Posts

مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جو پورهيت طبقو: حق يا منافقي؟

Image
اڄوڪو ڏينهن يعني پهرين مئي جو ڏهاڙو، سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. هن ڏهاڙي تي اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پر جنهن پورهيت طبقي جي لاءِ اها عام موڪل ڪئي وئي آهي، اهو اڄ به مزدوري تي آهي. هو چاهيندي به موڪل نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته جيڪڏهن هو موڪل ڪندو ته هن جا ٻچا بک ۾ گذاريندا.  سرمائيدارن جي منافقي ۽ هارين جو استحصال: ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالھ آھي ته اڄ پورهيتن جو ڏينهن، جيڪو طبقو ڌام ڌوم سان ملهائي رهيو آهي، تنهن ۾ اڪثريت انهن فيڪٽري مالڪن، سرمايه دارن، جاگيردارن ۽ سياستدانن جي آهي، جيڪي پاڻ پورهيتن جو استحصال ڪرڻ ۾ ملوث آهن. تازو ئي ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي ۽ هارين کان ڪڻڪ جي خريداري جو سلسلو جاري آهي. هاري به پورهيت هوندو آهي. انهيءَ پورهيت کي وياج ۽ مهانگي اگهه تي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون ڏئي هنن جو استحصال ڪندڙ طبقو اڄ تمام سستي اگهه ۾ کانئن ڪڻڪ خريد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف بلند آواز سان مزدورن جي حقن ۾ تقريرون ڪري رهيو آهي. حڪمران طبقو ۽ شڪاگو واقعي جو پسمنظر: اهو حڪمران طبقو به هن وقت پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهائيندي نظر اچي ٿو، جنهن هن وقت ت...

خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ

Image
 خيرپور ناٿن شاھ  جي تاريخ تي نه هئڻ برابر ڪم ڪيو ويو آهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته هي شهر ماضيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي ڪا به سياسي ۽ معاشي اهميت نه رهي آهي. هن شهر انگريزن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. پهريان هي هڪ تمام ننڍڙو شهر هو، جنهن جي حيثيت ميونسپالٽي کان وڌيڪ نه هئي. تعلقي جي حيثيت به هن کي 1955ع ۾ ملي آهي.  ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته  سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي ؟ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪم حڪيم محمد صادق طالب عباسي مرحوم ڪيو هو. جنهن شهر جي تاريخ جي مشهور شاعرن جي تذڪري تي مشتمل ڪتاب "تحفہ خيرپور ناٿن شاھ" لکي شهر واسين مٿان هڪ عظيم احسان ڪيو هو. هيءُ ڪتاب 1959ع ۾ قاضي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس دادو طرفان ڇپايو ويو. ان وقت پاڪستان جي قيام کي 12 سال گذري چڪا هئا. خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ  هن ڪتاب ۾ خيرپور ناٿن شاھ جي ڪل 33 شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. جن جو سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو ۾ پڻ ڪلام موجود هو. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ان وقت ت...

ابوجهل ۽ حضرت عمر رضي ﷲ عنه اسلام جا مخالف ڇو هئا؟

Image
ابوجهل ۽ حضرت عمر رضي ﷲ عنه اسلام جا مخالف ڇو هئا؟ سينٽ ٿيريسا هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ ٻارن جا ساليانه امتحان هلي رهيا هئا. ان دوران اٺين ڪلاس جي اردو پرچي ۾ هي سوال آيو: "ابوجہل اور حضرت عمر رضہ اسلام کے مخالف کیوں تھے؟" سوشل ميڊيا تي هي پرچو وائرل ٿي ويو. جنهن تي ماڻهن ان تي وڏو هل هنگامو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اسڪول انتظاميه مٿان "توهينِ صحابه" جو الزام لڳايو وڃي ٿو. مٿن قانوني ڪاروائي ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. چون ٿا ته اسڪول انتظاميه آخر ڇو هي سوال پيپر ۾ ڏنو آهي؟ ان سوال سان ٻارن ۾ حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنہ جو ڇا احترام رهندو؟ اسان وٽ اهو وڏو الميو آهي ته ماڻهون بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪنهن جي به مٿان توهينِ مذهب جو الزام لڳائيندين دير ئي نه ٿا ڪن. هن وقت ڪافي ماڻهون سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ به اسڪول انتظاميه خلاف اهڙي بهتان بازي ڪري رهيا آهن. جيئن ته هي معاملو وڏو حساس ۽ سنگين آهي. انڪري اسان سڀني کي گهرجي ته اهڙي معاملي ۾ اسان پوري طرح تحقيق ۽ تفتيش ڪريون. هي جيڪو سوال پڇيو ويو آهي، سو در اصل اٺين ڪلاس جي اردو نصاب مطابق پڇيو ويو آهي. ساٿين کي گهرجي ته هڪ ڀيرو سنڌ ٽي...

سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا

Image
جيڪڏهن تاريخ تي چتائي نظر ڪبي ته اسان کي هي ڄاڻ ملندي ته سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا بالڪل ئي اوائلي دور کان وٺي رهيا آهن. صرف عربن جي ٽي سالہ دور ۾ ئي سنڌ خلافت جي ماتحت نه هوندي هئي، بلڪ انهي کان پوءِ به 1843ع تائين سنڌ جون اسلامي حڪومتون خلافت سان سلهاڙيل رهيون هيون. جڏهن ته سنڌي عوام جون دليون ۽ همدرديون خلافت اسلاميه سان 1924ع ۾ خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيون. سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا بالڪل ئي اوائلي دور کان وٺي رهيا آهن. صرف عربن جي ٽي سالہ دور ۾ ئي سنڌ خلافت جي ماتحت نه هوندي هئي، بلڪ انهي کان پوءِ به 1843ع تائين سنڌ جون اسلامي حڪومتون خلافت سان سلهاڙيل رهيون هيون. جڏهن ته سنڌي عوام جون دليون ۽ همدرديون خلافت اسلاميه سان 1924ع ۾ خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيون. سنڌ جو خلافت اسلاميه سان واسطو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي ابتدائي دور ۾ ئي ٿي چڪو هو. 23 هجري ۾ سنڌ جو هڪ سڄو صوبو مڪران اسلامي سلطنت جو حصو بڻجي ويو هو ۽ سنڌ ۾ اسلام جو پهريون سياسي مرڪز بڻيو هو. تنهن کان پوءِ 10 رمضان 93 هجري مطابق 712ع ۾ باقاعده سنڌ خلافت اسلاميه جو صوبو بڻجي وئي هئي ۽ هتي خليفہءِ اسلام طرفان باقاعدہ ...

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

Image
ڇا اڄ جا مسلمان خلافت جي نظام لاءِ تيار ناهن؟ هڪ فڪري بحث خلافت بابت عوامي ۽ مذهبي حلقن جو موقف "خلافت جي ڳالھ نه ڪيو، ڇو ته ماڻهو خلافت لاءِ تيار ناهن.  مان مڃان ٿو ته خلافت برحق آهي. خلافت ئي اسلام جو سياسي نظام آهي. هائو ادا! مان اهو به تسليم ڪيان ٿو ته خلافت جي دور ۾ مسلمانن وٽ عزت وقار، شان، شوڪت، آجپو، خوشحالي، ترقي ۽ طاقت هئي. پر اڄ جي دور ۾ خلافت جي ڳالھ ڪرڻ اجايو آهي."  " اڄوڪا ماڻهو صحابه جهڙا ناهن رهيا. اڄوڪا ماڻهو ٻه وکون کڻي پاڙي جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ نه ٿا اچن. اڄوڪا مسلمان قرآن و سنت کان پري آهن. اوهان ٻڌايو ته ڪيترن کي ڏاڙهي رکيل آهي؟ اهي ماڻهو خلافت کي آخر ڪيئن قبول ڪندا؟  ڀلا توهان جو خلافت خلافت پيا ڪيو...! اوهان پنهنجي جسم مٿان خلافت نافذ ڪئي آهي؟ اڄ جيڪڏهن خلافت قائم ٿي وئي ته ان کي ماڻهو تسليم ئي ڪو نه ڪندا. تنهنڪري مان چوان ٿو ته ٻيلي! ڏاها ٿيو. خلافت خلافت جي پرچار ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي ڇهن فوٽن جي جسم مٿان خلافت لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيو. " جڏهن به اوهان خلافت جي ڳالھ ڪئي هوندي ته مٿيون ۽ ان جهڙيون ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون توهان کي رڳو عام ماڻهن جي واتان ...

