تعصب کي هيئن ختم ڪيو وڃي!
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪا اڄ جي ڳالھ ناهي، پر هميشه کان سنڌ ۾ ٻاهران ماڻهو ايندا رهيا آهن. ڪنهن وقت آريا وچ ايشيا کان لڏپلاڻ ڪري هتي پهتا هئا. سڪندر جي وقت ۾ ڪي يوناني قبيلا هتي رهائش پذير ٿيا هئا. ايران مان ڪيئي دفعا مختلف گروه لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا هئا. انهن وسيلي ئي هتي زردشت مذهب پکڙيو. بهمناباد( برهمڻ آباد ) جو شهر به ايرانين تعمير ڪيو هو. محمد بن قاسم جي اچڻ سان وڏي تعداد ۾ عرب قبيلا هتي آباد ٿيا. ان کان بعد به ترڪ، منگول، آفريڪي، افغاني ۽ ٻيون به سوين قومون هتي اينديون رهيون آهن . پر انهن سڀني مان ڪنهن به ڌر مقامي ماڻهن کان پاڻ کي مٿاهون نه سمجهيو. نه ئي الڳ صوبي يا رياست جي گهر ڪيائون. بلڪ سنڌين ۾ جذب ٿي هتان جي ثقافت، ٻولي ۽ تهذيب اپنائي ورتائون. ساڳي وقت ان جي ترقي ۽ تعمير ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائون. ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏي تعداد ۾ بلوچ قبيلا سنڌ ۾ اچي فوج ۾ ڀرتي ٿيا. هنن سنڌ ۽ سنڌين جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وري جڏهن بلوچن مان ٽالپر قبيلي ڪلهوڙن سان بغاوت ڪري سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ته ان کان بعد به هنن مقامي ريتن ۽ رسمن کي اپنايو ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهندا رهيا
موجوده مهاجرن سان اسان جي شڪايت سندن مقامي ماڻهن سان ڪيل منفي سلوڪ آهي. هو آيا ته پناهگير ٿي، پر هتي اچي فاتح سڏائڻ لڳا. هنن ۾ بهاري، بنگالي، گجراتي، ڪڇي، آسامي، مارواڙي، حيدرآبادي نسلن سان واسطو رکندڙ گروه هئا، جن جو اردو سان پري جو به تعلق نه هو، پر ان جي باوجود به "اردو" کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي ان کي مقامي قديم ۽ شاهوڪار "سنڌي ٻوليءَ" تي فوقيت ڏيڻ لڳا. سنڌين کان سندن ڪراچي کسڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، سنڌين کي ذبح ڪرڻ شروع ڪيائون. ايتري قدر جو اڳتي هلي "مهاجر صوبي" جو نعرو لڳائڻ شروع ڪري ڏنائون. مهاجرن کي ايئن هرگز نه ڪرڻو هو ۽ هو ايئن هرگز نه ڪن ها، جيڪر اسٽيبلشمينٽ اهڙو ماحول پيدا نه ڪري ها.
هن وقت به موقعو آهي ته اهڙا اپاء ورتا وڃن جو سنڌي - مهاجر فتني جو دائمي طور خاتمو ٿي وڃي ۽ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃن.
ان لاءِ بهتر رهندو ته سڄي دنيا جي پناهگيرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لوڌڻ بدران اسلام آباد، لاهور، سيالڪوٽ، بهاولپور، ڪوئيٽا، پشاور، ملتان ، ڊيرا غازي خان، بنون ۽ ٻين شهرن ۾ به آباد ڪرايو وڃي. کين مقامي صوبائي ٻوليون سکڻ ۽ ڳالهائڻ جو پابند بڻايو وڃي. پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ به ڪارخانا ۽ ٻيا صنعتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ته جيئن اتي جي ماڻهن کي سنڌ يا ٻين صوبن ۾ اچڻ جي ضرورت نه پئي ۽ پنهنجي صوبي اندر ئي روزگار ملي وڃي. هر ان جماعت يا گروه تي پابندي عائد ڪئي وڃي، جيڪا اهڙي قسم جي تضادن ۽ تڪرارن کي هٿي ڏئي رهي آهي. گڏوگڏ انهن مهاجرن کي گهرجي ته مقامي ماڻهن سان ميل جول ۽ رابطو قائم رکن. مقامي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ساڳي وقت سنڌين تي به اها ذميواري ٿئي ٿي ته هو مهاجرن جي ڪري پنهنجي ٻولي ڇڏڻ بدران اهڙو ڪجھ ڪن جو مهاجر سندن ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن. انهي لاءِ اوهان کي پنهنجي زبان کي ترجيح ڏيڻي پوندي. اوهان جن مهاجرن، پنجابين يا غير سنڌين سان لھ وچڙ ۾ آهيو. انهن جي آڏو پنهنجي ٻولي، ثقافت، روايتن ۽ رهڻي ڪهڻي پيش ڪريو ۽ انهن جون خوبيون بيان ڪريو. کين سنڌ جي تاريخي توڻي ثقافتي ماڳ مڪانن جي سير ڪرايو. کين سنڌي ثقافتي ڏهاڙن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيو. ان سان هنن مان سنڌين خلاف پيدا ٿيل تعصب جي خاتمي ۾ وڏي مدد ملندي. هو ازخود سنڌ ۽ سنڌي روايتن ۽ ٻولي ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندا. اهڙيءَ طرح عصبيت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ سنڌي مهاجر فسادن جو خاتمو اچي ويندو.

Comments
Post a Comment
هن مضمون بابت پنهنجا ويچار هيٺ ونڊيو. مهرباني ڪري اخلاقي حدن ۾ رهي تبصرو ڪريو.