خلافت ﷲ جو واعدو آهي...!
خلافت ﷲ جو واعدو آهي (هڪ فڪر انگيز مڪالمو)
اڄ ڪلهه جڏهن به دوستن جي ڪچهريءَ ۾ اسلامي نظام يا خلافت جي ٻيهر قيام جو ذڪر نڪرندو آهي، ته اڪثر ماڻهو مايوسيءَ مان چوندا آهن ته "اهو هاڻي ناممڪن آهي." اهڙي ئي هڪ بحث دوران منهنجي هڪ دوست سان گفتگو ٿي، جنهن اسان جي ايمان ۽ يقين کي پرکڻ جو موقعو ڏنو:
![]() |
| ڇا خلافت جو ٻيهر قيام ممڪن آهي؟ هڪ فڪر انگيز گفتگو |
چيم: "اسان جو مطالبو آهي ته نبوت جي منهج تي ٻيهر خلافت قائم ٿئي."
چوڻ لڳو: "مگر اهو ناممڪن آهي."
چيم: "اهو ﷲ جو واعدو آهي. ڇا ﷲ جو واعدو سچو ناهي؟"
چيائين: "بيشڪ ﷲ جو واعدو سچو آهي. پر خلافت ٻيهر اچڻ ممڪن ناهي."
چيم: "نبي ڪريم ﷺ جن جي بشارت آهي ته ثم تکون خلافه علي منهاج النبوۃ (پوءِ ٻيهر نبوت جي طريقي تي خلافت قائم ٿيندي)...!!!"
چيائين: "بيشڪ...!!! منهنجو حبيب ﷺ سچو آهي. ان جي هر هڪ پيشنگوئي سچ آهي. پر خلافت جو ٻيهر قيام محض هڪ خواب آهي."
چيومانس: "ڇا اوهين مسلمان ناهيو؟"
چيائين: "الحمدلله، مان مسلمان آهيان."
چيم: "جيڪڏهن مسلمان آهين، ﷲ جي واعدي کي سچو سمجهين ٿو، رسول ﷺ جي بشارت کي برحق مڃين ٿو. خلافت ﷲ جو واعدو آهي، خلافت نبي ﷺ جي بشارت آهي. تون مسلمان آهين، مسلمان ان کي ڪوڙ سمجهي نه ٿو سگهي ته پوءِ خلافت کي ڪيئن ٿو ناممڪن سمجهين؟"
چيائين: "اوهان سچ ٿا چئو. خلافت جو ٻيهر قيام اٽل سچ آهي. پر خلافت قائم ڪيئن ٿيندي؟"
چيم: "خلافت جي نئين سر قيام لاءِ جدوجهد ڪريو ۽ پنهنجون صلاحيتون رب جي نظام جي نفاذ لاءِ وقف ڪريو."
چيائين: "پر يار! اسان هڪ اڪيلا انسان، هن سڄي دنيا جي ڪفر، باطل نظامن، ۽ سپر پاورز سان ڪيئن مقابلو ڪنداسين؟ اسان وٽ نه طاقت آهي، نه وسيلو!"
چيم: "ڇا جڏهن نبي ڪريم ﷺ جن مڪي جي گهٽين ۾ اڪيلا هئا، تڏهن ظاهري وسيلا هئا؟ ڇا غارِ حرا مان جڏهن انقلاب جي شروعات ٿي، ته ڪي وڏا لشڪر هئا؟ الله جو قانون آهي ته هو تعداد نه، پر تقويٰ ۽ اخلاص ڏسندو آهي."
چيائين: "اهو ته نبين جو معجزو هو، اسان ته گنهگار انسان آهيون."
چيم: "نبين کان پوءِ صحابه ڪرام به ته اسان جهڙا انسان هئا."
چيائين: "اهو صحيح آهي، پر صحابه ڪرام ته معصوم نبي ﷺ جن جا سڌو سنئون تربيت يافته هئا. اسان انهن جهڙا پاڪباز ۽ عظيم ڪڏهن به ٿي نه سگهنداسين!"
