سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا



جيڪڏهن تاريخ تي چتائي نظر ڪبي ته اسان کي هي ڄاڻ ملندي ته سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا بالڪل ئي اوائلي دور کان وٺي رهيا آهن. صرف عربن جي ٽي سالہ دور ۾ ئي سنڌ خلافت جي ماتحت نه هوندي هئي، بلڪ انهي کان پوءِ به 1843ع تائين سنڌ جون اسلامي حڪومتون خلافت سان سلهاڙيل رهيون هيون. جڏهن ته سنڌي عوام جون دليون ۽ همدرديون خلافت اسلاميه سان 1924ع ۾ خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيون.

سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا بالڪل ئي اوائلي دور کان وٺي رهيا آهن. صرف عربن جي ٽي سالہ دور ۾ ئي سنڌ خلافت جي ماتحت نه هوندي هئي، بلڪ انهي کان پوءِ به 1843ع تائين سنڌ جون اسلامي حڪومتون خلافت سان سلهاڙيل رهيون هيون. جڏهن ته سنڌي عوام جون دليون ۽ همدرديون خلافت اسلاميه سان 1924ع ۾ خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيون.
سنڌ جا خلافت سان لاڳاپا بالڪل ئي اوائلي دور کان وٺي رهيا آهن. صرف عربن جي ٽي سالہ دور ۾ ئي سنڌ خلافت جي ماتحت نه هوندي هئي، بلڪ انهي کان پوءِ به 1843ع تائين سنڌ جون اسلامي حڪومتون خلافت سان سلهاڙيل رهيون هيون. جڏهن ته سنڌي عوام جون دليون ۽ همدرديون خلافت اسلاميه سان 1924ع ۾ خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيون.

سنڌ جو خلافت اسلاميه سان واسطو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي ابتدائي دور ۾ ئي ٿي چڪو هو. 23 هجري ۾ سنڌ جو هڪ سڄو صوبو مڪران اسلامي سلطنت جو حصو بڻجي ويو هو ۽ سنڌ ۾ اسلام جو پهريون سياسي مرڪز بڻيو هو. تنهن کان پوءِ 10 رمضان 93 هجري مطابق 712ع ۾ باقاعده سنڌ خلافت اسلاميه جو صوبو بڻجي وئي هئي ۽ هتي خليفہءِ اسلام طرفان باقاعدہ گورنر مقرر ٿيندا هئا ۽ انهن جو سڌي طرح هتي فرمان جاري هوندو هو. اهو سلسلو خليفي معتصم بالله جي دور تائين جاري رهيو. بعد ۾ اسلامي سلطنت ڪمزور ٿي وئي ۽ خليفي لاءِ صوبن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو. انهي ڪري ڪيترائي صوبا خودمختيار رياستن ۾ تبديل ٿي ويا. مگر اتان جي حڪمرانن کي انهي کان پوءِ تيستائين تسليم نه ڪيو ويندو هو. جيستائين خليفہءِ اسلام طرفان باقاعدہ هنن کي سنَد جاري نه ڪئي ويندي هئي. اهي خودمختيار بادشاھ پاڻ کي پنھنجي علائقي ۾ خليفي جو نائب سمجهندا هئا ۽ خطبي ۾ خليفي جو نالو جاري ڪندا هئا. جيئن موجوده دور ۾ ڪنهن به ملڪ کي تيستائين تسليم نه ڪيو ويندو آهي، جيستائين گڏيل قومن جو ادارو (U. N) هنن کي آزاد رياست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙي ريت انهي دور ۾ اسلامي دنيا ۾ اها اٿارٽي خليفي کي هوندي هئي. 854ع ۾ سنڌ ۾ عمر بن عبدالعزیز هباري خودمختيار حڪومت قائم ڪئي هئي. پر هن کي به خليفي کان منظوري وٺڻي پئي هئي. تنهن کان سواءِ خليفي جو نالو خطبي ۾ پڻ پڙهيو ويندو هو ۽ ساليانو خراج پڻ بغداد (دارالخلافہ) پهچائيندو هو.

