خلفاءِ راشدين جي پيروي ڪندڙ هڪ سنڌي حڪمران - حضرت ڄام نظام الدين نندو رحمۃ اللہ علیہ



سنڌ مٿان ٽي اهڙا حڪمران حاڪم ٿي گذريا آهن، جن جي طرز حڪمراني خلفاء ِ راشدين جي نموني تي هئي. 

جن ۾ سڀني کان پهريون نالو حضرت عمر بن عبدالعزیز رحمۃ اللہ علیہ جو آهي. انهي کان پوءِ ٻئي نمبر تي سمن جي دور جو سلطان ڄام نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو رحہ اچي ٿو. جڏهن ته آخري نالو آهي مشهور مغل شهنشاھ سلطان اورنگزيب عالمگير رحمۃ اللہ علیہ. پر انهن راشدي حڪمرانن ۾ ڄام نظام الدين سمو واحد بادشاھ هو، جيڪو سنڌي هو ۽ آزاد سنڌ جو خودمختيار حڪمران هو. اتفاقن هن جي حڪومت جو عرصو به سلطان اورنگزيب جي حڪومت وانگر 49 سالن جي لڳ ڀڳ رهيو آهي.

ڄام نظام الدين رحہ، جنهن کي سنڌي عوام پيار مان "ڄام نندو" به سڏيندا آهن، جو تعلق سنڌ جي سما حاڪمن مان هو. جن جي دور ۾ سنڌ اقتصادي، معاشي، علمي، واپاري، ادبي ۽ تمدني لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي هئي. موجوده دور ۾ دين بيزار طبقي جون ڪوششون آهن ته سما ڄامن کي ڪنهن به طرح سان دين بيزار ۽ لبرل حڪمران ثابت ڪيو وڃي. انهي مقصد لاءِ هنن ڄام نظام الدين ثاني جي تاريخ کي خاص طور مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس خاص وزير ۽ صلاحڪار نواب دولھ دريا خان ۽ سندس درٻاري عالم مخدوم بلاول شهيد رحمۃ اللہ علیہ جي باري ۾ به غلط ڳالهيون ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان حالت ۾ اسان جو فرض آهي ته سنڌ جي حقيقي تاريخ کي عوام آڏو آڻيون. خاص طور سومرن ۽ سمن جي دور جي اسلامي معاشري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
ڄام نندي جو رجحان ننڍپڻ کان وٺي علم ۽ مطالعي طرف هو. اهو ئي سبب آهي جو هو اڪثر وقت يا ته ڪتب خانن ۾ ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪندو هو يا اهل علم جي صحبت ۾ گذاريندو هو. جهڙي طرح مغل شهزادي داراشڪوه جو طرز هوندو هو. پر دارا شڪوه ۽ ڄام نندي ۾ ڏينهن رات جو فرق هو. دارا شڪوه کي مطالعي زنديق بڻائي ورتو هو. جڏهن ته ڄام نظام الدين نندو مطالعي جي ذريعي موحد ۽ ديني مزاج رکندڙ بڻجي ويو هو ۽ سندس طرز فڪر دارا شڪوه جي ڀاءُ اورنگزيب عالمگير جهڙو بڻجي چڪو هو. ايترو ضرور آهي ته اورنگزيب جي دور ۾ هندستان جي اها صورتحال ڪونه هئي، جو اورنگزيب کي دين نافذ ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ها. تنهنڪري هن کي شريعت جي احياء لاءِ مجبورن پنهنجي ڀائرن ۽ پيء سان جنگ ڪرڻي پئي هئي. جڏهن ته ڄام نظام الدين نندي جي وقت جا حالات اهڙا بگڙيل نه هئا. ڇاڪاڻ ته انهي وقت سنڌ ديني عالمن جي فيض ڪري مڪمل طور اسلامي طرز اختيار ڪري چڪي هئي ۽ سنڌ جا سما ڄام پڻ ديندار هوندا هئا. پر ڄام نظام الدين انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ متقي، عابد، زاہد، عالم ۽ موحد هو.


