راجا جيسينه
جيئن ته هو سنڌ جي آخري هندو برھمڻ راجا ڏاهر جو وڏو فرزند هو ۽ پيءَ سان گڏجي عرب مسلمان فاتحن سان لڙايون ڪيون هئائين. شايد انهي ڪري مٿس متعصباڻه نظر رکي وئي آهي. جيتوڻيڪ بعد ۾ هن اسلام پڻ قبول ڪري ورتو هو پر مورخن سندس مرتد ٿيڻ واري بي سند ڳالھ لکي، کيس بدنام ڪيائون. جنهن جي ترديد هي آرٽيڪل پڙهڻ کان بعد ٿي ويندي. ان سان گڏوگڏ هن حقيقت تي پڻ روشني وڌي ويندي ته راجا جيسينه جي زندگي ۾ سنڌ جي روايتن ۽ اصولن جون ڪيتريون نه جهلڪيون موجود آهن.
راجا جيسينه جي ڄمڻ بابت چچ نامي جي مصنف لکيو آهي ته هڪ دفعي راجا ڏاهر پنهنجي ڳورهاري زال سان گڏ شڪار تي ويو. جتي اوچتو هڪ خونخوار شينهن خيمي ۾ داخل ٿيو ۽ راڻي طرف وڌڻ لڳو. سپاهي کيس مارڻ لاءِ اڳتي وڌيا پر راجا ڏاهر کين روڪيو ۽ پاڻ اڪيلي سر شينهن جو مقابلو ڪيائين ۽ ماري وڌائينس. پر راڻي جو حراس ۾ اڳ ۾ ئي دم پرواز ڪري ويو ۽ پيٽ ۾ ٻار زنده رهجي ويو. جنهن کي ڏاهر تلوار سان پيٽ چيري صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو ۽ مٿس "جيسينه" نالو رکيائين. جنهن جي معني آهي "شينهن تي فتح لهندڙ". مير علي شير قانع ٺٽوي "تحفه الڪرام" ۾ لکي ٿو ته " جيسينه اڳتي هلي پنهنجي نالي وانگر بهادر ثابت ٿيو."
جيسينه جي پرورش شاهاڻي انداز ۾ ٿي. راجا ڏاهر ساڻس وڏي محبت ڪندو هو ۽ مٿس فخر هوندو هئس. مهاراجا ڏاهر کيس اسلامي سلطنت سان لڳ سنڌي صوبن تي گورنر مقرر ڪيو. جتي هن ڪيترائي ڀيرا عرب حملہ آورن کي شڪستون ڏئي پوئتي هٽايو. بديل بن طهفه ۽ عبدالله بن بنهان جهڙن وڏن عرب سالارن کي مات ڏئي وڏو نالو ڪمايائين ۽ سندس ڌاڪو سڄي هندوستان ۾ ويهجي ويو. 711ع ۾ حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ پوري تيارين سان هڪ لشڪر موڪليو ويو، جنهن سنڌ جي اهم بندرگاه ديبل کي گهيري ورتو . ان وقت راجا جيسينه نيرون ڪوٽ جو گورنر هو. جنهن کي جيئن ئي ان جو اطلاع مليو ته هن راجا ڏاهر کان عربن خلاف جوابي حملي جي اجازت گهري، پر راجا ڏاهر نجومين جي چوڻ تي نه صرف کيس منع ڪئي، بلڪ نيرون ڪوٽ ڇڏي پاڻ وٽ اچڻ جو حڪم ڏنائين. پيءَ جي حڪم جي ڪري کيس اتان نڪرڻو پيو ۽ نيرون ڪوٽ مٿان "راجا ٻجھيراء" کي حاڪم مقرر ڪيو ويو، جيڪو اڳ ۾ ئي حجاج جي فرمانبرداري ڪري چڪو هو. ديبل جي فتح بعد عرب لشڪر نيرون ڪوٽ کي فتح ڪري ورتو. ديبل جي فتح بعد راجا ڏاهر، ابن قاسم ڏانهن هڪ ڌمڪي آميز خط لکي موڪليو، جنهن ۾ چيائينس "هتان هليو وڃ، نہ ته سنڌ ۽ هند جي جوڌي جيسينه جي ور چڙهي ويندي، جيڪو مست هاٿين تي سوار ٿي وڙهندو آهي. هو توسان به بديل ۽ عبدالله جهڙو حشر ڪندو." راجا ڏاهر جي انهن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيسينه جي بهادري جو چرچو هرهنڌ عام هو. جيڪڏهن راجا ڏاهر جيسينه کي پاڻ وٽ گهرائڻ بدران جنگ جي اجازت ڏئي ها ته مسلمان ايتري سولائي سان ديبل ۽ نيرون ڪوٽ فتح نه ڪري سگهن ها. نيرون ڪوٽ کان بعد محمد بن قاسم سيسم ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن توڻي قلعن کي فتح ڪندو، سيوستان تائين پهچي ويو، سيوستان جي فتح کان پوءِ پاڻ سنڌ جي تختگاهه "راوڙ" ڏانهن وڌيو. وچ ۾ ٻيٽ نالي هنڌ تي راجا جيسينه جي قيادت ۾ سنڌين عربن سان مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ عربن کي ڪافي حد تائين نقصان پهتو، عربن ۾ انتشار پکڙجي ويو.