خلافت ﷲ جو واعدو آهي...!

Image
خلافت ﷲ جو واعدو آهي (هڪ فڪر انگيز مڪالمو) ​اڄ ڪلهه جڏهن به دوستن جي ڪچهريءَ ۾ اسلامي نظام يا خلافت جي ٻيهر قيام جو ذڪر نڪرندو آهي، ته اڪثر ماڻهو مايوسيءَ مان چوندا آهن ته "اهو هاڻي ناممڪن آهي." اهڙي ئي هڪ بحث دوران منهنجي هڪ دوست سان گفتگو ٿي، جنهن اسان جي ايمان ۽ يقين کي پرکڻ جو موقعو ڏنو: ڇا خلافت جو ٻيهر قيام ممڪن آهي؟ هڪ فڪر انگيز گفتگو ​ چيم : "اسان جو مطالبو آهي ته نبوت جي منهج تي ٻيهر خلافت قائم ٿئي." چوڻ لڳو : "مگر اهو ناممڪن آهي." ​ چيم : "اهو ﷲ جو واعدو آهي. ڇا ﷲ جو واعدو سچو ناهي؟" چيائين : "بيشڪ ﷲ جو واعدو سچو آهي. پر خلافت ٻيهر اچڻ ممڪن ناهي." ​ چيم : "نبي ڪريم ﷺ جن جي بشارت آهي ته ثم تکون خلافه علي منهاج النبوۃ (پوءِ ٻيهر نبوت جي طريقي تي خلافت قائم ٿيندي)...!!!" چيائين : "بيشڪ...!!! منهنجو حبيب ﷺ سچو آهي. ان جي هر هڪ پيشنگوئي سچ آهي. پر خلافت جو ٻيهر قيام محض هڪ خواب آهي." ​ چيومانس : "ڇا اوهين مسلمان ناهيو؟" چيائين : "الحمدلله، مان مسلمان آهيان." ​ چيم : "جيڪڏهن مسلمان آهين، ...

اقامتِ دین جي جدوجهد جا مرحلا

Image
ﷲ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو : شَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّیْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّ الَّذِیْۤ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ وَ مَا وَصَّیْنَا بِهٖۤ اِبْرٰهِیْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِیْسٰۤى اَنْ اَقِیْمُوا الدِّیْنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوْا فِیْهِ١ؕ كَبُرَ عَلَى الْمُشْرِكِیْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَیْهِ١ؕ اَللّٰهُ یَجْتَبِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَهْدِیْۤ اِلَیْهِ مَنْ یُّنِیْبُ   ان توهان لاءِ دين جو اُهو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم ان نوح کي ڏنو هيو ۽ جنهن جي وحي اسان تو ڏانهن ڪئي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسٰى ۽ عيسٰى کي ڪيو هيو ته توهان دين کي قائم ڪيو ۽ فرقن ۾ نه ورهائجو. مشرڪن مٿان اها ڳالهه ڳري آهي جنهن ڏانهن تون انهن کي سڏين ٿو. ﷲ جنهن کي چاهي ٿو پاڻ ڏانهن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان کي پاڻ ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽي ٿو. (سورة الشُّوۡرٰی، آيت نمبر: 13) ان ئي آيت کي  نظم جي صورت ۾ سنڌ جي  توحيد پرست ۽ انقلابي مزاحمتي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح رحمہ ﷲ هن ريت چيو آهي : ڌڻيءَ اوهان لئہ  دِين ڪيو ،  قائـِم  برقرار،  جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير...