سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي?
سنڌ ۽ هندوستان جيتوڻيڪ قديم وقت کان وٺي علم ۽ تهذيب جو مرڪز هئا. هنن سرزمينن تي ڪيترن ئي علمن جو بنياد پيو. پر ان هوندي به سنڌ ۽ هندوستان جا ماڻهو تاريخ جي علم کان ناواقف هئا. انهي ڪري هتي قديم دور ۾ ڪڏهن به تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو. نتيجي طور اسان ڪيترن ئي صدين تائين سنڌ جي آڳاٽي تاريخ کان ناواقف رهياسين. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي تهذيب بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي. اسان کي آريا سماج بابت ڪابه مستند ڄاڻ ڪونه ٿي ملي. هندو ڌرم جي شروعات يا بنياد بابت به اسان وٽ ڪابه مستند ڄاڻ ڪونهي. راءِ گهراڻي کان اڳ واري وقتن جي تاريخ بابت معلومات جا مکيه ذريعا هي آهن :
(1) هندو ڌرم جا مذهبي ڪتاب ۽ ڌرمي ڪاٿائون
(2) مقامي ڏند ڪٿائون ۽ جاگرافي
(3) آرڪيالاجيڪل ماڳ( قديم آثار)
(4) ٻاهرين حملہ آورن( جهڙوڪ : مصرين، يونانين، ڪلدانين، ايرانين، سٿين ۽ پارٿين) جون لکيل تاريخون ۽ رڪارڊ
(5) قديم دور ۾ سنڌ ۾ آيل سياحن جا سفرناما
(6) مقامي ريتون، رسمون، اصول ۽ ثقافت
سنڌ جي باقاعده تاريخ لکڻ جي شروعات مسلمان مورخن ڪئي آهي. مسلمانن طرفان سنڌ ۽ هندوستان مٿان هي سڀ کان وڏو احسان آهي. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (1875-1953ع) قديم سنڌ ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو :
"ان وقت عربن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي راجائن- راءِ ساهسي، چچ، چندر ۽ ڏاهر- بابت جيڪي احوال ماڻهن جي واتان مليا، سي قلمبند ڪيائون جي چچ نامي ۽ ٻين پارسي ڪتابن ۾ لکيل آهن................. چئبو ته تڪليف وٺي ڪيترو مصالحو ڪٺو ڪيائون، جو هن وقت اسان کي جيڪر ملي ڪين سگهي ها"
(قديم سنڌ، صفحہ 25)
مسلمانن پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي ته جيتري ٿي سگهي سنڌ جي تاريخ جمع ڪئي وڃي. البته جيئن ته هن کان اڳ سنڌ ۾ ڪوبه تاريخي ڪتاب ڪونه لکيو ويو هو. انهي ڪري هنن کي مقامي ماڻهن جي روايتن ۽ احوالن مان جن جن بادشاهن بابت معلومات ملي، سان هنن محفوظ ڪري ورتي. سنڌ جي تاريخ تي پهريون تفصيلي ماخذ چچ نامو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب کي افسانوي چيو ويو آهي البته سنڌ جي تاريخ جو پهريون ماخذ اهو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ راءِ گهراڻي جي آخري ٻن حاڪمن، برھمڻ گهراڻي ۽ محمد بن قاسم جي فتح سنڌ تائين جا حالات مفصل انداز ۾ لکيا ويا آهن. ان کان بعد احمد بن يحيي البلاذری (820-892ع) جو ڪتاب فتوح البلدان آهي، هن ۾ "فتوح السند" نالي سان الڳ باب آهي، جنهن ۾ ابن قاسم طرفان سنڌ کي فتح ڪرڻ کان وٺي عرب هباري حاڪمن تائين احوال درج آهن. هبارين کان بعد اسماعيلي شيعن جي حڪومت قائم ٿي هئي. افسوس جو هن دور جي تاريخ تي به پردا آهن. هن دور بابت ڪجهه احوال عرب سياحن جي سفرنامن ۽ غزنوي سلطنت جي تاريخي رڪارڊ مان ملن ٿا. پر ان مان هن دور تي مفصل روشني نه ٿي پوي. 1026ع ۾ محمود غزنوي سنڌ ۾ غزنوي حڪومت جو بنياد وڌو. سلطان محمود غزنوي جي دور ۾ ابو ريحان محمد البيروني (973-1048ع) سنڌ ۾ آيو. هن سڄي سنڌ ۽ هند جو سير سفر ڪيو. مختلف ماڻهن سان مليو. انهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، ريتن، رسمن، مذهب ۽ مختلف هندوستاني علوم جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري انهيءَ سڄي علم کي جمع ڪري "ڪتاب الهند" لکيو. هن ڪتاب ۾ ان دور جي سنڌ جي عام ماڻهون کان وٺي حڪمران طبقي تائين متعلق ڄاڻ آهي. ايئن سمجهو ته اهو سنڌ ۽ هندوستان جي انسائيڪلوپيڊيا آهي. البيروني کي سنڌالاجي ۽ انڊولوجي جو ابو (Father of Sindhology and Indology) به چيو ويندو آهي. محمود غزنوي کان بعد سنڌ جا ٻه حصا ٿي ويا. ڏکڻ سنڌ تي سومرن جو قبضو ٿي ويو ۽ اتر سنڌ ملتان ۽ بکر تائين دهلي جا سلاطین حڪومت ڪرڻ لڳا. ان دور جي تاريخ، تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ٻين تاريخي ماخذن مان ملي ٿي. البته سومرن ۽ ان کان بعد سمن جي حڪومت جي تاريخ تي وري پردا چڙهيل آهن. سومرا ۽ سما مقامي مسلمان حاڪم هئا. هنن حڪمرانن جي دور ۾ جيتوڻيڪ سنڌ خوشحال هئي ۽ سنڌي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن و روايات کي وڏي هٿي ملي هئي. سنڌ علم و ادب جو مرڪز هو. پر سومرن ۽ سمن حاڪمن به اوائلي سنڌي حڪمرانن وانگر پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرائڻ طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. سومرن ۽ سمن بابت معلومات جا ماخذ هيٺيان آهن :
