خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ
خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ تي نه هئڻ برابر ڪم ڪيو ويو آهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته هي شهر ماضيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي ڪا به سياسي ۽ معاشي اهميت نه رهي آهي. هن شهر انگريزن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. پهريان هي هڪ تمام ننڍڙو شهر هو، جنهن جي حيثيت ميونسپالٽي کان وڌيڪ نه هئي. تعلقي جي حيثيت به هن کي 1955ع ۾ ملي آهي. ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي ؟ خيرپور ناٿن شاھ شهر جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪم حڪيم محمد صادق طالب عباسي مرحوم ڪيو هو. جنهن شهر جي تاريخ جي مشهور شاعرن جي تذڪري تي مشتمل ڪتاب "تحفہ خيرپور ناٿن شاھ" لکي شهر واسين مٿان هڪ عظيم احسان ڪيو هو. هيءُ ڪتاب 1959ع ۾ قاضي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس دادو طرفان ڇپايو ويو. ان وقت پاڪستان جي قيام کي 12 سال گذري چڪا هئا. خيرپور ناٿن شاھ جي تاريخ جو ثانوي ماخذ- تحفه خيرپور ناٿن شاھ هن ڪتاب ۾ خيرپور ناٿن شاھ جي ڪل 33 شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. جن جو سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو ۾ پڻ ڪلام موجود هو. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ان وقت ت...