خود محمد بن قاسم به گهڻي کن لاءِ پنهنجا هوش وڃائي ويٺو ۽ پاڻي گهرڻ مهل چوڻ لڳو "پاڻي کارايو، پاڻي کارايو." بهرحال اڳتي هلي ابن قاسم مسلم لشڪر کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ سنڌين کي شڪست آئي. 10 رمضان 93ھ ۾ سنڌين ۽ عربن جي لشڪر ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي. هن جنگ ۾ راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ۽ سنڌ مٿان عربن جو قبضو ٿي ويو.
ان کان بعد راجا جيسينه سنڌين جي اڳواڻي ڪندو رهيو ۽ عربن مٿان مسلسل حملا ڪري، کين جاني توڻي مالي نقصان پهچائيندو رهيو. عربن هاڻي اروڙ ۽ ملتان فتح ڪري سڄي سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. راجا جيسينه ٿرپارڪر کان عربن مٿان اچانڪ حملا ڪري کين نقصان پهچائيندو رهيو. جنهن کي ڪچلڻ لاءِ محمد بن قاسم هڪ مقامي سردار موڪه بن وسايي کي موڪليو، جنهن کيس هندوستان وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
هاڻي جيسينه ڏاهر پنهنجي عيال جي رهيل ڀاتين ۽ ڪجه جانثارن سان گڏجي چترور ۽ ان کان بعد ڪيرج ۾ پناه ورتي. ڪيرج جي راجا دروهر سندس وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس پنهنجو پٽيلو سڏائين. راءِ دروهر جي درٻار ۾ سندس زالون ۽ ڌيئرون به ويهنديون هيون. جنهن ڪري راجا جيسينه پنهنجون نظرون هيٺ جهڪائي ويهندو هو. هڪ دفعي راجا کيس چيو ته " هي توهان جون مائرون آهن. انهيءَ ڪري اوهان کي نظرون جهڪائي ويهڻ جي ڪابه ضرورت ناهي."

هوڏانهن محمد بن قاسم جي وڃڻ بعد سنڌ ۾ مرڪز جو ڪنٽرول ڪمزور ٿي ويو، جنهن جو فائدو وٺي راجا جيسينه ٻيهر سنڌ آيو ۽ برهمڻ آباد ۽ آس پاس جي ٻين ڪجهه شهرن کي فتح ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪيائين. 718ع ڌاري حضرت عمر بن عبدالعزيز دمشق ۾ اسلامي سلطنت جو خليفو ٿيو. هن راجا جيسينه ۽ ٻين سنڌي هندو راجائن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلي. جيسينه خليفي جي اخلاق کان واقف هو، سو جلد ئي اسلام قبول ڪري، پاڻ تي "جليسا" نالو رکيائين. خليفي عمر بن عبدالعزيز رح به کيس برھمڻ آباد جو خودمختيار حاڪم تسليم ڪيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز رح جي وفات کان بعد پاڻ وڏي عرصي تائين سک سان حڪومت ڪندو رهيو. نيٺ هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ جنيد بن عبدالرحمان مري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ساڻس جيسينه جا اختلاف ٿي ويا. جيڪي اڳتي هلي جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتائون. پر جڏهن جيسينه ڏانهن جنيد چڙهائي ڪئي ته هن ڏانهنس پيغام موڪليو ته "آئون مسلمان آهيان ۽ عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز رح مونکي برھمڻ آباد جو پروانو ڏنو آهي." آخرڪار ٻنهي ۾ صلح ٿي ويو، پر ٻيهر ٻنهي ۾ ويڙه شروع ٿي ۽ جيسينه شهيد ٿي ويو.ان ظلم خلاف سندس ڀاءُ "چچ بن ڏاهر" خليفي کي فرياد ڏيڻ لاءِ دمشق وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس واٽ تي ئي گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. بلاذري جو چوڻ آهي ته جيسينه بعد ۾ مرتد ٿي ويو هو. پر جنيد ۽ جيسينه وچ ۾ ٿيل مڪالمي مان ان جي ترديد ٿئي ٿي. تنهن کانسواءِ تاريخ ۾ ان حوالي سان ڪوبه پختو ثبوت ڪونه ٿو ملي.
جيسينه جيستائين زنده رهيو، تيستائين عربن خلاف لڙايون ڪندو رهيو. سندس پيءُ قتل ٿي ويو. خاندان جا ڪيئي ڀاتي ۽ عزيز ڪٺا ويا. اقتدار هليو ويو ۽ ڪيترائي سال جلاوطني کي منهن ڏنائين پر ان جي باوجود به هن همت نه هاري. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو هن ۾ ڪيتري نه مستقل مزاجي، همت، بهادري ۽ ثابت قدمي ڀريل هئي.

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.