هبارين کان پوءِ جيتوڻيڪ عارضي طور سنڌ ۾ قرامطين قبضو ڪيو هو ۽ هنن خلافت کان انحرافي ڪئي هئي. پر سلطان محمود غزنوي 1026ع ۾ سنڌ جي اسماعيلي حڪومت جو خاتمو ڪري هتي ٻيهر اسلامي نظام بحال ڪيو ۽ خليفي جو خطبو جاري ڪيو هو. غزنوين کان پوءِ دهلي سلطنت جي هندستان ۾ حڪمراني قائم ٿي. سندن ماتحت اتر اولھ سنڌ به شامل هئي. جڏهن ته ڏکڻ سنڌ مٿان سومرن جي حڪومت قائم هئي. دهلي سلاطين کي بغداد جي خليفي هندستان ۾ پنهنجي نائب جو خطاب ڏنو هو ۽ مقامي ننڍن مسلم حاڪمن کي سندن اطاعت جو تاڪيد هو. دهلي جي سلطان کي خليفي کان حڪومت لاءِ پروانو حاصل ڪرڻو پوندو هو. ورنہ سندس حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويندو هو. جڏهن ته سنڌ جي سومرن ۽ سمن حاڪمن کي وري دهلي جي سلطان کان پروانو حاصل ڪرڻو پوندو هو. اهڙي ريت سنڌ دهلي جي معرفت دارالخلافہ سان اڻ سڌي طرح ڳنڍيل هئي. دهلي سلطنت جي زوال کان پوءِ مغليہ حڪمران به خليفہءِ اسلام کان پروانو حاصل ڪندا هئا. جڏهن سنڌ جي سمن، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن کي مغليہ شهنشاهن کان منظوري وٺڻي پوندي هئي. جڏهن مغل سلطنت ڪمزور ٿي وئي ۽ نادر شاه سنڌ تي حملو ڪيو ته انهي کان پوءِ سنڌ قنڌار جي ڏن ڀرو رياست بڻجي وئي هئي ۽ قنڌاري حاڪمن جي معرفت خليفہءِ اسلام سان ڳنڍجي وئي هئي. ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن به شروعات ۾ ايئن ڪيو. پر بعد ۾ خودمختياري جي چڪر ۾ انگريزن سان معاهدا ڪيائون. پر ان جي باوجود به سنڌ ۾ خليفي جو خطبو جاري هوندو هو.

1258ع ۾ جڏهن هلاڪو خان بغداد کي تاراج ڪري ڇڏيو هو ۽ بغداد جي آخري عباسي خليفي المستنصر کي شهيد ڪيو هئائين ته انهي جو سنڌين مٿان به گهرو صدمو رسيو هو ۽ سنڌي ٻولي ۾ "هاءِ بغداد ٿي ويو." جو محاورو مشهور ٿي ويو.

1843ع ۾ سنڌ سياسي طور خلافت کان پوري طرح ڪٽجي وئي. البته سنڌي مسلمانن جي دلين اڃان به خلافت لاءِ محبت ۽ همدردي هئي. هو سنڌ کي دارالحرب سمجهندا هئا ۽ ترڪي جي عثمانيه سلطنت کي پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حڪومت تسليم ڪندا هئا. جيتوڻيڪ ان وقت عثمانيه سلطنت زواليت جو شڪار ٿي رهي هئي. پر سنڌي مسلمان به دنيا جي ٻين مسلمانن وانگر عثمانيه سلطنت کي زوال کان بچائڻ ۽ ٻيهر کيس اڀارڻ لاءِ جدوجهد ۾ هئا. 1886ع ۾ روس ۽ ترڪي جي وچ ۾ جنگ دوران سنڌين چندو گڏ ڪري ترڪي جي خليفي ڏانهن مالي امداد موڪلي. ان جي عيوض ترڪي جي عثماني خليفي سنڌ جي حسن علي کي "آفندي" جو خطاب ڏنو هو. اهڙي ريت سلطان عبدالحميد ثاني جڏهن استنبول کان مديني شريف تائين ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ مسلمانن کان امداد جو مطالبو ڪيو ته سنڌ مان وڏي پئماني تي چندو گڏ ٿي پايہ تحت ۾ پهتو. انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي کان بعد ۾ پير پاڳاري سيد حزب ﷲ شاھ راشدي رحمہ ﷲ سلطان عبدالحميد ڏانهن خط لکي کيس هندستان جي حالات کان باخبر ڪيو ۽ هندستاني مسلمانن جي امداد لاءِ کيس اپيل ڪيائين. ان وقت سلطنت عثمانيه پاڻ ڪيئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي هئي. پر ان هوندي به هندي مسلمانن جي تسلي خاطر مختصر عسڪري گروه موڪليندا رهندا هئا، جن مقامي ماڻهن جي تربيت ڪري کين برطانوي فوج خلاف ويڙه ۾ رهنمائي ڪندا هئا.

پهرين مهاڀاري جنگ دوران جڏهن انگريزن هندستان مان فوجي ڀرتي ڪرڻ شروع ڪئي ته سنڌ جي مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ ٻين عالمن فتوي جاري ڪئي ته "انگريزن جو ساٿ ڏئي ترڪ مسلمانن سان وڙهڻ وارو دائرہ اسلام کان خارج آهي." تنهن کانسواءِ پاڻ انهن ماڻهن جي نماز جنازہ پڙهڻ کان بہ انڪار ڪيو، جن انگريزن سان گڏجي ترڪن خلاف وڙهيا هئا. ڪيترن ئي سنڌي سپاهين ترڪن خلاف وڙهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي انگريزن هنن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو.
1922ع ۾ جڏهن برطانيه خليفي کي معزول ڪري خلافت جو دائمي خاتمو آڻڻ لاءِ سازشون شروع ڪيون ته سنڌين خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺي خلافت جي بقا لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. انهي دوران سنڌ جي درٻاري مولوين ۽ پيرن انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ ترڪ خلافت جي رد ۾ فتوي جاري ڪئي. ان تي مولانا تاج محمد امروٽي ۽ ٻين سوين عالمن انهي فتوي جي رد ۾ رسالا لکي ثابت ڪيو ته ترڪن جي عثماني خلافت نه صرف شرعي آهي، بلڪ مسلمانن جي ڍال آهي. عثمانيه خلافت جي خاتمي کان پوءِ به سنڌ جي مسجدن ۾ 15 سالن تائين خليفي جي نالي سان خطبو پڙهيو ويندو هو. سنڌ جي عوامي ۽ موحد شاعر مولوي حاجي احمد ملاح رحمہ ﷲ خلافت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعري جي ذريعي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي هئي. خليفہ وقت جي لاءِ هڪ هنڌ لکي ٿو :