(1) ان دور جا رومانوي قصا
(2) عوامي ڏندڪٿائون
(3) عرب سياحن جا سفرناما
(4) رمتا فقيرن جو ڪلام
(5) دهلي سلطنت ۽ ٻين پاڙيسري رياستن جا ريڪارڊ
(6) ان وقت جا تاريخي آثار ۽ ماڳ مڪان
(7) ان کانسواءِ تاريخ معصومي، تحفه الڪرام، ترخان نامي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ پڻ ڪجهه معلومات مليل آهي پر انهن جو بنياد مٿيان احوال آهن
سمن کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت قائم ٿي. هي منگول نسل مان هئا ۽ انتهائي وحشي ۽ ظالم هئا. هنن جي سنڌ ۾ آندل تباهين جي نتيجي ۾ عربن، سومرن ۽ سمن جي دور جو سمورو علمي سرمايو ضايع ٿي ويو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ "ترخان نامو" لکرايو ويو، جنهن مان سندن حالات بيان ٿين ٿا. ان کانپوءِ مغل حاڪمن جي حڪومت آئي، هنن جي دور ۾ مير معصوم شاھ بکري ، اڪبر بادشاهه جي حڪم تي "تاريخ معصومي" لکي، هن مان اڪبر بادشاھ تائين مغل دور جا احوال ملن ٿا البته ان کان بعد سنڌ جا احوال صحيح نموني نٿا ملن. صرف چند گورنرن جا احوال ملن ٿا. پر انهن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو، ان جو ڪوئي پتو نه ٿو پوي. بهرحال مغلن جي دور ۾ سنڌ جي شهرن ۽ وسندين کي خوبصورت بڻايو ويو. هتي تعليمي ۽ صحت جا مرڪز قائم ڪيا ويا. هر طرف خوبصورت عمارتون ۽ باغ اڏائي سنڌ جي خوبصورتي وڌائي وئي. ٺٽي جي شاهجهان مسجد ۽ سکر جي مسجد منزل گاهه ۽ معصوم شاھ جو منارو ان دور جا يادگار آهن. آخري دور ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني عام ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن بغاوت ڪري ڏني. اهڙي طرح 1700ع کان سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي. ڪلهوڙا سنڌي حاڪم هئا، هنن جي دور ۾ ٻيهر سنڌ جو علم و ادب زنده ڪيو ويو. هي دور سنڌي ادب جو سنهري دور ليکيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا پهريان سنڌي حڪمران هئا، جن پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرائي، اهو ڪم ميان غلام شاهه غازي ڪلهوڙي جي درٻاري مورخ "مير علي شير قانع ٺٽوي" سر انجام ڏنو ۽ تحفه الڪرام لکيائين. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي، هنن به پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرائي. هن دور جو وڏو مورخ عظيم ٺٽوي هو، جنهن "تاريخ سنڌ" جي نالي سان ڪتاب لکي ٽالپرن جي تاريخ محفوظ ڪئي. ان کان سواءِ ٻيا به انيڪ ڪتاب لکيا ويا.
1843ع ۾ انگريزن دوکي سان سنڌ کي فتح ڪيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي تاريخ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. هنن سنڌ جا قديم ماڳ ۽ آثار محفوظ ڪرايا. موئن جو دڙو، هڙاپا، آمري، ڪاهو، چانهون، برهمڻ آباد ۽ ٻين ڪيترن ئي دفن ٿي ويل شهرن جي آثارن جي کوٽائي ڪئي وئي. ان سان وڌيڪ حقيقتون ظاهر ٿيون. انگريز دور ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ تاريخون لکيون ويون. انگريزن جي دور ۾ جيڪو تاريخ تي ڪم ٿيو، سو قابل تعريف آهي.
پر ساڳي وقت هن حقيقت کان به آگاه ٿيڻ گهرجي ته انگريزن جي لکيل تاريخ سندن مفادن تي مبني هئي. هنن جو بنيادي مقصد سنڌ جي اسلامي تاريخ کي ميسارڻ يا بدنام ڪرڻ هو. انهي لاءِ هنن ڪيئي الزام ۽ غلط بيانيون پڻ ڪيون. ان دور کي جهالت تي مبني دور سڏيو ۽ اهو باور ڪرايو ته انگريزن جي اچڻ بعد ئي سنڌ ۾ علم ۽ روشني پهتي آهي . جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. انگريزن جي غلط بيانين ۽ جانبدار تاريخ جو جواب ڪيترن ئي سنڌي محققن ڏنو آهي. جن ۾ مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا عظيم محقق پڻ شامل آهن.





Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.