ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت جي نظام لاءِ تيار ناهن؟ هڪ فڪري بحث

خلافت بابت عوامي ۽ مذهبي حلقن جو موقف

"خلافت جي ڳالھ نه ڪيو، ڇو ته ماڻهو خلافت لاءِ تيار ناهن.  مان مڃان ٿو ته خلافت برحق آهي. خلافت ئي اسلام جو سياسي نظام آهي. هائو ادا! مان اهو به تسليم ڪيان ٿو ته خلافت جي دور ۾ مسلمانن وٽ عزت وقار، شان، شوڪت، آجپو، خوشحالي، ترقي ۽ طاقت هئي. پر اڄ جي دور ۾ خلافت جي ڳالھ ڪرڻ اجايو آهي." 
" اڄوڪا ماڻهو صحابه جهڙا ناهن رهيا. اڄوڪا ماڻهو ٻه وکون کڻي پاڙي جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ نه ٿا اچن. اڄوڪا مسلمان قرآن و سنت کان پري آهن. اوهان ٻڌايو ته ڪيترن کي ڏاڙهي رکيل آهي؟ اهي ماڻهو خلافت کي آخر ڪيئن قبول ڪندا؟
 ڀلا توهان جو خلافت خلافت پيا ڪيو...! اوهان پنهنجي جسم مٿان خلافت نافذ ڪئي آهي؟ اڄ جيڪڏهن خلافت قائم ٿي وئي ته ان کي ماڻهو تسليم ئي ڪو نه ڪندا. تنهنڪري مان چوان ٿو ته ٻيلي! ڏاها ٿيو. خلافت خلافت جي پرچار ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي ڇهن فوٽن جي جسم مٿان خلافت لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيو. "
جڏهن به اوهان خلافت جي ڳالھ ڪئي هوندي ته مٿيون ۽ ان جهڙيون ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون توهان کي رڳو عام ماڻهن جي واتان ئي نه، بلڪ اسان جي مذهبي ديني قيادت جي زباني به ٻڌڻ کان ملي هوندي. در اصل اها اسان جي ديني قيادت جي هڪ وڏي فڪري ڪمزوري آهي. هنن جو ايمان باللّٰه ڪمزور ٿي چڪو آهي. تنهنڪري هو ﷲ جي واعدي ۽ رسول ﷲ ﷺ جن جي بشارت کي هزارين ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ به اهو چئي رهيا آهن ته خلافت قائم نه ٿيندي ڇو ته ماڻهون تيار ناهن.
A young Muslim reading Quran in mosque, Islamic governance and knowledge concept
ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

جيڪڏهن امت تيار ناهي ته هن کي تيار ڪيو:

جيڪڏهن ماڻهو تيار ناهن ته علماءِ امت، شيوخِ ڪرام ۽ مولويانِ ڪرام کي کپي ته هو خلافت لاءِ ماڻهن کي تيار ڪن. هو پنهنجي خطبن، واعظن ۽ بيانن ۾ جتي رفع اليدين ۽ عدم رفع اليدين، ميلاد النبي ﷺ جي جواز ۽ عدم جواز، نبي ﷺ جي نور يا بشر هئڻ، تقليد جي واجب يا غيرواجب هجڻ تي جيترا بحث ڪندا رهن ٿا، ان جي ٽئين حصي جيترو به اگر خلافت جي نظام بابت ماڻهن کي ٻڌائن ته ماڻهن ۾ خلافت جي لاءِ سجاڳي ۽ شعور پيدا ٿي پوندو.

