ڪَندنِ ضرور زمين تي، نائـِب نيڪو ڪار (آيتِ استخلاف جو اجمالي تعارف)


(هي مضمون پاڪستان جي معروف مذهبي  اسڪالر، تنظيم اسلامي جي باني ۽ خلافت  جي داعي مرحوم ڊاڪٽر اسرار احمد رحمه ﷲ جي ڪتاب "خلافت کی حقیقت اور عصرِ حاضر میں اس کا نظام " مان اقتباس آهي. جنهن جو مون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ) 







وَعَدَ  اللّٰہُ  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا مِنۡکُمۡ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسۡتَخۡلِفَنَّہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ کَمَا اسۡتَخۡلَفَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ۪ وَ لَیُمَکِّنَنَّ لَہُمۡ دِیۡنَہُمُ  الَّذِی ارۡتَضٰی لَہُمۡ وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ خَوۡفِہِمۡ  اَمۡنًا ؕ یَعۡبُدُوۡنَنِیۡ لَا  یُشۡرِکُوۡنَ بِیۡ شَیۡئًا ؕ وَ مَنۡ  کَفَرَ بَعۡدَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ  الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۵۵﴾
ترجمو : ﷲ توهان مان انهن ماڻهن سان واعدو ڪيو آهي، جن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن، ته انهن کي زمين ۾ ايئن خليفو بڻائيندو، جيئن انهن کان اڳ وارن کي خليفو بڻايو هئائين. ۽ انهن لاءِ انهن جي ان دين کي مستحڪم ڪندو، جيڪو هن انهن لاءِ پسند ڪيو هو. ۽ انهن جي خوف کي امن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. هو منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪندا. ۽ جن ان کان پوءِ به ناشڪري ڪئي، ته پوءِ اهي ئي ماڻهون فاسق آهن.
(سورۃ النور، آيت نمبر 55)

هن آيت ۾ ﷲ سائين ايمان ۽ عمل صالح جو حق ادا ڪرڻ وارن مسلمانن سان واعدو فرمائي ٿو ته هو انهن کي ضرور زمين ۾ "خلافت" عطا ڪندو. هتي خلافت مان مراد "مسلمانن جي حڪومت" آهي. 

هن واعدي جي سلسلي ۾ وڌيڪ وضاحت اها ڪئي وئي آهي ته اها خلافت يا حڪومت موجوده مسلم امت ( جيڪا امت محمدي ﷺ آهي) کي ايئن ئي عطا ڪئي ويندي جيئن پهرين مسلم امت ( بني اسرائيل) کي عطا ڪئي وئي هئي. 

هن آيت ۾ اشارو ڪيو وڃي ٿو ته اسان گذريل امت کي به حڪومت عطا ڪئي هئي   جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي :

یٰدَاوٗدُ  اِنَّا جَعَلۡنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الۡاَرۡضِ
ترجمو : اي دائود! اسان تونکي زمين ۾ خليفو بنايو. 
(سورۃ ص:26)

چوڻ جو مقصد ته تاريخ جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته اي مسلمان امت! توهان مان جيڪو به ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو ته ان کي اسان ضرور خلافت عطا ڪنداسين. جيئن اسان اوهان کان اڳوڻن کي خلافت عطا ڪئي هئي. 

آيت پاڪ جو مطالعو ڪندين اها ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي ته ﷲ سائينءَ مسلمانن سان جيڪو واعدو فرمايو آهي، ان لاءِ عربي ٻوليءَ ۾ تاڪيد جو جيڪو سڀني کان موثر ۽ بليغ اسلوب اختيار ڪيو ويو آهي، سو ٽي ڀيرا استعمال ڪيو ويو آهي:

(1) لَیَسۡتَخۡلِفَنَّہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ 
"انهن کي ضرور خلافت عطا ڪندو." 

(2) لَیُمَکِّنَنَّ لَہُمۡ دِیۡنَہُمُ
"۽ سندن دين کي لازمي طور مضبوطي عطا ڪندو." 

