پهريون سنڌي مسلمان


.jpg



بانيء پاڪستان محمد علي جناح پنهنجي هڪ تقرير دوران چيو هو ته "پاڪستان انهي ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن هتان جو پهريون ماڻهو مسلمان ٿيو هو." بانيء پاڪستان جو اهو بيان ته هر ڪنهن ٻڌو هوندو، پر تمام گهٽ ماڻهن کي برصغير پاڪ و هند جي انهي سڀني کان "پهرئين مسلمان" شخص جي باري ۾ علم آهي. اوهان کي اهو ڄاڻندي پڻ خوشي ٿيندي ته برصغير ۾ سڀني کان پهريان اسلام قبول ڪرڻ واري شخصيت جو تعلق اسان جي سنڌ ڌرتي سان هو. کيس تاريخ "مولانا اسلامي" جي خطاب سان ياد ڪري ٿي. علامہ غلام مصطفي شاھ قاسمي صاحب سندس باري ۾ ئي هڪ هنڌ چيو هو ته " حضور ڪريم ﷺ جن جي عام تعليم جو اثر اهو ٿيو جو پهرين صدي جي پوئين ڏهاڪي ۾ جيڪو دنيا جو پهريون مولانا ٿيو، سو هن سنڌ جي خطي جي لاڙ واري علائقي ۾ پيدا ٿيو هو. " (ٽہ ماهي مهراڻ، جنوري-مارچ 1986/سنڌ-علم جو مرڪز)
مٿين ٻن نامور شخصيتن جي بيانن مان ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته حضرت مولانا اسلامي رحمہ ﷲ جي شخصيت سنڌ جي اسلامي تاريخ ۾ انتهائي اهميت جي حامل آهي. پر افسوس ته سندس باري ۾ اڄ تائين ڪنهن به محقق ۽ تاريخ نويس ڌيان نه ڏنو آهي. سندس باري ۾ پڻ انتهائي محدود ڄاڻ ملي ٿي، جنهن جو به ماخذ "چچ نامو" آهي. چچ نامي جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ مونکي سندس متعلق جيڪا معلومات ملي سگهي آهي، سان آئون هن مضمون ۾ لکي رهيو آهيان.
مولانا اسلامي، سنڌ جي مشهور تاريخي ۽ قديمي شهر "ديبل" ۾ ستين صدي عيسوي جي پڇاڻي ۾ ڄائو هو. سندس اصل نالو "قبلہ" هو، جڏهن ته سندس والد جو نالو "مهتراج" هو. چچنامي ۾ آهي ته "قبلہ ديبل جو ناميارو اديب، دانشور، ڏاهو، فلسفي ۽ ڪيئي ڪتابن جو مصنف هو." هن مان معلوم ٿئي ٿو ته قبلہ اسلام کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا. ٿي سگهي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به هن ڪجھ ڪتاب لکيا هجن. پر افسوس، جو اڄ اسان وٽ نه اهي ڪتاب موجود آهن، نه انهن جا نالا معلوم آهن. قبلہ بن مهتراج راجا ڏاهر جي حڪومت ۾ ديبل جي مرڪزي قيدخاني جو نگران اعلي پڻ هو. جڏهن سريلنڪا کان عرب ويندڙ مسلمانن کي سنڌي سپاهين قيد ڪيو، ته انهن کي پڻ سندس نگراني ۾ ديبل جي مرڪزي قيدخاني ۾ قيد ڪيو ويو هو. ان دوران قبلہ کي مسلمانن جي طور طريقي ۽ عبادتن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. شايد ان دوران هن انهن قيدين وٽان قرآن پاڪ ۽ ٻين اسلامي تعليمات پڻ سکي هوندي. جنهن جو مٿس تمام گهرو اثر ٿيو ۽ پاڻ اندروني طور اسلام جو قائل ٿي چڪو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو مسلمان قيدين کي آٿت ڏيندي ايترو به چوڻ لڳو هو ته "اوهان دلجانء ڪريو. مسلمانن جو خليفو اوهان جي بازيابي لاءِ ضرور ڪو لشڪر موڪليندو." نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جڏهن سنہ 712ع ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻي هيٺ مسلمانن سنڌ تي ڪاھ ڪري ڏني ۽ ديبل کي فتح ڪري ورتو. شهر جي فتح کان پوءِ هنن مسلمان قيدين کي رها ڪيو. اڻڄاڻائي ۾ محمد بن قاسم قبلہ کي پڻ گرفتار ڪيو ۽ کيس سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيو. پر بعد ۾ جڏهن قيدين سندس حسن سلوڪ ۽ مروت جو ذڪر ڪيو ۽ سندس سفارش ڪئي ته بن قاسم قبلہ کي آزاد ڪري ڇڏيو. قبلہ مسلمانن جي انهي حسن سلوڪ کان متاثر ٿي نيٺ اسلام قبول ڪري ورتو. هاڻي سندس نالو قبلہ مان ڦيرائي "مولائي اسلام" رکيو ويو. جڏهن ته ديبل جي نسبت سان "ديبلي" به سڏيو ويو ٿي. پر اڪثر تاريخ نويسن هن کي "مولانا اسلامي" ڪري لکيو ۽ پڙهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چچ نامي جي سنڌي ترجمي جي حاشيي ۾ لکيو آهي ته "مولائ اسلام نالو ئي درست معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته انهي وقت مولانا جو خطان ۽ اسلامي جو نالو ٻئي ناپيد هئا."