ڇا قومون پهرين کان تيار هونديون آهن؟

ڀلا هن سوال جو جواب ڏيو ته
  • فتح مڪه وقت ڇا مڪي جا قريش اسلام لاءِ تيار هئا؟
  • خيبر جي فتح وقت خيبر جا يهودي اسلامي حڪومت لاءِ تيار هئا؟ 
  • يا نجران جا عيسائي تيار هئا؟
ظاهر آهي، هنن مان ڪو به تيار نه هو.
  • جيڪڏهن مڪي جا قريش تيار هجن ها ته هو پيغمبر ﷺ ۽ سندس صحابن کي مڪي مان جلاوطن نه ڪن ها ۽ حضور اڪرم ﷺ جن کي مڪو ڇڏي مدينو نه وسائڻو پئي ها.
  • جيڪڏهن خيبر جا يهودي تيار هجن ها ته خيبر کي تلوار جي زور تي فتح ڪرڻ جي نوبت ئي نه اچي ها.
  • اهڙي طرح جيڪڏهن نجران جا عيسائي تيار هجن ها ته هنن سان مناظرا ۽ بالآخر مباهلا نه ٿين ها.
  • ڇا ايران جا ساساني بادشاھ ۽ ايراني مجوسي عوام خلافت لاءِ تيار هئا، جو ايران مٿان سيدنا عمر فاروق رضي ﷲ عنہ لشڪر ڪشي ڪرائي هئي؟ ظاهر آهي هو تيار نه هئا. پر پوءِ به هنن سان جنگيون ڪري تلوار جي زور تي به صحابي سڳورن ايران کي فتح ڪيو. ايران جي فتح ٿيڻ کان پوءِ به هنن جون بغاوتون ۽ خروج جاري رهيا. ايتريقدر جو حضرت عثمان غني رضي ﷲ عنہ جي دور ۾ آخري ساساني شهنشاه کي شڪست ڏئي ايران مان ساساني بغاوتن کي دائمي طور ڪچليو ويو.
  • ڇا مصر ۽ شام خلافت جي لاءِ تيار هئا؟ بالڪل تيار نه هئا. پر پوءِ به سيدنا ابوبڪر صديق ۽ سيدنا عمر فاروق رضي ﷲ عنهما جي وقت ۾ تلوار جي زور تي اهي ٻئي ملڪ فتح ڪيا ويا هئا.
  • حضرت امام حسين رضي ﷲ عنه جي وقت ۾ ماڻهو يزيد جي خلاف تيار هئا ڇا؟ هرگز تيار نه هئا. جيڪڏهن تيار هجن ها ته سيدنا حسين رضي ﷲ عنه جي پاسي رڳو ٻاهتر ڄڻا نه هجن ها. پر پوءِ به حسين بن علي رضي ﷲ عنه يزيد خلاف پنهنجو جهاد جاري رکيو. ايتريقدر جو سر ڪٽائي سرخرو ٿيو.
ماڻهو تيار نه هوندا آهن. بلڪ هنن کي تيار ڪرڻو پوندو آهي.

ڇا امتون نبين ۽ رسولن جي پيامِ توحيد لاءِ تيار هونديون هيون؟ 

ڪنهن به نبي ۽ رسول جي قوم توحيد و رسالت لاءِ تيار نه هوندي هئي. بلڪ جڏهن ذري گهٽ هر نبي جي امت شرڪ و گمراهي ۾ غرق هوندي آهي، ان مهل اهي نبي ۽ رسول توحيد جو نور کڻي هنن ۾ نڪرندا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي قومن کي توحيد جي نور لاءِ تيار ڪندا آهن. پوءِ جيڪي بدنصيب قومون هونديون آهن، سي پيغمبرن جي تڪذيب ڪنديون آهن ۽ دائمي عذاب جو مستحق ٿينديون آهن.

ماڻهو خلافت لاءِ تيار ڇو ناهن؟ 

ماڻهو خلافت لاءِ تيار انڪري ناهن، ڇو ته هنن کي اوهان تيار نه ڪيو آهي. هنن کان اوهان خلافت جو بهترين ۽ روشن نظام لڪائي رکيو آهي. اوهان هنن کي جتي ابوبڪر و عمر رضه جا فضائل ٻڌايا آهن، اتي اوهان کي اهو به ٻڌائڻ کپي ها ته اهو نظام اڄ ٻيهر قائم ٿي سگهي ٿو. اوهان علماء ڪرام هنن کي اها حديث ته ٻڌائي آهي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته خلافت ٽيهن سالن کان پوءِ ختم ٿي ويندي. پر اها حديث نه ٿا ٻڌايو، جنهن ۾ ثم تکون خلافه علٰي منهاج النبوه جي بشارت ٻڌايل آهي. اهڙي طرح اوهان هڪ شئي ظاهر ڪيو ٿا ۽ ٻين شئي لڪايو ٿا. جيڪڏهن اوهان جي روش اها رهي ته ماڻهو خلافت لاءِ تيار ڪيئن ٿيندا؟

ماڻهو دين کان پري ڪفريه نظام جي غلبي جي ڪري آهن:

ماڻهو نماز روزن جا پابند انڪري ناهن، ڇو ته مروجه نظام ڪفريه آهي. هن نظام ۾ ڪفر ڪرڻ سولو آهي، پر ايمان تي هلڻ ڏکيو آهي. هن نظام ۾ بيحيائي کي همٿايو وڃي ٿو ۽ حياء جي حوصله شڪني ڪئي وڃي ٿي. هتي زنا سستي ۽ نڪاح مهانگو آهي. هتي الحاد، رفض ۽ ٻين گمراهين جي پرچار ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي. جڏهن ته اسلام ۽ ايمان جي پرچار ڪرڻ لاءِ سخت شرائط جي پابندي ڪرڻي پئي ٿي. جنهنڪري اسلام تي هلڻ ماڻهن لاءِ ڏکيو ٿي پئي ٿو ۽ فسق و گمراهي ۾ وڃڻ هنن لاءِ آسان آهي.