چيم: "بيشڪ، اسان مقام ۽ مرتبي ۾ صحابه ڪرام جي پيرن جي مٽي بہ نٿا ٿي سگهون. پر اسان کي انهن جهڙو ٿيڻ جو ناهي چيو ويو، بلڪه انهن جي پيروي (Follow) ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نبي ڪريم ﷺ جن به ڪامياب گروهه جي سڃاڻپ ٻڌائيندي فرمايو آهي ته: 'ما انا عليه و اصحابي' (يعني اهو رستو جنهن تي مان ۽ منهنجا صحابه آهيون). جيڪڏهن رستو اهو ئي آهي، ته هدايت به ان تي هلڻ سان ئي ملندي."
چيائين: "مگر يار، ان دور ۽ اڄوڪي دور ۾ زمين آسمان جو فرق آهي! اڄ ٽيڪنالاجي، جديد سياست ۽ فڪري گمراهي تمام گهڻي آهي."
چيم: "دور چاهي ڪهڙو به هجي، پر قرآن ۽ شريعت محمدي ﷺ قيامت تائين ايندڙ هر دور ۽ هر نسل لاءِ آهي. الله جو دين ڪنهن خاص صديءَ جو محتاج ناهي. جيڪو اسلام ملوڪيت ۽ قيصر و ڪسريٰ جي دور ۾ غالب ٿي سگهيو ٿي، اهو اڄ جي نئين دور جي باطل نظامن تي به غالب ٿي سگهي ٿو، بس شرط ايمان ۽ عمل جو آهي."
چيائين (خوف وچان): "پر ان سڄي سفر لاءِ ته وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون. رت وهندو، پنهنجا پرائي ٿي ويندا ۽ سڄي دنيا اسان جي دشمن ٿي ويندي!"
چيم: "حق هميشه قربانين سان ئي غالب ٿيندو آهي. اسلام جو گهر ائين ئي ناهي اڏيو ويو. ذرا ياد ڪر بدر جي بک کي، احد جي زخمن کي, خندق جي سخت سردي ۽ بک ۾ پيٽ تي ٻڌل پٿرن کي، خيبر جي معرڪي کي... ۽ اڃا اڳتي وڌو ته ميدانِ ڪربلا ۾ آلِ رسول ﷺ جي عظيم قربانيءَ کي ڏس! جيڪڏهن اهي سڀ گهر ٻار، مال و دولت ۽ جانين جو نذرانو نه ڏين ها ته اڄ اسلام اسان تائين ڪيئن پهچي ها؟ حق جي قيمت رت ۽ قرباني ئي آهي."
چيائين (متاثر ٿيندي): "ڳالهه ته اوهان جي سچي آهي. پر هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته هن عظيم مقصد يعني خلافت جي قيام لاءِ اسان هڪ عام انسان جي حيثيت ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيون؟"
چيم: "سڀ کان پهرين اسان قرآن ۽ سنت جو گهرو مطالعو ڪريون ته جيئن اسان کي دين جي اصل روح جي خبر پوي. پوءِ ان اسلام تي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ عمل ڪيون. الله تعاليٰ اسان کي جيڪي به صلاحيتون (لکن، ڳالهائڻ، ڪاروبار، يا ڪو به فن) ڏنيون آهن، انهن کي اجاگر ڪيون ۽ دين جي نفاذ لاءِ استعمال ڪريون. حق جي واٽ ۾ جڏهن به مشڪلاتون اچن ته ان تي ڄمي بيهون ۽ مخالفتن تي صبر ڪيون. سڀ کان اهم ڳالهه ته پاڻ کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي هن راهه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ ذهني ۽ عملي طور تي تيار ڪيون."
چيائين (اکين ۾ چمڪ سان): "جزاک الله خيرا! اڄ منهنجي ذهن مان مايوسيءَ جا سڀ جارا صاف ٿي ويا. خلافت الله جو واعدو آهي ۽ ان واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجو حصو ملائڻو پوندو."
ياد رکو ته خلافت محض هڪ خواب يا عقيدو ناهي، بلڪ هي ﷲ جو واعدو آهي ۽ ﷲ ڪڏهن به واعده خلافي نه ڪندو آهي.

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.