امانتدار امت ۾ ، امير المومنين آهي،
خليفو خلق جو خاقان، خادم خان ترڪي جو
مسلمانن جي ملڪن تي، نه منڪر مستحق ٻيو ڪو،
خلافت خلق ۾ اڄ خاص ، حق خاقان ترڪي جو.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو :

"خ" خليفي جي خلافت، خلق ۾ خوش خوب ڪر،
تنهن مجاور حرم مڪي جا، مڙئي مطلوب ڪر،
مومنن کي متفق، منهنجا مٺا محبوب! ڪر،
عدوء جي اقبال کي، مولا! سگهو مغلوب ڪر،
فتح موڪل ڏيئي فرمان هندستان کي.

خلافت جي خاتمي تي ملاح رح غمگين ٿيندي هي سٽون چئي ٿو :

عدالت ٿي ادا ! راهِي، اندر جا ڦَٽَ وهي ڇٽندا،
خلافت جو خدا واهي، خطر جا ڦٽ وهي ڇٽندا.

ايئن ناهي ته صرف اسان سنڌي مسلمان ئي خلافت اسلاميه کي ياد ڪندا هئاسون ۽ خليفن کي هوڏانهن اسان جي ڪابه پرواہ نہ هوندي هئي. بلڪ جڏهن به سنڌين کي خلافت طرفان امداد جي ضرورت پئي ته انهن اسان کي مدد پڻ ڏني هئي. سورهين صدي عيسوي ۾ پورچوگيزن جي لٽمار جي ڪري سنڌ جا سامونڊي حصا غيرمحفوظ ٿي چڪا هئا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي به پورچوگيزن جي انهي لٽ ڦر جو ذڪر پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي:

معلم ماڳ نه اڳيين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا.

(انهي وقت مقامي ماڻهو يورپي قومن کي ڦلنگي سڏيندا هئا.)
انهي وقت سلطان سليمان القانوني پنهنجي سپھ سالار ۽ امير البحر سيد امير جي اڳواڻي ۾ هڪ سامونڊي فوج هندي سمنڊ ڏانهن موڪلي ۽ هتي پورچوگيزن سان سخت جنگ لڙي وئي. انگريزن جي دور ۾ به جيڪي آزادي جون تحريڪون وڙهيون ويون، انهن ۾ ترڪي جي خليفن جي به مجاهدن کي پٺ ڀرائي حاصل هوندي هئي. ريشمي رومال تحريڪ جا ته باقاعده عثمانيه سلطنت سان رابطا هلندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي پڻ جلاوطني جي دوران ترڪي ۾ رهي آيو هو. دارالعلوم ديوبند جا به ترڪن سان لاڳاپا رهيا آهن. هي مٿي به بيان ڪري چڪا آهيون ته پير پاڳاري ۽ حر مجاهدن جي به عثمانيه خلافت سان خط و ڪتابت هلندي هئي.

مٿين تاريخي حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جا خلافت سان آخر تائين بهترين تعلقات قائم هئا. بلڪ سنڌ جا سمورا مسلمان حڪمران پاڻ کي خليفي جو نائب تصور ڪندا هئا. خلافت تحريڪ ۾ ته سنڌ جي هندن به حصو ورتو هو. سيد حسام الدين راشدي جي چواڻي ته خلافت جي خاتمي جي 15 سالن کان پوءِ به سنڌ جي مسجدن ۾ خليفي جي نالي تي خطبو پڙهيو ويندو هو. سنڌي مسلمان خلافت جي خاتمي کان پوءِ به خلافت جي ٻيهر بحالي جي اميد رکندا آيا آهن.

مددي ڪتاب:
* جنت السنڌ (مولائي شيدائي) 
 * سنڌ جي تاريخ (اعجاز الحق قدوسي) 
 * سنڌو جي ساڃھ (جي ايم سيد) 
 * مهاراجا ڏاهر-سنڌي سرويچ (آزاد قاضي) 

 * ڪليات احمد ڀاڱو پهريون از ضرار رستماڻي
 * رسالو مهراڻ 1985 جنوري - جون 

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