غازي محمد بن قاسم سندس قابليت ۽ صلاحيتن کي ڏسندي کيس ديبل جي نئين ناظم جو نائب ۽ ايلچي مقرر ڪيو. ان دوران هن ديبل جي نئين مسلمان حڪمران جي هر طرح سان رهنمائي ڪئي. انهي کانسواءِ اسلام جو وڌيڪ مطالعو ڪرڻ ۽ اسلامي تعليمات کي مڪمل طور پنهنجي دل ۾ سمائڻ جي جستجو ڪندو رهيو. راوڙ جي فيصلہ ڪن جنگ ۾ پڻ شريڪ هو. سيوستان جي فتح کانپوء جڏهن اسلامي لشڪر ۽ راوڙ جي قلعي جي وچ ۾ سنڌو درياھ رڪاوٽ بڻجڻ لڳو ته محمد بن قاسم ڪنهن شامي کي پنهنجي طرفان راجا ڏاهر ڏانهن سفير بڻائي موڪليو ۽ ساڻس مولائي اسلام ديبلي رحہ کي ترجمان جي حيثيت سان موڪليائين. ٻئي ڄڻا جڏهن راجا ڏاهر جي درٻار ۾ پهتا ته هو دستور مطابق راجا ڏاهر جي آڏو نه جھڪيا. اها ڳالهه راجا ڏاهر کي پسند نه آئي. خاص ڪري مولائي اسلام جي عمل کي هو پنهنجي توهين سمجهڻ لڳو، ڇو ته هو نه صرف سندس رعيتي هو، بلڪ سندس سرڪاري ملازم پڻ رهي چڪو هو. راجا ڏاهر کيس چوڻ لڳو :
"تو درٻاري آداب مطابق پنهنجو سر ڇو نه نوايو آهي، ڇا تو کي ان کان منع ڪيو ويو آهي?"
مولائي اسلام جواب ڏنو ته "جيستائين آئون تنهنجو رعيتي هئس، ته درٻاري آداب بجا آڻيندو هئس. پر هاڻي مسلمان هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجي وفاداري خليفہ اسلام سان آهي. هاڻي مون مان اها توقع نه رک ته آئون ﷲ جي اڳيان جهڪڻ بدران تو جهڙي ڪافر جي آڏو جهڪندس. "
راجا ڏاهر کي اهو جواب انتهائي سخت لڳو. هن ڪاوڙ واري لهجي ۾ جواب ڏنس ته" جيڪڏهن تون سفير ٿي نه اچين ها ته تونکي قتل ڪرائي ڇڏيان ها. "
مولائ اسلام جواب ڏنو :" منهنجي قتل ٿي وڃڻ سان مسلمانن کي ڪوبه نقصان نه رسندو. البته هو منهنجي موت جو قصاص تونکان ضرور وٺندا."
هاڻي راجا ڏاهر ڪوبه جواب نه ڏنو. شامي سفير هاڻي محمد بن قاسم جو پيغام پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن جو مولانا اسلامي سنڌي ۾ ترجمو ڪندي چيو ته " اوهان درياھ پار ڪري اسان سان ويڙه ڪريو يا اسان کي درياھ پار ڪري هن طرف اچڻ ڏيو ته جيئن اوهان سان روبرو ٿي وڙهون. "
راجا ڏاهر پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن سان صلاح مشوري کان پوءِ سفير کي چيو ته " اوهان درياه پار ڪري هن پار اچو."
ان کان پوءِ اهو پيغام شامي سفير ۽ مولانا اسلامي کڻي محمد بن قاسم وٽ آيا. جنهن کان پوءِ مسلمانن سنڌو درياھ پار ڪري راوڙ جي قلعي جي ويجهو پهتا. جتي 10 رمضان سنہ 93 هجري تي عربن ۽ سنڌين جي لشڪر جي وچ ۾ فيصلہ ڪن جنگ لڳي. مولانا اسلامي به ان جنگ ۾ شريڪ هو. نيٺ راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ سنڌ اسلامي سلطنت جو حصو بڻجي وئي. تنهن کان پوءِ مولانا اسلامي جو ڇا ٿيو، ان باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