(3)  وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ خَوۡفِہِمۡ  اَمۡنًا ؕ
"سندن خوف جي حالت کي، جيڪا هن وقت مٿن طاري آهي، کي لازمي طور امن ۾ بدلايو ويندو. "




ڏسبو ته اهو در اصل هڪ ئي مضمون جو تڪرار آهي. پر قران حڪيم جي تڪرار جي به  هڪ عجيب شان هوندي آهي، جيئن ڪنهن چيو آهي ته "هڪڙي گل جو مضمون هجي، ته ان کي سوين رنگن سان جوڙيو." قرآن حڪيم هڪ ئي مضمون کي مختلف اسلوبن ۾ بيان ڪيو آهي. مگر ان تڪرار سان قرآن حڪيم جي تاثير ۽ دلڪشيءَ ۾ ڪمي اچڻ  بدران وڌيڪ اضافو اچي وڃي ٿو.

وري جيڪو فرمايو وڃي ٿو ته "۽ انهن جي ان دين کي مستحڪم ڪندو، جيڪو هن انهن جي لاءِ پسند ڪيو آهي. " ته اها ساڳي ئي ڳالھ آھي، جيڪا سورۃ مائده ۾ آندي وئي آهي ته :

اَلۡیَوۡمَ اَکۡمَلۡتُ لَکُمۡ دِیۡنَکُمۡ وَ اَتۡمَمۡتُ عَلَیۡکُمۡ نِعۡمَتِیۡ وَ رَضِیۡتُ لَکُمُ الۡاِسۡلَامَ دِیۡنًا ؕ
" اڄ مون اوهان جي لاءِ اوهان جي دين جي تڪميل ڪري ڇڏي آهي ۽ توهان تي پنهنجي نعمت اتمام ڪري ڇڏي آهي ۽ توهان جي لاءِ اسلام کي ( قيامت تائين) دين جي حيثيت ۾ پسند ڪيو آهي."
(سورۃ المائدۃ : 3)

ظاهر آهي ته جنهن دين کي ﷲ پسند ڪيو آهي، اهو مغلوب نه رهندو. بلڪ ان کي غلبو ۽ استحڪام حاصل هوندو. ڄڻ ته اهو خلافت جي واعدي جي هڪ ڀيرو ٻيهر تاڪيد آهي.

ساڳي ڳالھ ٽيون ڀيرو هن ريت بيان ڪئي وئي آهي :

وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ خَوۡفِہِمۡ  اَمۡنًا ؕ
"سندن خوف جي حالت کي، (جيڪا هن وقت مٿن طاري آهي) کي لازمي طور امن ۾ بدلايو ويندو. "

سورۃ النور جي هيءَ آيت سنه 5 هجري جي آخر يا 6 هجريءَ  جي شروعات ۾ نازل ٿي هئي. جيئن ته اوهان کي ڄاڻ هوندي ته 5 هجري ۾ ئي غزوه احزاب پيش آئي هئي. جڏهن عرب جون مجموعي طاقتون تقريبًا هڪ مهيني تائين مديني جو سخت گهيراءُ ڪيون ويٺا هئا. ٻارهن هزار جو لشڪر مديني جي تمام ننڍڙي وسنديءَ تي حملہ آور هو. ٻئي پاسي مديني جي اندر يهودي الڳ سازشن ۾ مصروف هئا. مسلمانن مٿان سخت امتحان جو وقت هو. خود قرآن ڪريم انهيءَ صورتحال کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو :

 وَ زُلۡزِلُوۡا زِلۡزَالًا  شَدِیۡدًا ﴿۱۱﴾
"۽ ايمان وارا سختي سان لوڏايا ويا." 

ان ڳنڀير صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو ته منافقن جو نفاق سندن واتان ظاهر ٿي ويو. انهن جي اندر جو ڪينو ۽ بغض بالڪل عيان ٿي ويو. ان وقت اهو عالم هو، جو محسوس ٿيندو هو ته هڪ اونداهي رڻ ۾ هڪ روشن ڏيئو ٻري رهيو آهي، جنهن کي وسائڻ لاءِ چئن ئي طرفن کان آنڌي هلي رهي آهي. ڪڏهن خطرو محسوس ٿيندو هو ته هوازن جو وڏو قبيلو ڪاھون ڪندو اچي رهيو آهي. ڪڏهن خبر پوندي هئي ته نجد جا قبيلا هلائون ڪرڻ وارا آهن. ڪٿي اهو خوف هوندو هو ته خيبر جا يهودي نه حملو ڪري ڏين، يا ڏاکڻي عرب کان قرشين جو لشڪر نه اچي ڪڙڪي. اِهي هيون اُهَي خوف ۽ ڏهڪاء سان ڀريل حالتون، جن دوران بشارت ڏني وئي ته انهن جي هن خوف واري ڪيفيت کي امن ۾ تبديل ڪيو ويندو. 