پاڻ 866 هجري ۾ سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو. ان وقت سنڌ جو تخت گاه ساموئي هو. پاڻ سڀ کان پهريان ساموئي کان بکر طرف روانو ٿيا ۽ اتي امن امان قائم ڪرڻ ۽ باغين کي سيکت ڏيڻ کان بعد پنهنجي غلام دلشاد کي بکر جو ناظم مقرر ڪيائون ۽ واپس ساموئي آيا ۽ سموري ملڪ ۾ شريعت جو باقاعده احياء شروع ڪيائون. شراب، ناچ، گانن ۽ موسيقي جي آلات تي پابندي مڙهيائون. ماڻهن کي نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، قران پاڪ طرف رغبت ڪرڻ ۽ شريعت تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏنائون. سندس انهي طريقي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪوبه بي نمازي نه بچيو. سڄي سنڌ دينداري جي رنگ سان رنڱجي وئي هئي. انهي کان سواءِ ملڪ ۾ عدل و انصاف ۽ امن امان پڻ قائم ڪيائون. سڄي سنڌ ۾ مدرسا ۽ درسگاهون قائم ڪيائون ۽ عالمن جي همت افزائي ڪيائون. رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته "ڄام نندي جي علم پروڙي جي هاڪ ٻڌي خراسان ۽ ايران کان ڪيترائي عالم ٺٽي ۾ رهڻ لڳا جنهن ڪري ستت ئي شهر ايشيا جو دارالعلوم بڻجي ويو." (جنت السنڌ، ص:
302)

سندس انصاف جي باري ۾ هڪ واقعو پيش ڪيو ويندو آهي ته هڪ ڀيري پاڻ ڪنهن جهنگ کان گذري رهيا هئا ته رستي ۾ ڪٿي ماڻهن جا ڍانچا ڏٺائون. پاڻ ان تي حيران ٿي ويا ۽ انهن جي تحقيقات جو حڪم ڏنائون جنهن تي خبر پئي ته هو واپاري هئا، جن کي ڪجهه سال اڳ ڌاڙيلن ڦريو هو ۽ کين قتل ڪري ڇڏيو هئائون. پاڻ انهن ڌاڙيلن کي تلاش ڪري انهن کي سزائون ڏنائون ۽ سمورو مال وصول ڪري انهن مقتولن جي وارثن کي تلاش ڪري انهن کي انهن جو ڦريل سامان واپس ڏنائون. هن واقعي کي تاريخن ۾ جيتوڻيڪ ڪرامتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پر لڳي ٿو ته تاريخدانن مبالغه آرائي کان ڪم ورتو آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن ڪجهه ٿيو هوندو. (واللہ اعلم) سندس تقوي ۽ پرهيزگاري متعلق هڪ مثال هي آهي ته ٺٽي جي هڪ بزرگ قاضي عبدالله وفات ڪئي. وفات کان اڳ ۾ هن وصيت ڪئي هئي ته منهنجي نماز جنازہ اهڙو ماڻهو پڙهائي، جنهن سڄي زندگي ۾ نه ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڏٺي هجي، نه ئي ڪڏهن وضوع کان بغير آسمان ڏانهن ڏٺو هجي. اهڙي شخص جي تمام گهڻي تلاش ڪئي وئي، پر ڪوبه اهڙو شخص نه مليو. تڏهن ڄام نندو رحہ اڳتي آيو ۽ هن چيو ته "اهڙو شخص مان آهيان. جيڪڏهن قاضي صاحب جي وصيت جو خيال نه هجي ها ته جيڪر مان هي راز ڪڏهن به نه کوليا ها." اهڙي طرح ڄام صاحب سندس نماز جنازہ پڙهي. محترم اعجاز الحق قدوسي صاحب پنهنجي تاريخ سنڌ ۾ ماثر رحيمي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته "ڄام نندي جهڙو ديندار، متقي ۽ فضيلت وارو صرف سنڌ ۾ نه. پر پوري هندستان ۾ انهي وقت ڪوبه شخص نه هو. " (سنڌ جي تاريخ، اعجاز الحق قدوسي، مترجم :خالد وسير، صفحه:226).


