو دعوت، تبليغ يا اعتڪاف ناهي، بلڪ هڪ عادلانه رياست قائم ڪرڻ ۽ ان جو نظام هلائڻ به آهي.

پاڻ سڳورن جي وفات کان پوءِ به سندس جاءِ نشينن کي "خليفو" (نائب) سڏيو ويو، نه ڪي بادشاهه يا سلطان. ڇو ته حقيقي بادشاهه صرف ﷲ آهي.

توحيد حاڪميت تي ايمان آڻڻ جو عملي نتيجو:

توحيد حاڪميت تي ايمان آڻڻ جو سڌو سنئون مطلب آهي: انسانن جي ٺاهيل باطل قانونن جو انڪار ڪرڻ. يعني وقت جي هر ظالم، جابر بادشاهه، ڊڪٽيٽر، صدر، وزيراعظم، فرعون، نمرود ۽ يزيد جي اقتدار اعليٰ کي چيلنج ڪرڻ ۽ انهن سان بغاوت ڪرڻ.

 سنڌ جي تناظر ۾ ان جو مفهوم:

جيڪڏهن اسان سنڌ جي اندر توحيد حاڪميت جي پرچار ڪنداسين، ته ان جو مطلب ٿيندو:

 1. هتان جي ظالم وڏيرن، سردارن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن خلاف کليل بغاوت.

 2. ڪرپٽ سياسي نمائندن جي اجاره داري کي ختم ڪرڻ.

 3. ﷲ جي نازل ڪيل دين بدران قبائلي قانونن، 1935ع جي برطانوي هند ايڪٽ يا يونان مان امپورٽ ٿيل ناقص جمهوريت جو انڪار ڪرڻ.

هن وقت انهن باطل نظامن جي ڪري ئي سنڌ ۾ ڦر، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جو بازار گرم آهي، جتي امير امير تر ۽ غريب ويلو کائڻ کان به بيزار آهي.. 

نبي سڳورن تي تڪليفون ڇو آيون؟

تاريخ گواه آهي ته رسولن ۽ نبين کي جيڪي به تڪليفون پهتيون، سي رڳو مٽي جي بتن جي مخالفت جي ڪري نه پهتيون هيون، بلڪ وقت جي حڪمرانن جي حاڪميت کي للڪارڻ جي ڪري پهتيون هيون.

مڪي ۾ رڳو بت پرست نه هئا، اتي عيسائي ۽ يهودي به رهندا هئا. قريش خاندان جو هڪ اهم فرد ۽ ام المومنين حضرت بيبي خديجه رضي ﷲ عنها جو سڳو سوٽ ورقه بن نوفل عيسائي هو. پر مڪي جي قريشن ڪڏهن به هن جي عيسائي هجڻ تي اعتراض نه ڪيو ۽ نه ئي کيس ڪا تڪليف ڏني.

پوءِ آخر محمد رسول ﷲ ﷺ ۽ سندس صحابه سان ظلم جا طوفان ڇو کڙا ڪيا ويا؟ جواب صاف آهي: پاڻ سڳورن مڪي جي سردارن جي سياسي ۽ قانوني حاڪميت کي رد ڪري، ﷲ جي حاڪميت جو اعلان ڪيو هو.

جيڪڏهن اڄ جا ملان ۽ مولوي به نبي اڪرم ﷺ واري اها حقيقي دعوت (توحيد حاڪميت) بيان ڪرڻ شروع ڪن، ته انهن جا مدرسا بند ڪيا ويندا ۽ کين ساهه کڻڻ به نه ڏنو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا اڪثر ملوڪيتي ملان پنهنجي مفادن ۽ عهدن جي ڪري توحيد حاڪميت بيان ڪرڻ کان ڊڄندا آهن.

توهان کي هي تحرير ڪيئن لڳي؟ پنهنجي قيمتي راءِ ڪمينٽ باڪس ۾ ضرور شيئر ڪجو ۽ ان کي اڳتي دوستن تائين پهچائجو.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