آيت جو هي حصو انتهائي اهم آهي: 


یَعۡبُدُوۡنَنِیۡ لَا  یُشۡرِکُوۡنَ بِیۡ شَیۡئًا ؕ
( جڏهن آئون کين غلبو عطا ڪندس ته) هو منهنجي عبادت ڪندا ۽ مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه بڻائيندا. "

هتي سوال اڀري ٿو ته مسلمان ان دور ۾ به ﷲ جي عبادت ڪندا هئا ۽ ساڻس شرڪ نه ڪندا هئا، جڏهن هو خوف ۽ ڏهڪاءَ واري ماحول ۾ هئا، ته پوءِ دين جي غلبي ۽ خوف جي خاتمي سان" عبادت "کي ڇو جوڙيو ويو آهي? ان سوال جو جواب هي آهي ته توحيد ان وقت تائين اڻپوري آهي، جيستائين ﷲ جو دين غالب نه ٿو اچي وڃي. قرآن حڪيم ساڳي ڳالھ کي هن انداز ۾ بيان ڪيو آهي :

 وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ کُلُّہٗ  لِلّٰہِ ۚ 
" ۽ سارو دين ﷲ جي لاءِ ٿي وڃي..." غيرﷲ جي حاڪميت جي مڪمل طور نفي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ﷲ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي حاڪميت جو تصور ئي سڀ کان وڏو شرڪ آهي.

جيئن سورۃ المائده ۾ آهي ته :

وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾............... الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۴۵﴾.......... الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۴۷﴾ ( ۽ جيڪو ﷲ جي نازل ڪيل احڪامن مطابق حڪومت نه ٿو ڪري، اهو ئي ڪافر...... ظالم...... ۽  فاسق آهي.)  اهو ئي سبب آهي جو جيستائين خلافت جو نظام قائم نه ٿو ٿئي، تيستائين ماڻهون ته توحيد پرست ٿي سگهن ٿا، پر نظام بهرحال ڪافراڻو ۽ مشرڪاڻو رهندو. تنهنڪري توحيد جي تڪميل تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن مٿيان ٽي واعدا پورا نه ٿا ٿين. 

فسق ۽ ڪفر جي حقيقت:

آيت شريف جي پڄاڻي هنن لفظن سان ٿي رهي آهي :

وَ مَنۡ  کَفَرَ بَعۡدَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ  الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۵۵﴾
"۽ جيڪي  ان کان پوءِ به ڪفر ڪن، سي تمام سرڪش ماڻهون آهن."

هن آيت ۾ "فاسق" ان ئي معني ۾ آيو آهي، جنهن معني ۾ ابليس کي سورۃ ڪهف جي آيت نمبر 50 ۾ فاسق چيو ويو آهي : ((کَانَ مِنَ  الۡجِنِّ فَفَسَقَ عَنۡ اَمۡرِ رَبِّہٖ ؕ)) "هو جنن مان هو. پوءِ هن پنهنجي رب جي حڪم خلاف "فسق" (سرڪشي /بغاوت ) ڪيو. " چوڻ جو مقصد ته هتي فسق سرڪشي ۽ بغاوت جي معني ۾ آيو آهي.