پاڻ هر هفتي گهوڙن جي اصطبل ۾ وڃي گهوڙن جي پيشاني تي هٿ گهمائي چوندا هئا، ته "اي غازيو! دعا ڪريو ته مان جڏهن به اوهان جي مٿان سوار ٿيا ته صرف الله جي راه ۾ جهاد ڪرڻ خاطر سواري ڪيان. دعا ڪريو ته ڪڏهن به ناحق لاءِ اوهان جي مٿان سوار نه ٿيا ۽ منهنجا هٿ مسلمانن جي ناحق قتل سان نه رنگجن."


هن واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته امت مسلم سان سندن بي انتها محبت هوندي هئي. هميشه هن ڳالھ جو اونو هوندو هئس ته منهنجي هٿان ڪنهن به ناحق مسلمان جو رت نه وهي. جڏهن ته انهي دور ۾ ٻيا مسلمان حاڪم اقتدار وڌائڻ لاءِ ٻين مسلمان ملڪن مٿان حملا ڪندا هئا ۽ اقتدار خاطر لکين مسلمانن جو ناحق رت وهائڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا هئا. ان مان واقعي ماثر رحيمي جي مٿين شاهدي جي تصديق ٿئي ٿي. ڄام نندي رحہ پنهنجي سمورن پاڙيسري مسلمان ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا هئا. ملتان جي لانگاهه حاڪمن ۽ گجرات جي مظفريه سلاطين سان سندس گهرا دوستاڻا لاڳاپا هئا. سندس انهي روش جي ڪري هر طرف امن امان قائم هو. سنڌ ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو دور چالو هو. 


سنه 900 هجري ۾ پاڻ ساموئي کي ڇڏي ٺٽي کي پنهنجو تختگاھ بڻايائون ۽ سندس نئين سر تعمير ڪيائون. ٺٽي ايتري ترقي ڪئي جو ايشيا ۾ هو بغداد ۽ قرطبہ جو ثاني بڻجي ويو هو. 1485ع ۾ شاھ بيگ ارغون جي سپھ سالار ابو محمد مرزا سنڌ مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه، ڪوٽ ماڇي ۽ ٻين شهرن کي تاراج ڪندو اڳتي وڌنڌو ويو. ڄام نندي رحہ ارغونن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي سپھ سالار ۽ سنڌ جي عظيم سورمي نواب دولھ دريا خان کي روانو ڪيو. جنهن سيوي جي جنگ ۾ ارغونن کي عبرت ناڪ شڪست ڏني ۽ شاھ بيگ جو ڀاءُ ابو محمد قتل ٿي ويو. انهي شڪست کان پوءِ شاھ بيگ کي ٻيهر سنڌ مٿان حملي جي جرئت تيستائين نه ٿي، جيستائين ڄام نندو رحہ زنده 
هو.

 
سنه 914 هجري بمطابق 1508ع ۾ سنڌ جي هن عظيم حڪمران جي سايي کان سنڌي عوام محروم ٿي ويو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو. پر هي پنهنجي پيء جي ابتڙ عياش هو ۽ حڪومتي ڪاروهنوار طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنائين. جنهن ڪري سنڌ ۾ بدعنواني ۽ خانه جنگين جنم ورتو. ان مان فائدو وٺندي ارغونن ٻيهر ڪاه ڪري ڏني ۽ 1520ع ۾ شاھ بيگ ارغون هٿان سنڌ ۾ سمن جي حڪومت پڄاڻي تي پهتي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ راوت خان لغاري جي مختصر تاريخ

ڇا اڄ جا مسلمان خلافت لاءِ تيار ناهن؟

فقير دولهه دريا خان ڪلهوڙو:ڳوٺ وسايو جانوري (تعلقه ميهڙ) جي تاريخي ۽ صوفياڻي سڃاڻپ