هڪ نومسلم سنڌي دراوڙ جي ڪهاڻي
صرف ڇوڪريون مسلمان ڇو ٿيون ٿين? ڇوڪرا مسلمان ڇو نه ٿيندا آهن?
جيئن ڇوڪرين کي مسلمان ڪري ڇوڪرن سان پرڻايون وڃي ٿو، ڇا تيئن ڇوڪرن کي به مسلمان ڪري پنهنجون نياڻيون نڪاح ۾ ڏيندا آهيو?
جيڪي اسلام قبول ڪن ٿا، سي تحقيق به ڪن ٿا يا رڳو عشق جي ڪري مسلمان ٿين ٿا?
اهڙي قسم جا انيڪ سوال متعصب هندن، دين بيزارن ۽ سيڪيولر لابي طرفان پڇيا ويندا آهن. جنهن جو مقصد اسلام جي تيزي سان ڦهلجڻ جي راه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ۽ نو مسلمن خلاف شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ ۽ کين هيسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته اسان جي سنڌ ڌرتي جا سوين هندو اهڙا آهن، جن پنهنجي اباڻي مذهب کي ڇڏي اسلام قبول ڪيو آهي. جي ها، انهن ۾ صرف ڇوڪريون شامل نه هونديون آهن. ڇوڪرا به شامل آهن. انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب ڪجهه ٻيون ناهي، بلڪ اسلام کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ سندس حقانيت سندن سامهون اچي وڃڻ آهي. اهڙن ئي مسلمان سنڌي مردن ۾ اسان جو پيارو ۽ دلعزيز دوست مولانا محمد اسلام سنڌي صاحب به آهي.
پاڻ 1 جنوري 1973ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ سڙھ ۾ هڪڙي ميگھواڙ گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو گهمون ۽ ڏاڏي جو نالو کنگھار هو. ميگهواڙ هندو ڌرم ۾ اڇوت ۽ شودر طبقي سان واسطو رکندڙ قبيلو آهي. جنهن سان هندن جي اوچن گهراڻن جو ورتاء غير انساني رهيو آهي. بهرحال، محمد اسلم سنڌي صاحب شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتائين. سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي تعليم مٺي شهر مان ورتائين. کين ننڍپڻ کان وٺي ئي مطالعي جو شوق هوندو هو. انهي مطالعي کيس اسلام طرف راغب ڪيو ۽ پاڻ اسلامي ڪتاب پڙهڻ جي شروعات ڪيائون. ان کانسواءِ هندو ڌرم جو به جائزو ورتائين. هندن ۾ موجود ذات پات، ننڍ وڏائي، بت پرستي ۽ توهم پرستي کان کيس نفرت ٿيڻ لڳي. هو برملا انهن جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. جنهن ڪري کيس سندس مائٽ "وهابي" سڏڻ لڳا. جيئن ته سندس ڳوٺ ۾ هندو توڻي مسلمان گڏ رهندا هئا ۽ هڪٻئي سان ميل جول ڪري هڪٻئي جي اصطلاحن کان واقف آهن ۽ هڪٻئي جي اصطلاحن ۽ محاورن کان متاثر آهن. تنهنڪري سندس مائٽ مسلمانن مان متاثر ٿي کيس وهابي سڏيندا هئا.
محمد اسلم سنڌي کي شعر و شاعري سان به لڳاء هو. کيس توحيد جي موضوع تي ڪيترائي شعر ۽ بيت ياد هئا. پاڻ اهڙي قسم جا شعر لکي، ڳوٺ جي دڪانن تي لڳائيندو رهندو هو. اهو سلسلو ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهيو. پاڻ دلي طور ته مسلمان ٿي چڪا هئا، پر کلي عام اظهار اڃان ڪونه ڪيو هئائون. آخرڪار 27 جنوري 1993ع ۾ پاڻ کلي عام مسلمان ٿيڻ جو اعلان ڪيائون. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ "محمد اسلم" نالو رکيائون ۽ حج تي روانا ٿيا. اتي مقدس مقامن جي زيارت ۽ عالمن جي صحبت کان بعد واپس آيا ۽ سنڌ جي ممتاز عالم علامہ سيد بديع الدين شاھ راشدي رحمہ ﷲ وٽ ٽي سال تعليم حاصل ڪيائون. تنهن کان سواءِ حيدرآباد ۾ موجود مدرسہ تعليم القرآن و الحديث مان پڻ فيض پرايائون. تعليم کان بعد علامه سيد بديع الدين شاھ صاحب رحمہ ﷲ جي مدرسي ۾ درس و تدريس به ڏيڻ لڳا. محمد اسلم سنڌي صاحب اسلامي تعليمات تي ڪيترائي ڪتاب به لکيا آهن. جن مان ڪجهه هيٺيان آهن:
1- الڪشاف عما في ڪتاب الله لہ من الاوصاف
2- نحو العرب
3- صرف العرب
4- ڪتاب العقيقه
5- حڪم تارڪ الزڪاه
6- ڪتاب الايمان
7- الرساله و النبوه
8- ڪتاب الصلاه للامام المحدث الاعظم ابي هريره الدوسي
9- ترجمه صحيفه همام بن منبه
10- الحذف في القرآن
11-سنڌي ترجمه ارشاد الصرف
12- احڪام النساء
محمد اسلم سنڌي صاحب چار شاديون ڪيون آهن، جن مان ٻه گهر واريون حال حيات آهن. الله تعالي کين ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي اولاد سان نوازيو آهي. الله پاڪ کان دعا آهي ته کائن دين جي خدمت جو اڃان به وڌيڪ ڪم وٺي ۽ اسان سڀني کي به حق جي رستي تي هلڻ جي
توفيق عطا فرمائي. (آمين)

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.