۽ جيڪو ارشاد فرمايو ويو آهي ته "ان کان پوءِ جنهن ڪفر اختيار ڪيو" ته هن آيت ۾ ڪفر جو مفهوم به سمجهڻ ضروري آهي. ڪفر اصل ۾ ٻن معنائن ۾ ڪم ايندو آهي. هڪڙو ڪفر اصطلاحي آهي، جنهن جو مطلب اسلام، توحيد، رسالت جو انڪار ۽ دين جي ضروريات مان ڪنهن به هڪ جو انڪار ڪرڻ آهي. جڏهن ته بيون ڪفر اهو آهي، جيڪو شڪر جي ضد ۾ اچي ٿو. جيئن قرآن ڪريم ۾ ارشاد  آهي :

 لَئِنۡ شَکَرۡتُمۡ لَاَزِیۡدَنَّکُمۡ  وَ لَئِنۡ کَفَرۡتُمۡ  اِنَّ عَذَابِیۡ لَشَدِیۡدٌ ﴿۷﴾
"جيڪڏهن تون منهنجي نعمتن جو شڪر ڪندين، ته منهنجي طرفان انهن ۾ انهن ۾ وڌيڪ اضافو ايندو ۽ جيڪڏهن ڪفر (ڪفرانِ نعمت) ڪندين ته پوءِ (ياد رکو ته) منهنجو عذاب وڏو سخت آهي."
(سورۃ ابراهيم :7)

اهڙي ريت سورۃ لقمان ۾ به ڪفر، شڪر جي مقابلي ۾ آيو آهي. فرمانِ الاهي آهي :

وَ مَنۡ یَّشۡکُرۡ فَاِنَّمَا یَشۡکُرُ لِنَفۡسِہٖ ۚ وَ مَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۱۲﴾
" جنهن شڪر جي روش اختيار ڪئي ته ان پاڻ تي ڀلو ڪيو. ۽ جنهن ڪفرانِ نعمت اختيار ڪئي ته ( ان کي ڄاڻ هجڻ کپي ته) ﷲ غني ( حمد و شڪر کان بي نياز) آهي. هو حميد (تمام چڱين صفات سان خودمتصف) آهي."

پر سورة نور جي جنهن آيت تي اسان جي  ڳالھ ٻولهه هلي رهي آهي. ان ۾ ڪفر جون ٻئي معنائون مراد آهن، يعني :

1)" جڏهن اسلام جو غلبو اچي وڃي ٿو ۽ ان جي باوجود به ڪي ماڻهون ڪفر تي قائم رهن ٿا. سمجهو ته اهي شيطنت جا مجسما آهن." ڇو ته ڪفر جي غلبي جي حالت ۾ ڪي عذر ٿي سگهن ٿا ته ماڻهون مجبور آهي. حالتن جي دٻاءُ ۾ پيڙهيل آهي. اهڙي حالت ۾ ظاهر آهي  ته دين جي دامن کي   فقط ڪي  همت وارا صاحب ئي مضبوطي سان ٿامي سگهن ٿا. اهي ماڻهو ئي باطل سان ٽڪرائڻ جي همت ڪري سگهن ٿا. البته دين جي غلبي کان پوءِ اڪثريت لاءِ دين تي هلڻ بيحد سولو ٿي پوندو. تنهنڪري جيڪو ماڻهون غلبہءِ اسلام کان پوءِ به ڪفر تي ڄميو رهي، ته اهڙي ماڻهون ۾ ذري جيترو به خير موجود ناهي.

2) ان جو هڪ ٻيون مفهوم به آهي، جو اسان سان گهڻو متعلق آهي. اهو مفهوم هي آهي ته "اسان (يعني ﷲ پاڪ) طرفان ايترن پختن واعدن کان پوءِ به جيڪڏهن اوهان ظلم خلاف سندرا نه ٿا ٻڌو ته سمجهو ته اوهان اسان جي واعدن جي وڏي ناقدري ڪري رهيا آهيو."

البته اهو ياد رکڻ کپي ته هن آيت سڳوري ۾ جيڪي به واعدا ڪيل آهن، سي مشروط آهن. انهن سان ايمان ۽ عمل صالح جا شرط لاڳو آهن. هي واعدا نالي جي مسلمانن سان ناهن. جڏهن اسان ايمان ۽ صالح عمل جا واعدا پورا ڪنداسين ۽ انهن جا حق ادا ڪنداسين ته خلافت جو واعدو ﷲ پاڪ اسان تي پورو ڪندو.



Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