ماڻهن کي نيڪ بڻائڻ لاءِ نيڪي جو نظام لازمي آهي:

پر خلافت قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ معاملو ان جي ابتڙ ٿي ويندو. ماڻهن کي نماز و روزن جي پابندي ڪرڻ تي همٿايو ويندو. ڏاڙهي رکڻ ۽ ٻين سنتن جي پاسداري تي ماڻهن جي همٿ افزائي ڪئي ويندي. ڪفر کي دٻائي رکبو ۽ ايمان جي بالادستي قائم ڪبي. بيحيائي کي دٻايو ويندو ۽ حياء جو احياء ڪبو. نڪاح آسان ۽ زنا ڏکي ٿي ويندي. الحاد، رفض ۽ ٻين گمراهين کي پاڙان پٽيو ويندو. ڪفر کي رهڻ لاءِ جزيو ڏيڻو پوندو. جڏهن ته اسلام غالب هوندو. اسلام کي ڪنهن کان اجازت گهرڻي نه پوندي. نتيجي طور خير عام ٿي ويندو ۽ شر غائب ٿي ويندو. تڏهن ماڻهو آساني سان پنهنجي دنيا سان گڏ آخرت به سنواري سگهندا. اهڙي طرح اهي سڀ شيون خلافت جي نظام جي نفاذ سان عمل ۾ اينديون، نه ڪي هن ڪفريه ۽ غير اسلامي نظام ۾... مڇي کي جيڪڏهن پاڻي نه ملندو ته مڇي زنده رهي نه سگهندي آهي. اهڙي طرح نيڪي کي اگر نيڪي جو نظام نه مليو، ته نيڪي ۾ واڌارو نه ٿي سگهندو آهي.

ڇا برصغير جا ماڻهو انگريزي نظام لاءِ تيار هئا؟ 

ڇا برصغير جا ماڻهو انگريزن ۽ انگريزي نظام لاءِ تيار هئا؟ هتان جا ماڻهو ته انگريزي ٻولي کي ڪفريه زبان قرار ڏيندا هئا. عالمن سڳورن انگريزن جي ايجادن ۽ مصنوعات جو به بائڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. انگريزن جي تعليمي ادارن ۾ ماڻهون تعليم پرائڻ نه ويندا هئا. حالانڪه ان جي ذريعي وڏا وڏا عهدا ملي پئي سگهيا. پر پوءِ به بالآخر ماڻهون اهڙو تيار ٿيا جو هنن انگريزن کي ته ڀڄائي ڪڍيو، پر انگريزي ڪلچر اڄ به برصغير ۾ عروج تي آهي. اڄ ته انگريزي ڪلچر ۽ نظام هتي ايترو مستحڪم آهي جو مولوي حضرات به پينٽ شرٽ پائڻ لڳا آهن. انگريزي ٻولي کي ته آهستي آهستي مدرسن جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. جيڪي مولوي حضرات ٽيليويزن جي مخالفت ڪندا هئا، اڄ انهن مولوي سڳورن جا پنهنجا ٽيليوزن چينل آهن. اوهان وڏي عرصي تائين تصوير کي حرام سمجهندا رهيا آهيو، پر هاڻي اوهان سڀني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن ۾ سيلفيون اپلوڊ ٿيل ملن ٿيون.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جڏهن هتي انگريز پهريون دفعو آيا هئا ته اوهان انگريزي تهذيب و تمدن جا سخت مخالف هوندا هئا. ماڻهو انگريزي حڪومت لاءِ تيار نه هئا، پر نيٺ انگريزي نظام جي مسلط ٿي وڃڻ کان پوءِ انگريزي نظام کي ماڻهن آهستي آهستي دل و جان سان قبول ڪري ورتو.
خلافت سان به اهو ئي معاملو ٿيڻو آهي. ماڻهو خلافت لاءِ جيڪڏهن تيار ناهن ته خلافت قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو خلافت جون برڪتون ڏسندا. خلافت جو عدل و انصاف ڏسندا ۽ خلافت ۾ خوشحالي، ترقي، استحڪام ۽ غلبو ڏسندا ته ازخود هو خلافت کي قبول ڪري وٺندا. انڪري "ماڻهو تيار ناهن" چئي ماڻهن کي خلافت کان مايوس نه ڪيو، بلڪ ماڻهن کي خلافت لاءِ تيار ڪندين خلافت لاءِ راه هموار ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