شام ۾ شامِ غريبان (نثري نظم)

(اوچتو خيال آيو ته ڇو نه پنهنجي ڪتابن جي ڪٻٽ جي صفائي ڪجي. ڪافي ڏينهن کان مصروفيتن جي ڪري ان پاسي ڪو ڌيان ئي نه ڪيو هو. سو سمورا ڪتاب ڪٻٽ مان ڪڍي ڪٻٽ مان ڌوڙ مٽي ڇنڊي صاف ڪئي. ڪٻٽ جي صفائي کان پوءِ هڪ هڪ ڪتاب مان مٽي ڇنڊيندين ترتيب سان رکندو ويس. جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل شاھ سائين جو رسالو کڻي ان جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳس ته اوچتو ان ۾ رکيل هڪ پنو هيٺ ڪري پيو. پنو کڻي ان کي ڏٺو ته خبر پئي. هي ته منهنجو ٻه سال اڳ جو لکيل نثري نظم آهي، جيڪو مون شام ۾ هلندڙ صورتحال تي لکيو هو.
وچ ۾ مونکي شاعري جو شوق ٿيو هو. تنهنڪري ان صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. ان مقصد لاءِ عروض سکڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. پر بعد ۾ احساس ٿيو ته هي فقير نظم جو ماڻهون ناهي، هن کان نظم جي صنف زور آهي. اسان نثر جي صنف ۾ ڀلا آهيون. :P ڳالھ کٽائڻي، ان دوران نثري نظم به لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهن ڪوششن مان هڪڙي ننڍڙي ڪوشش "شام ۾ شامِ غريبان" به آهي. ان ساري وضاحت جو مقصد هي ٻه ڳالهيون آهن :
(1) آئون ڪوئي شاعر ناهيان. تنهنڪري منهنجي هن نثري نظم ۾ جيڪي به ادبي ڪوتاهيون نظر اچن ٿيون. ان تي ناراض ٿيڻ بدران اصلاح ڪندا، ته جيئن اڳتي هلي اهڙيون غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٻيهر نه ورجايان.
(2) هي نظم شام ۾ ڪيل عالمي صليبي سامراج جي تباهين جو منظر بيان ڪري ٿو. هن وقت به شام جي ساڳي حالت آهي. اڄ به شام ۾ خانه جنگين جو سلسلو جاري آهي. اتي اڄ به بشار الاسد نامي هڪ ظالم ۽ جابر ڊڪٽيٽر جو راڄ آهي. پر افسوس ته اڄ ذري گهٽ دنيا ان کي وساري ويٺي آهي. شام جو قهرام اسان کان وسري ويو آهي. انڪري شامي مظلوم مسلم عوام جي لاءِ اسان آواز بلند ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هي نظم بلاگ تي رکڻ جو مقصد اهو آهي ته شام ۾ ٿيندڙ قهرام ڏانهن ٻيهر ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو وڃي.)




شام ۾ شامِ غريبان (نثري نظم)

(علي سنڌي)

ڪالھ مون ڏٺا
شام جا
ڏڪائيندڙ منظر
شام
جتي چچريل لاش
وکريل هئا
مڪان بارود ۾
ٻرن پيا
مائرون
ڪپيل ٻچن جا لاش ڏسي
هنجون هارين پيون
۽ پوڙهو پيءُ
حواس وڃائي ويٺو هو.
ڪٿي
ماءُ جي ميت تي
يتيم ٻار روئن پيا
ڪٿي ڀينرون
ڀائرن جي هٿن مان
رت جي مهندي
اگھن پيون
هاءِ سارو شام!
شامِ غريبان جو منظر هو
حلب
رقہ
غوطہ
دمشق ۽ باغوز ۾
ڪربلا هئي
بس! ڪربلا هئي


Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